23 اربع , آگسٽ 2017

جيلَ جي جَهان ۾ هڪ جهاتي :قسط 6:سجاد مهر

عيد جا ٽي ڏينهن ڏاڍا اڻانگاهيا – ٽئي ڏينهن  جيل سيل رهيو اندريان اندر  ٻاهريان ٻاهر هيا. ٻاهران باقي گوشت، پڪل دڳيون، برياني، فروٽ ۽ مشروب جام اندر آيو. قيدين جي لاءِ  ٽئي ڏينهن ماني جام هئي، جن کي زندان جو احساس هيوسي ماڻهو  ڪار خير ۾حصو وٺڻ لاءِ ڀرپور نموني سان پئي پيش آيا، شام جو سيٽي به دير سان  وڄندي هئي، کوليءَ کي تالو هڻڻ ۾ پڻ تاخير ٿيندي هئي، ائين لڳندو هو ته پکين کي ٻڙا ساهڻ جي اجازت ۾ اضافو ٿيو آهي، پڪن قيدين لاءِ به عيد اوتري اڻانگي هئي جيتري ڪچن قيدين لاءِ .

پنهنجن جي سار سڀني کي ٿئي ٿي. اندر هر ڪنهن کي بس  هڪڙي اميد هجي ٿي ته سڀاڻي  مان آزاد ٿي ويندس. اندر قيدي هڪ ٻئي کي ڊگهي عمر جي دعا نه ڏيندا هئا. روزيءَ  ۾ برڪت، ٻچن مان ڪيچ ٿيڻ واري ڳالهه ڪونه  هوندي  هئي. هنن جي دعا هوندي هئي  ته رب پاڪ  توهان کي  آزادي ڏيندو، هونئن  به آزاديءَ جو احساس قيدين  کان وڌيڪ ڪنهن  کي  ٿو ٿي سگهي.  قيديءَ جو آزادي خواب هجي ٿي ان خواب جي سهاري هو پوري حياتي گهاري ڇڏين ٿا.

مان جنهن به قيديءَ کان پڇيو ته اوهان ڪڏهن ٿا آزاد ٿيو ته سندس جواب هڪ ئي هوندو هو ته ايندڙ حاضريءَ تي وڪيل صاحب پاران پوري پڪ ڏني وئي آهي، سچ پڇو ته وڪيلن جي به پنهنجي فرنچائيزآهي، ملهه تي ماڻهوءَ  کي مُڪتي ملي ٿي. هڪڙو وڪيل عام قيديءَ  کي پنهنجو  موڪل ٺاهڻ ۾ جيترو  وقت وٺي ٿو پوءِ انصاف ڏيارڻ ۾ هو  اوتري ئي تاخير ڪري ٿو، قيدي جيڪي اندر  بند آهن انهن کي ڦاسائڻ انهن لاءِ سولو ڪم هجي ٿو، انڌر  قيدي پاڻ وڪيل به آهن ته جج به، جنهن به ماڻهوءَ جو ڪيس هلي ٿو، سينيئر قيدي ان جي لاءِ اڳ ۾ ئي جيل اندر عدالت لڳائي ان جو ڪيس هلائين ٿا. سزا تجويز ڪن ٿا. هڪ قيدي ٻئي کان جرح ڪري ٿو، هڪ وڪيل بڻجي ٻئي قيديءَ سان بارگننگ  ڪري پسيا طئي ڪري جلد آزاد ڪرائڻ  جو ڏٽو ڏئي جهجو ناڻو گهري ٿو ۽ پوءِ  جڏهن ڪيس هلڻ  جو وقت اچي ٿو ته وڪيل هرو ڀرو حاضر نه ٿا ٿين ۽ ائين اهو قيدي بي سبب سالن تائين ڀوڳي ٿو، قيدي فتوائون ٻڌائن ٿا. ڪيس جي ڪلائيميڪس  تي پهچن ٿا. آزادي  گهٽ، ضمانت گهٽ  ۽ تاريخون وڌيڪ ڏين ٿا.

وڪيلن جو مخصوص لڏو آهي جيڪو پهريان پنهنجي ڪسٽمر سان ان بس  ڪيلنڊر واري وانگي ورتاءُ ڪري ٿو ته سائين اچو اچو گاڏي خالي آهي. اڳيان سيٽ کالي آهي. پوءِ  جڏهن هو  پيسا وٺي ٿو ته اهو ئي ڪسمٽر گاڏيءَ تي بار بڻجي پوي ٿو. سري ته بيهه، ڪاٿي لهندين؟ جلد  ڍڪر ٽائيم ناهي، ايڏي دير مطلب ته رويو ئي بدلجي وڃيس ٿو. ڪجهه  وڪيل به پنهنجي مئوڪل سان ائين ئي ڪن ٿا. فيصلي وٺڻ کان پوءِ تڪڙ نه ڪيو، جج  صاحب سخت آهي، ضمانت ماري نه وجهي، بس ڪجهه ترسو، فلاڻو جج  صفا غريب آهي، غريبن جي ٻڌي ٿو.

هن جج سان تڪڙ ڪرڻي ئي ناهي، بينچ سخت ويٺي آهي، توهان کي تڪڙ آ، سمجهون ته اسان ٿا، ڀلا ڪيس هارايان ڇا؟ پنهنجي ضمانت مارائيندئو ڇا؟ اهڙا جملا ۽ جواب ٻڌائيندو جو قيدي ويچارو ٻيهر پچارئي ڪونه ڪندو. حاضرين تي وڪيلن کي فائدو آهي، جي جلدي ڪيس اڪلائين مطلب ته پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻن، جي ڪيس هلندو، حاضريون هلنديون ته قيديءَ جي وارثن جا کيسا کليل رهندا. ڪاغذن جو خرچ، گاڏيءَ  جي تيل لاءِ پيسا، مانجهاندي جي ماني، تاريخ تڪڙي وٺڻ  لاءِ ريڊر کي خوش ڪرڻ، مطلب ته هرڪو پنهنجي فن مان ڪمائي کائڻ ڄاڻي، ڪهڙي ٿا ڳالهه پڇو  جي اهي وڪيل صاحب سچائي ڪن ته ڪيترائي ڪيس، ڪيترائي بيگناهه  انسان انصاف وٺي پنهنجن ٻچن سان وڃي ملن.

قيدين جو وڏو وقت فضول وڃي ٿو انهن جي صلاحيتن کان سرڪار ڪم وٺي ته ويچارا قيدي به خودڪيفل ٿين ۽ جيل جو نظام  به وڌيڪ بهتر ٿئي، ڪو سکيا گهر ڪونهي ڪا سيکارڻ جي ڪوشش  ڪونه پئي ڪئي وڃي، جي قيدين کي هٿ جا هنر سيکاريا وڃن، ميڊيا جو دور آهي، اليڪٽرانڪ آئٽم ٺاهڻ لاءِ  ڪو بندوبست ڪيو وڃي ته ڪيترن جو چڱو ٿي وڃي، قيدين کي موبائيل ٺاهڻ، ٽي وي ٺاهڻ، موٽر پمپ ٺاهڻ، سلائي ڪڙهائي ۽ ڀرت ڀرڻ، انهن کي فٽنگ جا ڪم سکارڻ کان ويندي پڙهائڻ تائين هر هنر ڏنو وڃي ته جيڪر هو ان مان پنهنجو پيٽ گذر به ڪن ته پوئتي ڇڏيل ڪٽنب لاءِ ڪو  روزگار جو سبب به بڻجن.

قيدين ۾ سکڻ ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي جستجو ته آهي پر انتظاميا جو ان طرف ڌيان ئي ڪونهي، قيدي پوئتي جيڪو نسل ڇڏي اچن ٿا اهو بک تي پاهه ٿي ڪنهن غلط ڪم لاءِ مجبور ٿئي ٿو. انهن جا وسيلا جڏهن رڪجي وڃن ٿا ۽ ڪمائڻ وارو ماڻهو قيد ٿي وڃي ٿو ته  پوءِ پورو خاندان پورو نسل تباهه ٿئي ٿو نفرت  ڏوهه کان هجڻ گهرجي ڏوهاري کان نه. پوءِ  اهو ڏوهاري حقي هجي يا ناحقي  هو انسان ته آهي تنهن ڪري ساڻس  انصاف ٿيڻ گهرجي.

جيل جي اندر اڪثر قيدين کي شڪايت اها هئي ته سندن ڪيس هلايا ڪونه ٿا وڃن. رڳو تاريخ  پئي ملي مون ڪيترائي اهڙا قيدي به ڏٺا  جيڪي چئن  چئن سالن کان ڪچن قيدين واري زندگي گهاري رهيا آهن، انهن کي پڪڙي بس اندر اڇليو ويو آهي. انهن جو الله کان سواءِ  ٻيو ڪو والي وارث ڪونهي هو روئي دانهيندا هيا ته اسان جو ڪيس ته هلايو وڃي. ڏوهه ثابت ڪيو وڃي، جي ڏوهاري آهيون ته سزا جو انگ ته ٻڌايو وڃي. هيئن بنا ڪنهن ڏوهه ، جزا سزا جي گهارڻ وڌيڪ خطرناڪ آهي. اسان جون احترام جوڳيون عدالتون قيدين جي اهڙين شڪايتن جو نوٽيس وٺن ۽ اهڙن ڪيسن کي جن ۾ انهن جاڪي  وڪيل به ڪونه آهن. هنن وٽ جيئري گذارڻ جيتري سگهه به ڪانهي سي وڪيلن جون ڳريون فيون ڀري پاڻ کي بيگناهه ڪيئن ثابت ڪندا. انساني حقن جا مڙئي ادارا فليش فوٽو ۽ فوٽو سيڪشن واري ڪم کي پنهنجو فرض  سمجهي، پوري ايمانداريءَ سان ٿا ادا ڪن. هونئن ته اهڙن جي پهچ نادار ۽  مسڪين قيدين جي پرگهور لهڻ  انهن جو فرض ناهي؟

جيل اندر ڪنهن قيديءَ  جو قضيو ٿي پئي يا ڪو پنهنجو ٻاهر گذاري وڃنينس ته پوءِ  عذرخواهيءَ تي پورو  جيل اچي. هڪ ٻئي سان ٻڌي ايتري جو ٻاهر انهن جا 5-5 خون به ٿيل هجن پر اندر هو هڪ ٻئي جو وڌ کان وڌ خيال رکن. کوليون سجائڻ  ڪو قيدين کان سکي، پنهنجي گهر کان وڌيڪ سهڻو سينگاري رکن. عذر تي ايندڙ هٿين خالي ڪونه اچن ڏيڍ لٽر واريون بوتلون ۽ ٻيون کاڌي پيتي جو  سامان ضرور کڻي اچن. ڏک ونڊين. ڏين وٺن. ڪنهن قيديءَ جو کيسو خالي هجي ته ڀرپور مدد ڪن . ٽولن جي صورت ۾ نه اچن هڪ هڪ ٻه ٻه ٿي ويهن ۽ ائين پنهنجائپ ونڊين.

هڪڙي رات جو تيز برسات پئي کوليءَ جي ڇت جو اڌ حصو لوهي شيخن سان ڍڪيل هو جنهن مان هوا ۽ اس جو گذر ٿيندو هو. اسان ان ڇت مٿان پراڻي چادر وجهي ڪنڊن کان رسيون ٻڌي ڏينهن جو ڇڪي ڇڏيندا هياسي ۽ رات جو هوا ڪاڻ کولي رکندا هياسي. اهو ڪم  جاويد مهر ڪندو هو.

جاويد ڪامريڊ ماڻهو هو سنڌ سان ڏاڍو پيار هيس. جڏهن جيل ۾ نه هو تڏهن جيئي سنڌ جو سرگرم ڪارڪن هو. هر احتجاج هر جلسو ۽ هر ميٽنگ اٽينڊ ڪندو هو. پر پوءِ جڏهن جيل ڀيڙو ٿيو.تڏهن جيئي سنڌ جي ڪارڪنن کان ويندي اڳواڻن تائين سڀني کي سڏيائين پر سڏ ڪنهن به نه ورنايس. واڪا ڪندو رهيو پر ٻڌڻ وارا سڀ  ٻوڙا نڪتا. جاويد قد جو ڊگهو وڏا وارا ، رنگ  جو سانورو، لوڊي جو ماهر هوندو هو. وڏا وڏا  مک هن سان ملهه ڪرڻ ايندا ها. هو وٺ ڪنهن کي به ڪرڻ ڪونه ڏيندو هو.  سنگتي مٽائيندا ها. اٺ  اٺ  ڄڻا  گڏجي مکن جي مدد ڪندا ها پر جاويد سان داڻو به داڻو به کيڏندو هو ته چال ۾به سڀني کان چڱو هجڻ ڪري اڪثر  هارائجي ويندا ها ۽ ٻي ڏينهن ٻيا ملهه ميدان تي لهندا ها.

اسان جي کوليءَ ۾ ڀائو جبار، قادر، جاويد، مالڪ ۽ مان گهڻو ڪري شرط يا ته جوس جوس يا وري انب واري بوتل کيڏندا هياسين. لوڊي ۾ مان سڀني کان جڏو هوندو هيس. تنهن ڪري کيڏڻ کان لنوائيندو هيس. جبار مون کان تڪڙو هو، سو هو مفت واري راند  اڪثر کٽي ويندو هو. پوءِ مان زور ڪري انب بوتل يا جوس شرط رکندو هيومانس. شرط جو هو ڀاڙي هو  چوندو هو جوا نه ٿي ڦري ۽ پوءِ کيڏندو  هو ته کٽي ويندو هيومانس. مان اها گهت لڌي هئي مانس. هو ڪرڪر ڪندو هو ۽ پوءِ هارائي به ويندو هو.

راند دير تائين رهندا هياسين. دير سان ڪو عملدار جوابدار ڪو نه ايندو هو ته پوءِ بوتل يا جوس ڪينٽين تان ڪير وٺي  اچي تنهن ڪري 20 ڀيرا سامهون ڪمري واري واش روم جي ڀت تي هٿ  رکي اچي هيٺ فرش تي ويهي سلام ڪرڻو هوندو هو. سو اهو ڪم به ڀائو جبار کان ڏکيو  هوندو هو. ڇو جو وزنائتو مڙس هو اٿ ويهه سندس بيک ڪڍي ڇڏيندي هئي.

هڪ رات ته اهڙي ڏکي جبار مٿان آئي جو هن کان جاويد سئو سلام کٽيا، پوءِ  ته ابا کوليءَ  ۾ ٽهڪ هيا. ڳورو مڙس سئو سلام اٿ ويهه هن کي صفا ساڻو ڪري ڇڏيو هو. سئو سلام ته ڪيائين پر پوءِ اهڙي ته ننڊ آيس جو اسان باقي ڄڻا  سڄي رات هن جي کونگهرن ڪري ڄڻ  ته چوڪيداري ڪندا رهياسين، جبار کونگهرن جو بادشاهه هو. کونگهرو  اهڙو هڻي جو ڀر واري کوليءَ مان به ”بابا رحم ڪجو“  جون اپيلون اچن، جبار سان گڏ مان ڀر ۾ سمهندو هيس. ان جو اثر مون به ورتو مان به کونگهرا  هڻڻ لڳس ڀر ۾ ستل مجيد به کونگهرا هڻندو هو. پر جبار جو ڪو جواب  ئي نه اسان وڏي ڪوشش  ڪئي سي پر جبار جي جتيءَ ۾ پير وجهي نه سگهياسين.

هانڊي اڪثر ڪري مالڪ يا جاويد ڪندو هو. ناشتو ڀائو قادر ڪري هو ٽئي ڀائر نهايت سٻاجهڙا  ۽ سلڄڻا  آهن. ڪڏهن به انهن جي منهن تي مير نه ڏٺو هميشه کل ڀوڳ مذاق مسخريءَ ۾ وقت گذرندو هو. سچ پڇو جيڪڏهن ڀائو قادر وارن جهڙي ٽيم نه ملي ها ته پڪ سان چوان ٿو، زندگيءَ جي ميچ مان جيل ۾ هارائي ويهان  ها. انهن جي ساٿ آٿتن سان اسان ۾ جيئڻ  جو حوصلو وڌيو. سو هانڊي ڪڏهن  جاويد ته ڪڏهن مالڪ پچائڻ تي هيا. ڪڏهن  لوڻ وڌيڪ پئجي  وڃي ڪڏهن  مرچ تيز هجن ته ڪڏهن وري تيل ٿورو وڌيڪ  پئجي وڃي. مون کان پڇن ڏيو خبر ڀائو  سجاد ! اڄ ڀاڄي ڪيئن پچي آهي ته منهنجي راءِ  بي رحم هجي ته يار اڄ  مرچن ۾ سرس آهي. لوڻ تيز ٿو لڳي يا ترو لڳي ويو آ شايد دال جو پر  ساڳيو ئي سوال  جڏهن جبار کان ڪن ته پوءِ هو چوي سائين فس ڪلاس ”ماشاءُ الله “ ” اڄ ڀاڄي صفا زبردست آهي“اڄ  ته ڪمال ڪيو اٿي مالڪ ! مان منهن ۾ چتائي ڏسندو هيو مانس هو ڪوڙ وڏي فن سان ڳالهائيندو هو.

هڪ ڀيري ويجهو ڪري پڇيو مانس ته سچ ته ٻڌاءِ  اهي سياسي بيان ڇو ڏيندو آهين؟  چيائين چريا چپ ڪر، تون آن بادشاهه  ماڻهو جي مان تو وانگي سچ چوان ته پوءِ چون ئي ائين ته پوءِ ڀلا اڄ  تون پچاءِ،  اسان کي نه ٿي اچي. پوءِ  ڇا ڪندس. تنهن ڪري وات تي به هٿ آ ته … تي به . جبار دوائن جو به اڌ ميڊيڪل اسٽور  هو. ميڊيڪل اسٽور  هلايو هئائين، تنهن ڪري اهو تجربو به هيس شايد ، هر مرض جي خاص ڪري پيٽ جي سور، مٿي جي سور، بخار، نزلي ۽  زڪام ، خارش  ۽ ننڊ جون گوريون رکندو هو. اوڙي پاڙي وارا علاج ڪرائيندا هيس. جيل اندر اهڙي قسم جي سرگرمي به سهائتا ڏيندي هئي. تڙ تي ويندو هو ته مالڪ ، اسان سڀ رڳو ٽٻي هڻي نڪري ايندا هياسين. مالڪ ويو ته ڇٽو، مالڪ جو تڙ  مطلب ته غريب جي شادي. هو صفائيءَ جو صفا سيبتو  هوندو هو. ڪک نه سهندو هو. هڪ ڀيري مان وارن کي خضاب ڪري رهيو رهيو هيس ڪارپيٽ تي ڪارو رنگ هارجي ويو. گهڻو ڌوئڻ جي ڪوشش ڪيم، پر داغ نه لٿو سوچيم مالڪ ڪاوڙبو ضرور پڇندو ته هي ڪارپيٽ جو ڪارو منهن  ڪنهن ڪيو آهي. پر ڪڇيائين نه، رڳو ڏٺائين. روح ۾ رحم آيس يا وري صرف ايڪسل وارن وارو اهو سلوگن ياد اچي ويس ته ” داغ تو اچهي هوتي هي“..

ماڙي وارا سامان ٺوڙهو ڪري ڏيندا ها. بسڪوٽ اچن ته اهي پيڪنگ کان آجا ڪري ڇڏين. صابڻ اچن ته ريپر لاهي ڇڏين. ڪريم اچي ته اندر ڪاٺي گهمائي ڇڏين. پائوڊر جي دٻي ۾ سوڻو هڻي چيڪ  ڪن. بوتل ڏيڍ لٽر واري جي گيس ڪڍي ڏسن ته بوتل ۾ ٺرو ته ناهي.

ڪاري چڪر جي کولي نمبر ڏهه ۾ اسان جي سامهون گوندل رهندو هو. 25  ڪلو چرس ۾ چالان ٿي 25 سال سزا کائي آيو هو. جيل ۾ وزم پاڻي هلائيندو هو. جيل جي اندروني انچارج درگاهيءَ کي  ڪنهن شاهينگ ڪن  ۾ اچي سرٻاٽ ڪيو ته گوندل چرس ٿو هلائي…  اوچتو اچي  ڇاپو هنيائونس ڳوٿري پڪڙجي پيس. اڳٺ ستڻ مان ڪڍيائونس، اگهاڙو ڪري ڪٽيندا سيڪيورٽي  اٺ ۾ وٺي ويس. کولي کسيائونس. ٻه ٽي ڏينهن بند وارڊ ٿيو ڏهه هزار ڏنڊ ڀرڻ لاءِ تيار هو. کولي کسجڻ جي ڏک، گوندل کي نهوڙي وڌو هو، چار چڱا وچ ۾ آيس قبر جهڙي ڪوٺيءَ مان ڪڍرائي مفت ۾ ساڳي جاءِ وٺي ڏنائونس.

کولي نمبر هڪ ۾ اياز پٺاڻ لالو قاسم ۽ ڪجهه ٻيا دوست وڏي شاندار انداز ۾ رهندا ها. صبح  جو ورزش، ڊپس ۽ ڏورا ڪشي ڪندا هيا. انهن سان گڏ هڪ اردو اپيڪنگ عتيق ڀائي به رهندو هو. ذاتي جڳهڙن ۾ ٻڌجي آيو هو. اياز جي کوليءَ ۾ دوستن جي چهل پهل هوندي هئي. لالو قاسم صفا سنجيده ، برجستو ۽ سوبر ماڻهو  هيو. دوستن جو گهڻو خيال رکندو هو. اڪثر سسٽم جي خرابيءَ تي بحث ڪندو هو. هو بلوچستان  جو پر  رهندو سکر ۾ هو. ٺيڪيداري ڪندو هو. چيوهئائونس ته ڪم صحيح نٿي ڪيو، هڪ ڪروڙ ۾ اندر آيو هو. وڏي بارگننگ ڪئي هيائونس پهريان ته جان جي آجپي لاءِ راضي هو. پر پوءِ يوٽرن ورتائين هاءِ ڪورٽ ضمانت لاءِ ويو. اڃان تائين پائيپ لائين ۾ پيو آهي. اٺ نمبر کوليءَ ۾ فضل وهاب  چرس ۾ چالان ٿي پهتو هو. خوشبوءِ  جو شوقين هيو. پرفيوم ۽ عطر هڻي جڏهن پسار تي ايندو هو ته ڪيترائي قيدي نڪ  هن جي ڀر ۾ اچي رکندا ها.

ڪراچيءَ  جا ڪيترائي مهاجر جيل ۾ هيا، سهيل ڪمانڊو ۽ اجمل پهاڙي سيڪيورٽي هڪ ۾ سنگت سان رهندا  هيا. اجمل پهاڙي ۽ سهيل ڪمانڊر  بابت اخبارن ۾  پڙهيو هيم، چينل به هنن بابت چڱو ڪجهه ئي ٻڌائينداهيا. ان وارڊ ۾ اسان جو ٿانهريي ڳوٺ  ضلعي شڪارپور جو من مهڻو دوست گهرام ڪٽو رهندو هو. روز سندس ملاقاتون اينديون هيون. هڪ ضلعي جا  هجڻ ڪري لڳندي به هئي، هڪ ڏينهن چيومانس گهرام اجمل ۽ سهيل سان ڪچهري ڪراءِ کلي چيائين صفاڪو سادو آهين.  پري کان هل ته ڏيکارياءِ، باقي کوليءَ  ۾ اندر هلي ملڻ اسان لاءِ ٺيڪ  ڪونهي.  اسان هنن کي لفٽ ناهيون ڪرائيندا. هي فارمي چوزن جيان آهن. بلڊنگن ۽ چوراهن تان چوريءَ  ڌماڪو ڪري فائر ڪري ماڻهو ماري  مڙس ماڻهو بڻيا آهن. مان هنن جو مک آهيان، هو ڪم سانگي اسان ڏي ايندا آهن، پوءِ به تون چوين ٿو، يار ماڻهو  آهين، ڳوٺائي به آن، هل ته هلان ٿو، ٻئي گڏجي سيڪيورٽي هڪ ۾ هنن جي کوليءَ ۾ پهتاسون.

مون سان گڏ جاويد ۽ عبدالماڪ مهر به هيا. هڪ نظر منهنجي پهاڙي تي پئي ڪو رعب ڪونه هيس، هيسيل  هرڻ جيان گوڏن تائين نڪري پهريون پان پئي کاڌائين ڀر ۾ اجمل جي سهيل ڪمانڊو به ستو پيو هو، اسان کي ڏسي اٿيا، هٿ ملايوسي، مون کي ڪراچيءَ  جا اهي معصوم ماڻهن ذهن تي تري آيا، جن کي بنا سبب جي هي پنهنجي تنطيم کي توانو رکڻ لاءِ ڪهندا رهيا. توڙي جو هو اندر  قيد ۾ هيا تڏهن به ٺٺ ٺانگر سان رهيا پيا هيا. ڪافي سهولتون ميسر هين. اخارون اينديون هين، ملاقات ٿيندي هين. هانڊي هلندي هين، مطلب ته پاڻي، بجلي، کاڌو ۽ ٻه ٻه  وائيد اسڪرينون لڳل  ڏسي لڳو ته هي سڀ سهولتون هنن کي متحده  جي مهربانيءَ سان مليون آهن، جاويد مون سان گڏ بيٺو  هو. چيومانس ڏس تنهنجي جيئي سنڌ ۽ هنن جي متحده….

چيائين ته سائين کي هر مهيني لکن جي سهائتا ٿيندي آهي، هنن جي گهرن جو وهنوار به انهن جي اها تنظيم سنڀاليندي آهي، جڏهن ته اسان جي جهلجي آچڻ کان پوءِ هڪ ڀيرو پڇا تي نه ڪونه آيا آهن، سوچيم ته هو پنهجو وهنوار وڏي ايمانداريءَ سان هلائين پيا. جڏهن ته اسان وارا هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ  ۾ پورا آهن. جي اسان وارا ٻڌيءَ  تي اچن ته هو ڪجهه  به ناهن، پر اسان وارن کي ٻڌي ڪرائي ڪير، هر ڪو سوا سير جو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊاڪٽر جگديش لڇاڻيءَ جو ڪتاب واسديو موهي فن ۽ شخصيت :رکيل مورائي

واسديو موهي سنڌي ٻوليءَ  جو اهڙو سرجڻهار آهي، جيڪو سچ پچ نئين ماحول، نين حالتن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي