19 خميس , آڪٽوبر 2017

تنقيدي ڪتاب “اک اُلٽي ڌار” تي هڪ نظر:عاجز غلام رسول ابڙو

سنڌي ادب ۾ تنقيد نگار تمام گهٽ آهن ان جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڪوئي ڪنهن تي آڱر کڻڻ لاءِ تيار ئي ناهي يا ته دوستي بنيادن تي رياءُ ڪيو ويندو آهي يا جيڪڏهن ڪنهن جي لکڻين تي صحيح رُخ ۾ تنقيد ڪئي ٿي وڃي ته اهو ليکاري ان تنقيد کي برداشت ناهي ڪندو.

تنقيد نگاري سنڌي ادب جو حصو آهي جنهن جي هجڻ سان ادب جا صحيح پاسا نروار ٿين ٿا جنهن ۾ لکڻين جي خوبين ۽ خامين جي پرک ٿئي ٿي. اهو تڏهن ٿيندو جڏهن تنقيد جا رُخ صحيح هجڻ کپن. ذاتي تنقيد کان پاسو ڪري ان جي لکڻين تي لکيو وڃي. جيڪا تنقيد براءِ اصلاح هجي. تنقيد نگاري ۾ دليلن، حوالن، ثبوتن ۽ مطالعي ۽ مشاهدي جو هجڻ لازمي آهي.

حزب الله آءِ سومري جو جڏهن نانءُ کڻجي ٿو ته ان جا سنڌي ادب جي حوالي سان ٻه پاسا نروار ٿين ٿا. هڪ تحقيق جي حوالي سان ۽ ٻيو تنقيد نگار جي حيثيت سان. جڏهن وري حزب الله جي لکڻين تي نظر وجهجي ٿي ته هن جي مضمونن ۾ شخصي تنقيد بجاءِ ان جي تحقيقي کوٽ تي نظر کڻ آهي. جيڪا سندس جي سڃاڻپ جو سبب رهي آهي.

حزب الله سومرو جا تنقيدي ۽ تحقيقي مضمون اڪثر  اخبارن ۽ رسالن جي زينت رهيا آهن. جيڪي وقتن به وقتن ڇپبا رهن ٿا.  حزب الله اهڙن تنقيدي مضمونن کي هڪ جاءِ ڪرڻ لاءِ اهڙن تنقيدي مضمونن کي سهيڙي هڪ ڪتابي صورت ۾ آڻي هڪ تنقيدي ڪتاب ”اک اُلٽي ڌار“ جي ٽائيٽل سان علم دوست ادبي سنگت پاران شايع ڪرايو آهي، جنهن ۾ سائين منير سولنگي جو خيال آهي ته سنڌي ادب ۾ تنقيد کي ڇو نٿو برداشت ڪيو وڃي؟ ڇو ان جون راهون روڪيون وڃن ٿيون انهيءَ جو وڏو سبب اهو آهي ته شروع کان وٺي تنيد کي صحيح رُخ ڏانهن موڙڻ جي تمام گهٽ ڪوشش ڪئي وئي آهي. اديب ۽ شاعر پنهنجيءَ تعريف ٻڌڻ جا ايترا ته عادي ٿي ويا آهن جو تنقيدي اوڻاين وارو پاسو برداشت نٿا ڪري سگهن.

تنقيدي ڪتاب ”اک اُلٽي ڌار“ ۾ پاڻ تي تنقيد ڪري تنقيد کي هڪ نئون رُخ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائين جنهن ۾ هن تنقيدي رجحانن ۾ حقيقي رُخ آڻيندي سنڌي ادب ۾ تنقيد تي هڪ نئون رُخ ڏنو آهي.

 

ڪتاب اک الٽي ڌار 112 صفحن تي لکيل جنهن ۾ تنقيدي ۽ تحقيقي مضمونن سان گڏ سنڌي شاعري ۾ علم عروض متعلق ڄاڻ ڏنل آهي جيڪا سندس تنقيدي حوالي سان هڪ سٺي ڪوشش آهي. ۽ هي ڪتاب تنقيدي حوالي سان پڙهندڙ کان سٺي موٽ ماڻيندو.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪهت ڪبير پيئندي رس پريم جو…!:نوراحمد جنجهي

ڀڳت ڪبير ڀڳتي تحريڪ جو اهڙو مکيه مارڳ آهي جنهن سان ئي اهو پنٿ سُڃاتو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي