17 اڱارو , آڪٽوبر 2017

12 مئي سانحي جون سموريون حقيقتون سامهون اچي چڪيون آهن: مصطفيٰ ڪمال

mustafa And Naeemڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪ سر زمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته 12 مئي سانحي جون سموريون حقيقت سامهون اچي چڪيون آهن. ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جي اڳواڻن سان ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان آسائشون نه پر شهرين جي لاءِ حقن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، شهر ۽ ان جي واسين کي سندن سمورا حق ملڻ گهرجن.  ائين نٿو ٿي سگهي ته اڌ شهر کي پيئڻ جو پاڻي ملي ۽ اڌ شهر ان کان محروم هجي. هن وڌيڪ چيو ته اسان مڪاني ادارن جي اختيارن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون ۽ عوام جي مسئلن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، پنهنجن 16 مطالبن کان پوئتي نه هٽنداسين. ان موقعي تي جماعت اسلامي جي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته جماعت اسلامي به شهرين جي مسئلن جي لاءِ آواز اٿاري رهي آهي ۽ اڳتي به اٿاريندي. شهرين کي سندن جائز حق ڏيارڻ جي لاءِ پي ايس پي سميت ٻين پارٽين سان به گڏيل حڪمت عملي بنائڻ جي لاءِ تيار آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪي ڊرون حملا پاڪستاني حدن ۾ ناهن ٿيا: پرڏيهي وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير خواجا آصف دعويٰ ڪئي آهي ته تازا آمريڪي ڊرون …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي