28 اربع , جون 2017

ڪتاب اسان جا دوست آهن: رکيل مورائي

هڪ پڙهڻ جهڙو ڪتاب

حڪمتِ  علي

هر شخص، جيڪو عالم اديب آهي شاعر يا سماج سڌارڪ آهي، سياسي اڳواڻ آهي يا مذهبي رهنما، ان جو تاريخ ۾ سندس علم ۽ عمل  جي بنياد تي مرتبو طئي ٿيندو آهي.  ائين اسلامي  دنيا ۾ پڻ حضرت علي عليه اسلام جو هڪ خاص مرتبو طئي  آهي،  جنهن کي اڄ  جي لکڻ واري عمل سان نه وڌائي سگهجي ٿو ۽ نه ئي گهٽائي سگهجي ٿو.

حضرت علي عليه اسلام جي علمي فضيلت، مذهبي فضيلت ۽  خود عرب جي انهن حالتن ۾ سندس سياسي حڪمت عمليءَ بابت سموري دنيا  ڄاڻي ٿي، علمي فضيلت  طور نهج البلاغه ، جهڙو غير معمولي ڪتاب سندن نالي ڏانهن منسوب آهي،  سندن جنگي حڪمت عملي، اسلامي دنيا ۾ مشهور آهي ۽ ٻيون به ڪيتريون روايتون سندن علمي ۽ عملي لياقتن تاريخ  ۾محفوط آهن، ان ئي سلسلي ۾ اسان جي دوست لکيڪ  اياز ڀُٽي صاحب هڪ ڪتاب مرتب ڪيو آهي، جنهن جو نالو آهي حڪمت علي المرتضيٰ.

هيءُ هڪ جامع ڪتاب آهي، جيڪو مختصر ئي سڏي سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته عليه عليهه السلام تي ڪيئي هزار ڪتاب لکيا ويا آهن، اياز ڀٽي صاحب  جي به هڪ ڪوشش آهي، جيڪا پڪ سان ساراهڻ جهڙي آهي.

هن ڪتاب ۾ حضرت علي عليه اسلام جي زندگي،” حڪمت ڀريا قول، خطبا ۽ ڪي خاص خطن جا حصا ڏنا  ويا آهن. ظاهر آهي. ته انهن سڀني ۾ انسانيت لاءِ ۽ خاص طور اڄ  جي نوجوانن لاءِ هڪ پيغام آهي، مذهبي ۽  مسلڪي سرحدون پنهنجي جاءِ تي پر پڪ سان حضرت علي عليه السلام اسلامي دنيا جي اها شخصيت آهي، جنهن جي علم کان انسانذات فيض حاصل ڪيو آهي.

اياز ڀٽي صاحب جوهيءَ ڪتاب اهڙو آهي، جنهن مان اڄ  جو سنڌي پڙهندڙ فيض حاصل  ڪندو . ڇاڪاڻ ته اهو سنڌيءَ  ۾ لکيل آهي. پنجن بابن ۾ ورهايل هيءُ  ڪتاب سمورو علم ئي آهي، جنهن کي پڙهي، پڪ سان پوچارا پر ٿيندا. پڪي جلد سان ڇپيل هن ڪتاب ۾ پوڻا ٽي سئو صفحا آهن، هي پڙهڻ جهڙو ڪتاب اسان جي آبرودار اداري سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ  ڇاپيو آهي ۽ هن ڪتاب جو ملهه ٽي سئو رپيا آهي.

شهيد سنڌودياءُ  طاهره علي شاهه  بابت ڪتاب

تندوڙهي تلوارن سان

هڪ ننڍڙو سچ اهو آهي ته فشر فوڪ  فورم جي پليٽفارم تان اسان جي احترام لائق شخص محمد علي ساهه جي سنڌ جي مهاڻن لاءِ ۽ انهن جي ٻنهي پاسي، پاڻي نه هجڻ سبب بيروزگار ٿيل ، مهاڻن  جي زندگي بابت ڪيتري محنت ڪئي آهي ۽ ان ۾ ڪيتري حاصلات ماڻي آهي. اهو ته ادارو ئي ٻڌائي سگهندو پر اهو وڏو سچ آهي محمد علي شاهه صاحب سان ان جدوجهد ۾ سندس ونيءَ سيده طاهره علي شاهه جيڪو ساٿ نڀايو آهي، اهو وڌيڪ ساراهڻ جهڙو آهي ۽ ان سفر ۾ هن پنهنجي  املهه زندگي قربان ڪري ڇڏي ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي قرباني ٿي سگهي ٿي.

جيتوڻيڪ پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ هڪڙين شخصيتن جي قربانين  جو کٽيو ٻين کاڌو آهي ۽ سچ  پچ  جن پنهنجون زندگي ڏنيون آهن، نهن جي پورهئي جي ڦل تي ٻين پنهنجون زندگي جوڙيون / ٺاهيون آهن، جن ۾ سندن پورهيو يا ته گهٽ آهي يا ته بلڪل نه آهي ۽  ائين اين جي اوز جو ته وري مثال ئي نه آهي.

پر اها پڪ ڪرڻ گهرجي ته قربانيءَ جو لاڀ ملڻو آهي ۽ ملي ٿو. جنهن جو مثال  هيءُ ڪتاب آهي، جيڪو جيجي طاهره علي شاهه بابت تازو ئي سايع ڪرايو ويو آهي، جنهن جو نالو آهي ” تندوڙهي تلوارن سان“

هن ڪتاب ۾ سيده طاهره علي شاهه جي زندگيءَ، جدوجهد ۽ سندس ان جدوجهد ۾ ڏنل رت بابت 35 مضمون آهن، جن ۾ کيس ڀيٽا ڏنل آهي. نهايت اوچي پني تي ڇپيل هن ڪتاب ۾ پوڻا ٽي سئو صُفحا ڏنل آهن، پڪي جلد ۽ وڻندڙ ٽائيٽل واري هن ڪتاب ۾ ڪيتريون  تصويرون پڻ ڏنل آهن، جن هن ڪتاب کي وڌيڪ اهم بڻايو آهي، هن ڪتاب جو ملهه ڪتاب تي لکيل نه آهي. خواهش  آهي ته هي ڪتاب پڙهندڙن ۽ لکندڙن ۾ مفت ورهايو وينديون ۽ جيڪڏهن  وڪرو ڪيو ويو ته اهو ڪيتري ملهه  وڪامندو، اها خبر فقط  پاڪستان فشر فوڪ فورم کي هوندي، جنهن هيءُ ڪتاب ڇپايو آهي.

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليڊي هيلٿ ورڪرن جي مطالبن لاءِ جاري جدوجهد ۽ اگھور ننڊ ستل حڪمران!:قاسم سوڍر

ان ڳالهه کان شايد ئي ڪو انڪار ڪري ته هر شعبي جي پنهنجي پنهنجي اهميت …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي