19 خميس , آڪٽوبر 2017

10 ورهيه اڳ ٿيل قتلام جي ياد ۾

                         اڄ کان 10 ورهيه اڳ، جنرل پرويز مشرف جي آمريت جي اٺين سال ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي وڏ وزارت ۾ ايم ڪيو ايم جي شريڪ سنڌ سرڪار 12 مئي 2007ع تي ڪراچي شهر جي سڀ کان مشهور روڊ ”شاهراهه فيصل“ کي ڪوس راهه بڻائي ڇڏيو هو. ان ڏينهن تي مختلف نسلن ۽ زبانون ڳالهائيندڙ گهٽ ۾ گهٽ 52 ڄڻا قتل ڪيا ويا. ميڊيا هائوسز تي ، ميڊيا رپورٽرن تي، سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي حملا ڪيا ويا. ان 12 مئي کي اڄ 10 ورهيه پورا ٿيا آهن.

ڪالهه سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ 12 مئي سانحي خلاف سنڌ جي سينئر وزير نثار احمد کهڙي مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن کي ايوان ۾ منظور ڪيو ويو. ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو ته ايوان عدليه جي آزادي لاءِ نڪتل جلوس تي فائرنگ جي مذمت ڪري ٿو. 12 مئي سانحي تي بحث دوران ايم ڪيو ايم ايم پي اي فيصل سبزواري چيو ته رڳو ٺهراءَ سان ڪجهه نه ٿيندو، انصاف ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته 10 سال گذري ويا آهن، 50 مقتولن جي خون سان انصاف ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته 12 مئي ڪميشن سامهون حقيقتون پيش ڪيون ويون.

پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي چيو ته 12 مئي تي هوائي اڏي طرف ويندڙ  ماڻهن کي ماريو ويو. آجيان لاءِ ويندڙ شهرين کي بنا جواز نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته ان ڏينهن کي ڪڏهن وساري نه ٿو سگهجي. ماڻهن جي قتلام کان پوءِ جنرل پرويز مشرف 12 مئي سانحي کي مڪا لوڏي طاقت جو مظاهرو قرار ڏنو هو. هن چيو ته 12 مئي تي ڪالا پل وٽ انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي، پوليس اهلڪار تماشو ڏسندا رهيا ۽ لاش ڪرندا رهيا، تنهن وقت شهر تي هڪ آمر جو قبضو هو.

قومي عوامي تحريڪ سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته عدليه کي 12 مئي سانحي جي جوابدارن کي انجام تائين پهچائڻ گهرجي، هن چيو ته 2007 بعد پيپلز پارٽي 10 سال اقتدار ۾ رهي پر ڏوهاري گرفتار نه ٿيا. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار چيو آهي ته 12 مئي سانحو ملڪ جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن هيو، 12 مئي سانحي جو الزام ايم ڪيو ايم تي لڳائي سموريون سياسي پارٽيون پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهيون آهن، سياسي بنيادن تي ايم ڪيو ايم خلاف محاذ کوليو ويو آهي، ايم ڪيو ايم جي 100 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي 12 مئي جي واقعن ۾ ملوث ڪيو ويو، 12 مئي سانحي جي جڊيشل ڪميشن جي رپورٽ کي عوام سامهون آندو وڃي، ڪيسن ۽ الزامن سان انصاف جون گهرجون پوريون نه ٿينديون.

12 مئي رڳو 2007ع ئي واقعو نه هيو پر ان سان گڏ 12 مئي جي لاءِ آواز اٿاريندڙ هر وڪيل ۽ سياسي ڪارڪن عتاب جو نشان بڻيا. جيڪو به هٿ اُڀو ٿيو، اهو ڪاٽيو ويو. اهو واقعو هر معنا ۾ ايم ڪيو ايم جو ڪرايل واقعو هيو، جنهن جو مقصد ظاهري طور جنرل پرويز مشرف جي مدد ڪرڻ هيو، جنهن خلاف وڪيل ۽ سياسي پارٽيون وڏي جدوجهد شروع ڪري چڪيون هيون.

اڄ 10 ورهين کان پوءِ پاڪستان هڪ ملڪ طور ۽ سنڌ هڪ صوبي طور ان ڏينهن جي واقعي جي حوالي سان ٻه ڪم ڪري سگهن ٿيون. هڪ ته ان واقعي جي سببن ۽ قاتلن کي ظاهر ڪري انصاف ڪيو وڃي ۽ ٻيو ته مقتولن جي سهائتا ڪئي وڃي.

ڇنڇر 13 مئي 2017ع،  15 شعبان المعظم 1438 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

بدعنوانين، بي قاعدگين ۽ بي ضابطگين جي خاتمي جي ضرورت

پاڪستان جي آڊيٽر جنرل جي رپورٽ مطابق نيشنل هاءِ وي اٿارٽي طرفان ملڪ اندر مختلف …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي