23 اڱارو , مئي 2017

مستونگ جو خطرناڪ قاتلاڻو واقعو

                         پاڪستان ۾ ٿوري ٿوري ساهيءَ کانپوءِ دهشتگردي جي خطرناڪ واقعن سان عوام جي اڏجندڙ همت وري وري زخمي ٿي پئي ٿي. انهن خطرناڪ عوام دشمن واقعن کي هرحال ۾ ۽ هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جا جيستائين جوڳا بندوبست نه ٿا ڪيا وڃن، تيستائين پاڪستان جي عوام ۾ ڊڄ ۽ ڊپ ڊاءَ جو سايو موجود رهندو ۽ اهو ملڪ جي عوام کي نفسياتي ڌٻڻ ۾ قابو رکڻ جو خطرناڪ اوزار رهندو.

بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا کان 147 ڪلوميٽر پنڌ تي مستونگ شهر  ۾ قافلي تي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين مولابا عبدالغفور حيدري زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 25 ڄڻا مارجي ويا. جڏهن ته 35 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. مستونگ ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدريءَ جو قافلو هڪ مدرسي ۾ دستاربندي جي تقريب کانپوءِ واپس وڃي رهيو هو ته آپگهاتي بمبار گاڏين جي ويجهو اچي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. ڌماڪي جي نتيجي ۾ مولانا عبدالغفور حيدري زخمي ٿي پيو، جڏهن ته 25ڄڻا موقعي تي ئي مارجي ويا. جڏهن ته 35 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. زودار ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي گاڏيون پڻ تباهه ٿي ويون. ڌماڪي ۾ مولانا عبدالغفور حيدري جو اسٽاف آفيسر افتخار مغل ۽ ڊرائيور به مارجي ويا. واقعي کانپوءِ مولانا عبدالغفور حيدري ۽ ٻين  زخمين کي ڊسٽرڪٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڌماڪي کانپوءِ ليويز جي وڏي نفري علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو جڏهن ته اسپتالن ۾ هنگامي حالتون لاڳو  ڪيون ويون. پوليس موجب ڌماڪي جي شديد زخمين کي ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو. ڊي پي او مستونگ موجب ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل مولانا عبدالغفور حيدري کي سي ايم ايڇ ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو.

سينيٽ جي چيئرمين رضا رباني ان قاتلاڻي حملي ۾ 25 ڄڻن جي شهيد ٿيڻ  واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد ايوانن ۾ موجود ميمبرن کي هيسائڻ جون جيڪي به ڪوششون ڪندا انهن ۾ هو ناڪام ويندا. ملڪ جا جمهوري ايوان انهن حملن کان نه ٿا ڊڄن.

ٻئي پاسي وزيراعظم نواز شريف، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري،  بلوچستان جي وڏي وزير ثناالله زهري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پنجاب جي وڏي وزير ميان شهباز شريف، مولانا فضل رحمان، بلوچستان جي گورنر محمد خان اچڪزئي، سينيٽر سراج الحق، راشد محمود سومرو، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي، نوبل انعام ماڻيندڙ ملالا يوسفزئي ۽ ٻين آپگهاتي ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي. هنن مولانا سميت سمورن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ نيڪ خواهشون ظاهر ڪيون آهن.

ڇنڇر 13 مئي 2017ع،  15 شعبان المعظم 1438 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

تاج حيدر درست يا غلط پر سنڌ ته غرق ٿئي پئي

                         پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر ۽ نامياري سياستدان سينيٽر تاج حيدر چيو آهي ته ڪوٽڙي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي