23 اربع , آگسٽ 2017

حيدرآباد ۾ اسڪول کولڻ جي پهرين ڪوشش :مختيار احمد ملاح

1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي  مڪمل طور قبضو ڪيو ۽ ميرن جي حڪومت  جو خاتمو آندو، انگريزن پنهنجي ذاتي مفاد خاطر سنڌ جي انتظامي  ڍانچي ۾ ڪيتريون تبديليون  آنديون، جن  جو سنڌي سماج  تي اثر سڌو سئون پيو، علمي ۽ ادبي طور تي انگريزن سنڌي  الف- ب  تيار ڪرائي، سنڌي زبان کي سرڪاري ٻوليءَ  جو درجو ڏنو. ڪتابن جي اشاعت جو سلسلو شروع ڪيو، اسڪول قائم ڪري سرڪاري طور  تي استادن جي مقرري ٿي ۽ ڪيتريون نثري توڙي نظمي صنفون انگريزن جو آشير واد سنڌي ادب ۾ شامل  ٿيو.

انگريزن جي دور کان اڳ  سنڌ جي   تعليم عام ماڻهن لاءِ ڪونه هئي، فقط  امير هندن ۽ مسلمانن جا ٻار مدرسن ۽ مڪتبن مان محدود تعليم حاصل  ڪندا هئا.  انهن مان ڪجهه  مڪتبن کي سرڪاري سرپرستي حاصل هئي، باقي تعليم لاءِ  ڪو خاص  انتظام ڪو نه هو. انگريز سنڌ جي قبضي  کان اڳ ئي سنڌ ۾ پير مظبوط ڪري چڪا هئا.  انهن مان ڪيترائي حيدرآباد  ۽ ڪراچي ۾خاندانن سميت رهندا هئا. انگريزن سڀ کان  پهريون انگريزي ميڊيم اسڪول 1841ع ۾ هاڻوڪي صدر واري علائقي ۾ قائم   ڪيو، ان ۾ مقامي ٻارن کي داخلا نه ڏني ويندي هئي. ان اسڪول  ۾ 40 هين ريجنمينٽ  جي انگريز فوجين جا ٻار تعليم حاصل ڪندا هئا.

1843ع ۾ سنڌ تي انگريزن  چارلس نيپئر جي سربراهيءَ ۾ قبضو ڪيو، جنهن ڪري چارلس نيپئر کي سنڌ جو گورنر  مقرر ڪيو ويو، مسٽر نيپئر  سرڪاري ڪاروبار کي هلائڻ لاءِ ٽي  ڪليڪيٽوريٽ : ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور  قائم ڪيا،  انهن کي سرڪاري  طور تي فارسي زبان چالو رکڻ لاءِ سرڪاري  حڪم نامو جاري ڪيائين حيدرآباد ۾ 1843ع کان 1846ع تائين ڪيپٽن ڊيبورني ڪليڪٽر رهيو ۽ 1846ع  کان 1850ع تائين ڪپٽن راٿبورن ڪليڪٽر  طور ڪم ڪيو، سندس ڊيوٽيءَ جي دور ۾ به  ڪيترائي دفعا ڪليڪٽر جي چارج راٿبورن وٽ رهي.

ڪيپٽن  اينٿوني بليڪ  راٿبورن جو جنم 1812ع ۾ٿيو، هو  بمبئي  نيٽو  ايفينٽري  جي 24  ريجمينٽ سان تعلق رکندو هو ۽ چارلس   نيپئر سان گڏ  سنڌ آيو هو. تعليمجي لحاظ  کان سٽري ٿيل هئس ۽ بهترين ڪالم نگار هو.

چارلس نيپئر جي وڏي ڌيءُ  ايملي  نيپئر سان سندس شادي سنڌ ۾ ئي ٿي هئي. ان حساب ساب  هو. سرڪار وٽ وڏو اثر رسوخ رکندو  هو. هي اهو   دور هو. جنهن ۾ پوري هندستان ۾ انگريز سرڪار، مقامي  سردارن جي مدد سان اسڪول قائم  ڪري رهي هئي. هر علائقي ۾ ڪي  آفيسر تعليمي معاملن ۾ چاهه رکي اسڪول کولرائي رهيا هيا. ان جو هڪ ٻيو سبب مشنري  سرگرميون به هو، ان کان علاوه وڏو سب  اهو ته جيئن مقامي ٻار انگريزي،سائنس ۽ رياضيءَ ۾تعليم حاصل ڪري انگريزن جي ماتحتي ۾ ڪم ڪري سگهن، راٿبورن ان زماني (Advertisor karacli)اخبار ۾ چارلس نيپئر جي حق ۾ مضمون به لکندو هو.

ڪيپٽن راٿبورن جي گهر واري …..ايمبلي نيپئر به اسڪول  کولڻ جي  معاملي ۾ سرگرم  هئي ته ٻئي طرف راٿبورن جو ماتحت ليفٽينٽ  جارج ايٽسڪ سنڌي گرامر ۽ ڊڪشنري تي ڪم ڪري رهيو هو. جارج  اسيٽڪ  به سندس ان سلسلي  ۾ هڪ سٺو صلاحڪار هو. ڪيپٽن راٿبورن چڱو عرصو حيدرآباد ۾ رهيو، 1847ع ۾ چارلس نيپئر . نوڪري مان رٿائر ٿي وطن واپس هليو ويو. ان جي وڃڻ سان  راٿبورن به اڪثر موڪل وٺندو رهيو.

1885ع ۾ سندس وفات  ٿي، هو پهريون انگريز عملدار هو، جنهن وڏي چاهه سان سنڌ  ۾ اسڪول کولڻ جي ڪوشش ڪئي هئي،  جيڪا ڪامياب ٿي نه سگهي. ان  ڪوشش جي هڪ الڳ ڪهاڻي آهي.

1845ع جي شروعاتي مهينن ۾ ڪيپٽن راٿبورن ۽ سندس گهر واري ايملي نيپئر حيدرآباد ۾ هڪ انگريزي ميڊيم اسڪول کولڻ جو پروگرام رٿيو. اسڪول کولڻ لاءِ  هنن  پنهنجي ماتحت آفيسرن ۽ حيدرآباد جي بلوچ سردارن جي ڳڏجاڻي  ڪوٺائي، فيصلو  اهو ٿيو ته  هند سرڪار کان خاص رقم  جي گهر ڪئي ويندي ۽ اوتري ئي رقم بلوچ  سردار پنهنجي طرفان اسڪول کولڻ لاءِ عطيي / امداد طور ڏيندا.  10 جولاءِ 1845ع ۾ ڪيپٽن راٿبورن، سنڌ جي گورنر کي خط لکي  گذارش ڪئي ته انگريز آفيسرن جي ٻارن ۽ بلوچ  سردارن جي ٻارن جي تعليم لاءِ حيدرآباد ۾ اسڪول  کوليو وڃي، هن پنهنجي خط  ۾ لکيو ته ” حيدرآباد  جا سردار پنهنجي  ٻارن کي انگريزيءَ  ۾ تعليم ڏيارڻ جا خواهشمند آهن، ان کان علاوه  حيدرآباد ۾ رهندڙ انگريز اهلڪارن جي ٻارن جي تعليم لاءِ  به اسڪول  جي ضرورت آهي، ان سلسلي   ۾ ٽي هزار  هند سرڪار کان منظور ڪرائڻ لاءِ پهچ ڪئي وڃي ۽   کين ٻڌايو وڃي ته باقي ٽي هزار جي رقم سردار پاڻ ڀريندا ۽ 6000 هزار  جي رقم  اسڪول کولڻ لاءِ ڪافي  هوندي.

31 آگسٽ 1845ع ۾ سنڌ جي گورنر  چارلس نيپئر، حيدرآباد جي ڪليڪٽر سان متفق ٿيندي ۽ سندس خط جي حمايت ۾ پنهنجي ذاتي  نوٽ  سان هند سرڪار  کي موڪلي ڏنو. هن لکيو ته  حيدرآباد جي ڪليڪٽر جو  منصوبو انتهائي مناسب آهي، اسڪول ۾ نه صرف انگريزن جا ٻار تعليم حاصل  ڪندا  پر بلوچ سردارن ۽ ٻين  اميرن جا ٻار به انگريزي ۾ تعليم حاصل ڪندا. ان سلسلي ۾ بلوچ سردارن..،،، 3000 جي رقم ڏيڻ جو زمو کنيو آهي.

10 آڪٽوبر 1845ع تي گورنر جنرل سنڌ سرڪار جي گذارش کي قبول ڪندي لکيو ته اسڪول جوڙڻ جي منصوبي جي منظوري لاءِ ضروري چڪاس ڪرڻ کانپوءِ کين آگاهه  ڪيو ويندو. ٻئي طرف هندستان جي سرڪار معاملي کي وڌيڪ ڇڪاسڻ خاطر هڪ خط ڪلڪتي جي تعليم کاتي جي ڪائونسل  ڏانهن موڪلي ڇڏيو، ڪائونسل  سنڌ لاءِ بينگال جي طرز تي اسڪول جوڙڻ جو منصوبو پيش ڪيو، جنهن جي سالياني گرانٽ 6000 رپيا هئي. پڙهائي لاءِ انگريزي جو  مضمون تجويز ڪيل هو ۽ باقي تعليم اتان جي ماڻهن تي ڇڏيل هئي،  اسڪول جو تعليمي معيار بينگال کان به وڌيڪ سٺو تجويز ڪيل هو. اٽڪل 200 ٻارن جو تخمينو لڳايل هو. ڪائونسل اهو به تجويز ڪيو ته استاد بمبئي مان ڀرتي ڪيا وڃن. معاملو سهڻي نموني هلي  رهيو هو. جو پنجاب ۽ مٿئين. سرحدي صوبن ۾ جنگ  شروع ٿي وئي ۽ ان پروگرام  تي وقتي  طور تي عمل رڪجي ويو. جيئن ئي جنگ جو مسئلو جهڪو ٿيو ته 13 جنوري 1846ع ۾  گورنر جنرل ، انڊيا هڪ دفعو  ٻيهر سنڌ جي گورنر  کي  31  آگسٽ 1845ع واري خط جي مڃتا بابت آگاهي ڏني ۽ کيس  ٻڌايو  ته معاملو ملڪي جيگن جي ڪري ڪجهه وقت لاءِ روڪيو  ويو هو.

25 جنوري 1845ع تي گورنر جنرل، انڊيا، سنڌ جي گورنر کي هڪ ٻيو خط لکيو ۽ کيس پڇيو  ته ڇا اهو بهتر نه آهي ته اهو اسڪول حيدرآباد  جي بدران ڪراچي ۾ قائم ڪيو وڃي، ڪيپٽن راٿيورن  لاءِ اهو وڏو ڌچڪو هو،  ڇو جو سندس سڄي  محنت رائگان ٿي رهي هئي.  راٿبورن وڌيڪ دليلن سان ڪيس ٺاهي چارلس نيپئر وٽ پهتو، جنهن 13 فيبروري 1847ع تي  هندستان جي گورنر   جنرل کي لکيو ته اسڪول اتي ئي قائم ڪيو وڃي جتان لاءِ تجويز ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ لکيو ته حيدرآباد اسڪول کولڻ لاءِ وڌيڪ مناسب شهر  مهي ، ڇو جو مقامي آبادي  لاءِ اهو مرڪزي شهر آهي.

13 مارچ  1847ع ۾ هندستان جي گورنر جنرل، سنڌ جي گورنر کي خط لکي  آگاهه ڪيو ته تعليم کاتي جي ڪائونسل جي تجويز ڪيل معيار مطابق توهان کي حيدرآباد ۾ اسڪول کولڻ جي اجازت آهي. ان سان گڏ بمبئي حڪومت کي حڪم ڪيو ويو ته هيدرآباد ۾ اسڪول کولڻ  لاءِ استاد مهيا ڪيا وڃن. ٽئين طرف ڪيپٽن راٿبورن کان پڇيو ويو ته اسڪول لکڻ لاءِ ڪهڙا عملي اقدام کنيا ويا آهن، ڇو جو ٿوري عرصي ۾ بمبئي مان استاد وٽنس پهچڻ وارا آهن. ان جوابد ۾ ڪيپٽن راٿبورن کين آگاهه ڪيو ته عوام کي اسڪول کولڻ لاءِ سرڪار طرفان  رقم جي منظوري بابت آگاهه ڪيو ويو آهي. جيستائين اسڪول جي عمارت تيار  ٿئي تستائين عارضي  بنيادن تي اسڪول ڪنهن بئي جاءِ تي شروع ڪجي.هن پنهنجي خط اها به معلومات گهري ته عوام سوال  ڪري رهيو آهي ته ٻارن جي  اسڪول جي فيس ڪيتري  هوندي به .

ان مسئلي کي بينگال جي تعليم کاتي ڏانهن موڪليو ويو، جن جواب ۾ لکيو ته  ڪلڪتي ۽ موفيوصل  ۾ مهيني ۾ 6 روپين کان وڌيڪ فيس  نه آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن  في مهينو 4 آنا به ورتي ويندي آهي. ٻئي طرف بمبئي حڪومت لکي موڪليو ته هو سائنس ۽ انگريزي استاد جو انتظام ڪري نه سگهيا آهن، جڏهن ته هو پنهنجا  ايلمنٽري استاد سنڌ موڪلي نه ٿا سگهن، سڀني مسئلن کي سامهون رکي، ڪيپٽن  راٿبورن هڪ خط سنڌ  جي گورنر  چارلس بنڀئر کي  لکيو ته  جيڪي به استاد موجود هجن، انهن جو انتظام ڪيو وڃي ۽  منظور   ٿيل رقم مان ڪجهه پئسا سندس  اختيار (Disposai)  تي  رکيا وڃن ته جيئن ضروري  انتظام پاڻ ڪري سگهي، نيڀئر کي  ان سلسلي ۾ ڪوبه  اعتراض  ڪونه هو. مگر چانٿون ان وقت هڪدفعو ٻيهر تبديل ٿي ويون. جڏهن سيمسٽ 1847ع  ۾ چارلس نيپئر رٽائر ٿي واپس هليو ويو ۽ سنڌ کي بمبئي  پريديسني جي ماتحت  ڪيو ويو. ان تبديلي سان سنڌ جي خودمختياري ته  متاثر ٿي ئي ٿي پر  سنڌ ۾ کلندڙ هڪ اسڪول جي ترقي بري طرف متاثر ٿي وئي.  بهرحال، 16 اپيل  1848ع بمبئي سرڪار  لکي موڪليو ته ٽن هزار روپين جي رقم سندس اختيار تي رکي رڃي ٿي، پر کيس ياد ڏياريو ويو ته هي  فقط  سرڪار طرفان رقم آهي، باقي  جي رقم واعدي مطابق اميرن ۽ سردارن کان وصول  ڪئي وڃي، بمبئي حڪومت، ڪيپٽن راٿبورن کان گهر  ڪئي ته هو ٻڌائي ته اسڪول لکڻ  لاءِ ڪهڙا  انتظام ڪيا ويا آهن.؟

ڪپٽن راٿبورن  هڪ رپورٽ تيار ڪئي، جنهن م اسڪول جي عامرت، استاد ۽ ٻين انتظامي معاملن جا تفصيل  ڏئي، بمبئي حڪومت کي رواني ڪئي. هن لکيو ته اسڪول قائم ڪرڻ لاءِ بروقت 5000 هزار جي رقم ضروري آهي، جنهن مان عمارت تيار ٿيندي .هن تجويز ڏني يا ته رقم پراڻي سال کان منظوري ڪئي وڃي يا استادن جي ڀرتي وارو معاملو  ايستائين معتل ڪيو وڃي جستائين  اسڪول  جي عمارت  تيار ٿي وڃي.هن  ٻي تجويز  اها ڏني ته ٻارن کان ماهوار هڪ روپيو فيس ورتي وڃي هن ٻي تجويز اها ڏني ته ٻارن کان  ماهوار  هڪ روپيو فيس ورتي وڃي ۽ امير ماڻهن تي امداد  لاءِ روز رکيو وڃي پر ان  لاءِ ضروري آهي ته اسڪول جي عمارت هڪ دفعو تيار ٿي وڃي ڇو جو عمارت کانسواءِ  ڪن ٿورن  جي ٻيا ماڻهو  امداد لاءِ اڳتي نه ايندا.

ڪيپٽن راٿبورن  کي ڀروسو هو ته کيس اميرن ۽ سردارن طرفان  جهجهي امداد ملندي هن پنهنجي رپورٽ ۾ اسڪول کي آزادانه  هلائڻ جي به گهر ڪئي. هن لکيو ته اسڪولي انتطامن هلائڻ لاءِ ماهوار اڪائونٽس جي ڇڪاس کانسواءِ ڪابه مداخلت نه ڪئي ويندي.

2 مئي 1845ع ۾ بمبئي سرڪار، رپورٽ جي جواب ڪيپٽن راٿبورن کان گهر ڪندي پڇيو ته هو 5000  جي رقم ڇو ٿو گهري، جڏهن ته هن اڳ ۾ واضح  ڪيو هو ته عمارت کي اندڙ 2000 هزار ريپا خرچ  ايندا. 31 مئي 1848ع ۾ تي راٿبورن ، ممبئي سرڪار  کي جواب موڪليو  ۽ لکيو ته هن ڪڏهن به اسڪول جي مڪمل  خرچ جو تخميهو 2000 رپيا نه لڳايو هو. هن ان سلسلي ۾ شروعاتي خرچن جو حساب ڪيو  هو. جنهن ۾ ڪجهه ڪلاس جڙي سگهن ٿا. جڏهن ته  عمارتن ۾ ڪلاس  جي اضافن ۽ ٻي  عمارت سازيءَ لاءِ وڌيڪ  پيسن  جي ضرورت پوندي، هن وڌيڪ لکيو ته هن کي پڪ آهي ته بلوچ  سردار ۽ ٻيا امير  به اوتروئي حصو ملائيندا جيترو سرڪار منظور ڪندي  پر  مان اهو چئي  نه ٿو سگهان ته جيستائين اسڪول جي عامرت نه ٿي جڙي  هو پنهنجي امداد ڏيندا يا نه ؟.

هن پنهنجي دليل ۾ لکيو ته جڏهن هن ٽي سال اڳ اسڪول کولڻ جو ادرادو ظاهر ڪيو هو، تڏهن اميرن طرفان هاڪاري موٽ ملي هئي.هيئنر ئي سال گذري چڪا آهن، جنهن ڪري سندن ٻارن کي تعليم  واري خواهش کي ڌچڪو لڳي  چڪو هوندو. سندس ان خط بمبئي واري خواهش کي ڌچڪو لڳي چڪو هوندو. سندس ان خط بمبئي  سرڪار کي مايوس ڪري وڌو، هنن راٿبورن کي خط لکي  پڇا ڪئي ته يقين  سان ٻڌائي ته ڇا هو مقامي اميرن ۽ سردارن کي امداد وٺڻ  ۾ ڪامياب ويندي ويا ته ؟.

ڪيپٽن راٿبورن شايد هڪدفعو ٻيهر سردارن سان گڏجاڻيون ڪيون جتان کيس سٺو  جواب نه مليو. 30 سيپٽمبر  1848ع ۾ هڪ هڪ  مايوسي وارو خط لکندي بمبئي سرڪار کي آگاهه  ڪيو ته  موجوده  حالتن کي ڏسندي اسڪول کولڻ جو پروگرام ناڪام سمجهيو وڃي.  پر ان لاءِ مان زميوار نه آهيان. جيڪو هاڻي پلان رٿيو ويو آهي.  اهو منهنجو نه آهي ۽  اهو منهنجي اڳوڻي حڪومت عمليءَ بلڪل ابتڙ آهي. ڇو جو مان چيو هو ته سرڪ…….. مان عالمن ۽ استادن جو اڌ خرچ ڀريندس. پر مون کي هاڻي چيو ويو آهي ته پرهيان مان استادن ۽ عالمن جو بندوبست ڪيان پوءِ سرڪار  اسڪول جي عمارت ٺاهيندي. انهن حالتن ۾ مان ڪاميابي  جي ڪهڙي  يقين دهياني ڪرايان؟.

ڪيپٽن راٿبورن  مٿي ذڪر ڪيل حالتن ۽ پنهنجا ۾ هلندڙ جنگين جو حوالو ڏيندي عرض ڪيو ته اسڪول کولڻ جو معاملو  فلحال ختم ڪيو وڃي ۽ ان کي ڪجهه  وقت کانپوءِ سنڌ جي ڪمشنر جي پختي ارادي سان ٻيهر نئين طريقي سان ورجايو وڃي.

ڪيپٽن راٿبورن جي ناڪامي سندس فقط ذاتي ناڪامي نه هئي، اها  خود چارلس نيڀئر جي ناڪامي هئي. ڇو جو هو پنهنجي دور حڪومت ۾ اثر رسوخ هوندي به  اسڪول کولڻ جي منظوري وٺي  نه سگهيو. اها به اهم ڳالهه آهي ته سندس دور ۾ اسڪول کولڻ جي اها  پهرين ۽ آخري  ڪوشش هلي هئي. جنهن کي هو ڪامياب ڪرائي نه سگهيو ٻيو، اسڪول نه کلڻ جو سبب  اهو به هو ته بمبئي حڪومت،  سنڌ لاءِ قابل  استاد ڏئي نه سگهي. ثيون سبب  اهو هو ته سنڌ جو بمبئي  جي الحاق ڪري، ننڊن ننڊن معاملن جي سنڌ جي  ڪمشنر کي بمبئي حڪومت کان منظوري ۽ رهنمائي وٺڻي پوندي هئي. ان ڪري معاملو فقط  خط وڪتابت تائين محدود رهيو. چوٿون سبب اهو هو ته ٽن  سالن جي عرصي ۾ بلوچ سردارن جي دلچسپي به گهٽ جي چڪي هئي. هنن حالتن ۾ ڪيپٽن راٿبورن ، سرڪار کي هڪ رٿ اها به ڏني هئي ته مير غلام شاهه ۽ مير فضل الله ٽالپر تيجيڪو ڏنڊ رکيو ويو آهي. اها رقم  اسڪول جي عمارت لاءِ رکي وڃي، بهرحال اها رٿ به  ڪامياب نه رهي. پنهنجون سبب  اهو به ٿي سگهي ٿو ته چارلس نپئر جي وڃڻ کانپوءِ  خود ڪيپٽن راٿبورن جي سنڌ ۾ دلچسپي ختم ٿي رهي هئي ۽  هو اڪثر موڪلن تي هليو ويندو هو. ۽ آخري سبب اهو به آهي ته پرنگل جي اچڻ کانپوءِ  سنڌي زبان ۾ تعليم ۽  سنڌي ٻولي جي نفاذ لاءِ حالتون وڌيڪ سازگار ٿي چڪيون هيون. تعليم جي سلسلي ۾  پرنگل جي دور ۾ ڪراچيءَ   جو ڪليڪٽر ڪيپٽن پريڊي هڪ اسڪول کولڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو هو. ان جي باوجود، اسان کي ڪيپٽن راٿبورن جي ڪوششن جي هر حال ۾ تعريف ڪرڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊاڪٽر جگديش لڇاڻيءَ جو ڪتاب واسديو موهي فن ۽ شخصيت :رکيل مورائي

واسديو موهي سنڌي ٻوليءَ  جو اهڙو سرجڻهار آهي، جيڪو سچ پچ نئين ماحول، نين حالتن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي