19 خميس , آڪٽوبر 2017

سنڌ جو لوڪ ادب ۽ سگهڙائپ جي روايت:ادل سولنگي

لوڪ ادب جي تاريخ ٻوليءَ  جيتري ئي پراڻي آهي، ”جڏهن کان انسان پنهنجي اندر جي احساسن کي ٻوليءَ جو روپ ڏنو ۽ پنهنجي – اڌمن ، احساسن، تجربن ۽ مشاهدن بابت ٻين لوڪن سان خيالن جي ڏي وٺ  ڪئي تڏهن کان لوڪ ادب جو جنم ليکيو ويندو رهيو آهي.

قديم لوڪ ادب جي روايت کي اڄ جي جديد دور ۾ به قائم رکندي سگهڙن پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن کي ٻوليءَ جي خوبصورت سٽاءَ ۾ لوڪ ادب جي شاعراڻين صنفن ذريعي ، لوڪ آڏو نروار پئي ڪيو آهي. چيو وڃي ٿو ته لوڪ ادب  ئي اڄوڪي جديد ادب بنياد  آهي، جنهنجي معنيٰ آهي ته، اڄ  جي جديد سنڌي ادب جي شاندار عمارت جي پيڙهه، لوڪ ادب جي مٿان رکيل آهي. جي ڪري جديد ادب جي عمارت خوبصورت ۽ سهگاري ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.

ڀاڳو ڀان – سمنگ چارڻ ، ساموئي فقيرن کان ويندي، اڻ ڳڻين عشقيه ۽ رزميه لوڪ  داستانن تائين لوڪ ادب جو هڪ شاندار زمانو ۽ روايت رهي آهي. جنهن کي اڄ تائين برقرار رکندي اسان  جي سگهڙن ڪمال ڪاريگري ۽ مهارت سان واقعن/ حادثن، ميلاپن/ وڇوڙن، حاصلاتن / محرومين ، ڏک/ سک ، پيار ۽ پريت، سونهن ۽ سينگار ، اوسيئڙن ۽ انتظارن  جي جيڪا منظر ڪشي ڪئي آهي، اها لوڪ ادب جي وڏي حاصلات آهي.

لوڪ ادب جي سهيڙ جي حوالي سان ڪيترائي معتبر نالا سنڌي ادب ۾ ڄاڻايا ويا آهن ۽ ڪيترائي نالا لوڪ ادب جي تخليقي پورهيي جي حوالي جي حوالي سان ورتا پيا وڃن، جن پنهنجي فن ۽ فڪر جي ڏس ۾ ڪاميابيون ماڻي پنهنجي حيثيت مڃرائي  لوڪ ادب ۾ نالو ڪمايو آهي.

اهڙن ئي نالن ۾ هڪڙو نالو  آهي، سگهڙ ”سو ڀارو ڀٽي“ جنهن جو لوڪ شاعريءَ  جو ڪتاب ، ”سون ڪڻاسوڀاري جا  “  جي نالي سان شايع ٿيو آهي. ، ساهتي پرڳڻي سان لاڳاپو رکندڙ هي نوجوان سگهڙ  پنهنجي ڪرت ۾ نهايت ئي مهارت ۽ سڀتاڻيءَ سان لفظن جا ڪيترائي کيت کيڙيا آهن، جن کي پڙهندي  ۽ ڏسندي سرهائي محسوس ٿئي ٿي. ساهتي پرڳڻي جي پنهنجي هڪ الڳ، لوڪ ادب ۽ جديد ادب  جي روايت قائم آهي، جنهن کي نڀائيندي اسان جي سوڀاري ڀٽي پنهنجي ڏات وسيلي پنهنجي ڌرتيءَ جي  انسانن سان لاڳاپيل سمورن موضوعن کي نهايت ئي پيار ۽ پنهنجائپ واري انداز  ۾ نروار ڪيو آهي.

شاهه لطيف لائبريري جي سرپرست اعليٰ  سائين  محمد صالح ڏاهري پاران اداري کي موڪليل ڪتاب ” سون ڪڻا سو ڀاري جا “ مليو آهي، جنهن ۾ حمد، نعت، التجا، صفات ، سينگار، ڏهس، ڏور، هنر، رسالو ڳجهارت ، ست سرويون، واقعاتي بيت، تعارفي بيت، نظم، قطعا، غزل، نظم،  گرچيلو، ڏٺ پرولي، هڪ اکريو بيت، ٻه سٽو ۽ ٻيون کوڙ لوڪ  ادب جون صنفون هن  ڪتاب ۾ موجود آهن ۽ سڄي سنڌ بابت ڇپيل شعر ڪنهن به طرح پنهنجي روايت کان پرانهون ناهي ٿيو. اهي ئي جذبا  جولان، سماجي تنقيد، سماجي هلچل، سماجي سڄاگي، سماج ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه ۽  تخليقي اڏاوتن جو هڪ  خوبصورت سنگم آهي، جڏهن ته شاهه  سائين جي سورمين  جي حوالي سان به  هن ڪتاب ۾ لوڪ شاعريءَ جي مختلف صنفن جي پيرائي  ۾ نهايت ئي سهگايون  تخليقون شامل ڪيون ويون آهن. ……هي ڪتاب لوڪ ادب ۾ هڪ واڌارو لکيو ويندو،  هڪ سئو ستانوي صفحن تي ڦهليل هن ڪتاب کي  ڇپايو آهي ” درس پبلڪيشن نوشهروفيروز“  جنهن جو  ملهه رکيو ويو آهي هڪ سئو پنجاهه رپيا.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪهت ڪبير پيئندي رس پريم جو…!:نوراحمد جنجهي

ڀڳت ڪبير ڀڳتي تحريڪ جو اهڙو مکيه مارڳ آهي جنهن سان ئي اهو پنٿ سُڃاتو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي