28 اربع , جون 2017

نوٽ بُڪ جا ورق:جاڏي پير تاڏي خير-05 :آدرش

اسان اوطاق تي آياسيون، وزير ميان گهر اندر چانهه تيار ڪرائڻ جي بلي هو۔ مان تڙ ڪرڻ ويم، ٻه وٽا پاڻي جا وجهي، صابڻ هڻي  تيل مکي، نوان لٽا پائي، ڪمري اندر اچي، سرمي سرائي پائي، ڦڻي  ڏئي ڳٽن تي لالڙي لڳائي، گهوٽ جهڙي سنبت ڪيم.

***

منهنجو  پٽڙو ڪراچيءَ ويل هجي، شڪارپور واپس پيو ٿئي ته سدوري فون ڪري پڇا ڪئي: ابا! جيڪي ڪجهه گهرجيو ته وٺي اچان، ڪو ڪتاب ٻتاب؟ مون  چيو مانس  ته پٽ !  ڪجهه  به نه کپي ، بس ! تون خير سان موٽ ” چوڻ لڳو “ ابا! ڪجهه  ته ٻڌايو  ني ! ڇا وٺي اچان۔ کلندي چيومانس ” ادا !  نه ٿو مڙين ته هاڻي هينئن ڪر ماڻهين ڪراڙي ٿي وئي آهي، ايڏانهن  ڪا ٻي مائي ڳولهي وٺي اچ“

***

اشرف ميان تڙتي ويو، مون کي هلڪو  مٿي ۾ سور هو مان اوطاق آڏو اڌ چانهه پيئن لاءِ ٻاهر نڪتم۔  وندر ورونهن لاءِ شمشاد صاحب جو ڏنل ڪتاب ” بيدار جي ڪهاڻي، سندس زباني “  کنيم .

هڪ ٻاڪڙا هوٽل تي اچي، هوٽل واري کي سٺي اڌ چانهه جو چئي، ڪنڊ ۾ پيل بئنچ  اچي وسايم.

مان ڪتاب کي ڏسڻ لڳم۔ اندرين پني تي، هڪ هنڌ اکيون ايئن بيهي رهيون  ڄڻ ٽول پلازا تي ٽرالر اچي بيهي، جتي لکيل هجي۔ هديو : 200 رپيا

هديو عربي لفظ آهي، ان جي معنيٰ سوکڙي، تحفو ۽ نذرانو آهي۔ هديو ٻي معنيٰ ۾ رڳو قرآن پاڪ لاءِ زباني استعمال ٿيندو آهي، ڇو ته قرآن مجيد جو ملهه نه ٿو ٿي سگهي۔ جنهن ڪري ان تي ملهه لکيل نه هوندو آهي.

همراهه چانهه ڏئي ويو، مون ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو۔ ڪتاب سائين شمشاد  جي والد محترم فته الدين جي آتم  ڪٿا آهي، هن جي مرشد کيس ڇٺيءَ  جي نالي فته الدين مان فتح محمد بڻائي ڇڏيو هو.

هي بزرگ ماڻهو  ۽ الله جي نيڪ ٻانهي جي ڪٿا آهي، دلچسپ آهي، عجيب ڳالهيون به اٿس۔ پني 55 تي حاجي محمد هاشم ڏاهريءَ  بابت لکي ٿو ته هوحج  ڪري  آيو۔  ان مهل حج  وڏي فضيلت هو، ورلي ڪو ڪشالا ڪڍي پنڌ جهاڳي، حج جي سعادت ماڻيندو هو، ڏاهري صاحب کي ڪلين شيو ڏسي چوي ٿو، محبوبن  جي چانئٺ چمي  آيو آهي۔ هن جي ته ڏاڙهي ڪوڙيل آهي، هي حاجي صاحب ڪئين ٿي سگهي ٿو؟.

بيدار صاحب  بزرگ هيا، سونهاريءَ جي وڏي فضيلت اهڙي هين جو حاجي صاحب کي سونهاري نه هئڻ تي عجب کائن ٿا، ٻئي هنڌ پني 64 تي سائين جن فرمائن ٿا،” سڄڻ  سائين جو اوائلي دور هو. مون کي هڪ عظيم الشان جلسي ۾ فرمايائون ! بيدار صاحب اوهان به ڪا نصيحت ڪريو“ .

عرض ڪيم: ” قبلا ! اوهان جو ڪرم ۽ قرب آهي جو ڏاڙهي ۽ پٽڪو نصيب ٿيوآهي، سفر دوران پٽڪو ته ٿيلهي ۾ رکي سگهجي ٿو ۽  ضرورت وقت ڪڍي، مٿي  سان ٻڌي سگهجي ٿو، ڏاڙهي  چهري تي چنبڙيل آهي، جيڪا ڪٿي به رکي نه ٿي سگهجي، جيڪڏهن  ڏاڙهي به پٽڪي وانگر رکڻ جهڙي شيءِ هجي ها ته  الماريءَ ۾ رکي ڇڏجي ها ۽ ضرورت واري وقت استعمال ڪجي ها“.

***

پيدار صاحب  جي ڪتاب ۾ عقيدت سان لکيل اهڙيون بيداريءَ  واريون گهڻيون ئي ڳالهيون آهن۔ عقيدو ، عقل ۽ دليلن کان مٿانهون هوندو آهي۔ مرشد ڪامل جو هٿ وٺڻ کان پوءِ عقل کي ڪلف لڳي ويندو آهي.

چانهه پيئندي، ڪتاب پڙهندي مون کي ايئن پئي لڳو ڄڻ  مان لحد ۾ لهندو پيو وڃان.

***

مون شڪارپور اچي، اهو ڪتاب پنهنجي دوست محمد آزاد جوکئي کي هديي طور ڏنو۔ 200 ڪونه ورتامانس۔ هن اهو ڪتاب ٻئي ڪنهن پنهنجي دوست کي ڏئي ڇڏيو، خبر ناهي  هاڻي الائي ڪنهن جي الماريءَ ۾ آهي؟

***

سچ اهو آهي ته پئسو ۽ ڪتاب ڪنهن جا ناهن هوندا، ڪتابن ۽ پئسن جو سفر سند ياد جهازيءَ وارو  هوندو آهي.

اسي واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان سڌسماءَ کاتي پاران نڪرندڙ ماهوار رسالي ” ماه نو“ جي اردو شاعره ڪشور ناهيد ايڊيٽر ٿي، هوءَ ذهين ۽ گڻائتي مائي هئي، رسالي کي ڏاڍو سهڻو ڇپائي، سٺي ۽ برجستي چونڊ ڪري، آسمان تي پڄائي ڇڏيائين.

هن 1987ع ۾ پراڻن پرچن ۾ ڇپيل لکڻين جي چونڊ ڪري، رسالي جو ” چاليهن سالن جو نمبر“  ٻن هزار صفحن تي پڪي جلد سان ٻن جلدن ۾ ڇپايو، ان چونڊ ۾ مائي سڳوريءَ منهنجي ڪهاڻي“  هڪ شخص جي زندگي“  شامل ڪئي، ان جو اردو ۾ ترجمو منهنجي سنگتي، شاعر ۽ صحافي شفقت سومري ڪيو هو.

رسالي جي جلدن جو ملهه چار سئو رپيا ان وقت وڏو هو، هاڻوڪا چار هزار ٿين، پاڻ ڦڪڙ  ماڻهو، خط لکيو مانس ” ادي !  پرچن ۾ منهنجي  ڪهاڻي شامل آهي، مولائي مڙس آهيان ، ڪو قرب ڪر“  مائيءَ دير ئي نه ڪئي”  خط سي پهلي مين آگيا“  وانگر رسالي اچي ٺڪاءُ  ڪيو، پنهنجا ٺٺ ٿي ويا.

چئن سالن پڄاڻان، 1990ع جي بهار ۾ انڊس هوٽل تي  مان ۽ خليل مورياڻي  صاحب چانهه  جا ڍڪ ڀريندي، بهاريءَ ۾ هياسون۔  رسالي ” ماه نو“ نمبر جو ذڪر نڪتو، خليل  صاحب دل جي خواهش ڏيکاري ته اهو تاريخي نمبر هٿ اچي وڃي ته جيڪو منهنجي لائبريريءَ جي زينت بڻجي.

مون چيو مانس سائين رسالو توهان کان مٿي ناهي، ايئن ڀانيو اوهان جو ٿي ويو.

هو ڏاڍو خوش ٿيو۔ ليکڪ، شاعر ۽ ڪتابن جي عاشق لاءِ سڀ کان وڏي خوشي ڪتاب هوندي آهي، ان لاءِ سٺو  ڪتاب ملڻ  محبوبا  جو ملڻ هوندو آهي.

رات جو آيو ته رسالو ڏنومانس، خوشيءَ ۾ اڌ چانهه بدران سڄي چانهه جو آرڊر ڏنائين۔ مون کي ڀئو ٿيو ته خوشيءَ  ۾ سڄي هوٽل ۾ ويٺل سڀني ماڻهن لاءِ  چانهه نه چئي ويهي.

هن سال ٻه ٽي مهينا اڳ  مان ۽ منهنجو لنگوٽيو يار اياز ابڙو، ريل جي دٻي ۾ ويٺا هياسون۔ ڪتابن جي ڳالهه نڪتي، سٺي ڳالهه ڳالهه ڳائبي آهي، ستاويهن سالن گذرڻ کان پوءِ ” ماه نو“ واري ڳالهه ٻڌائيمانس، اها ڳالهه  ٻڌي هو کلڻ لڳو.

مون پڇيو مانس ” ڇو اياز!  ان ۾ کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، جو کلين ٿو؟“  چوڻ لڳو  ارشاد!  اهڙي ڪائي ڳالهه ناهي، ڳالهه  اها آهي ته اهو تو وارو سائين خليل کي ڏنل ستاويهه سال اڳ  وارو تحفو، ٻه سال اڳ ، مورياڻي صاحب وري مون کي سوکڙي ڪري ڏنو هو“

” ڪمال جي ڳالهه آهي“

هاڻي ٻڌ !  منهنجو شوق نه رهيو آهي، صحافت جي دنيا ۾ اچڻ کان پوءِ ڪتاب  پڙهڻ ئي ڪونه ٿا ٿين ، مون وٽ به ايئن ئي پيو آهي، شام گهر اچ ته ڏيندو مانء..

شام جو اياز وٽان ٻئي جلد کڻي آيم، عيد ٿي وئي۔ اشرف ميان سان سفر ۾ اها ڳالهه نڪتي۔ هو اتاولو ٿي ويو، مون چيومانس، الڪو نه ڪر ننڊ نه ڦٽاءِ ٻه وهاڻا  ڏئي سمهه ، رسالا تنهنجا ٿيا.

سفر کان ٿي، ڳوٺ آيم ، ٻئي جلد ، ٽپال رستي اماڻيا مانس، ” ماه نو“ جا جلد، پنجاب جي لاهور کان، شڪارپور سنڌ ۾ آيا، ٻن ٽن هٿن مان گهمندي ڦرندي، ٿر وڃي پڳا، اهي سلام ڪوٽ ۾ اشرف علي سمون جي عاليشان  لائبرري ۾ نئون چنڊ بڻيل آهن.

***

مان هوٽل تان اٿي، اوطاق تي آيم۔ وزير فرهاد ٽهل ٽڪور ڪري، پنهنجي ڊيوٽيءَ تي هليو ويو۔ اسان ٻئي نڪتاسون، اشرف ميان لاکاروڊ مان ڪتاب ورتا هيا۔ اها زنبيل کڻي ، ٽپال گهر آياسيون۔ ڪتاب پارسل ڪيائين، جيڪي مالڪ جي گهر پڄڻ  کان اڳ پڄي ويندا.

اسان سائين عظيم سنڌيءَ جي دڪان تي آياسون، هو ڪونه هو۔ اسان ٻئي خالي دڪان ٻاهران اهڙو منهن  ڪري ويٺاسونٖٖ ڄڻ ڀيل ڀت ڊاهڻ لاءِ آيا هجن۔ سامهون  سئلون تي ڪم ڪندڙ سريلي جوان محرم علي جي نظر پئي ته ڊڪندو آيو، ڀاڪر پائي  ملڻ کان پوءِ هڪدم چانهه جو چيائين۔ ڪچهري ڪري، چانهه جا ٻه ڍڪ  پي ڪري ، اٿياسيون، سائين عظيم نه آيو۔  الائي ڪاڏي ويو هو، هن جي سلائي واري مشين، هن کان سواءِ خاموش ۽ اداس هئي.

اسان گچيرو روڊ جي هڪ ڪنڊ ۾ ، ڪهاڻيڪار ظفر جي پرائيويٽ اسڪول ۾ آياسون۔ هو پنهنجي آفيس ۾ ويٺو، ڪتاب پڙهي رهيو هو.

ظفر ميان ماڊرن ڪهاڻيڪار آهي، هڪ ڪهاڻي ڪتاب ” ڀونءِ  مان نڪتل ماڻهو“ کان سواءِ ٻه ٽي ترجمن جا ڪتاب شايع ٿيل اٿس۔ هو ڳنڀير، ماٺيڻو، ڪم سان ڪم رکڻ وارو، محفلن کان پري رهندڙ، پنهنجي ذات ۾ انجمن جهڙو ڀلو ماڻهو آهي.

ظفر صاحب پيار سان مليو، چانهه چڪو پيئاريائين۔ سگريٽن جي آسماني دونهين  ۾ اسان جا چيل لفظ پاڻ ۾ ملندا رهيا، لفظ کٽي پيا، اسان اٿياسون.

منجهند ٿي چڪي هئي، اسڪول ۾ موڪل ٿيڻ  ڪري ٻار خوشيءَ وچان ٺينگ ٽپا ڏيندا گهر وڃي رهيا هيا، اهي ئي ٻار صبح جو اسڪول اهڙو سوڳ ۾ منهن ڪري ويندا آهن، ڄڻ  موري جو شاعر  رکيل موت سان ٻکيل  هجي.

اسان سپر هاءِ وي تائين چنگچي ۾ چڙهي، دادو روڊ تي آياسون. اتي اسان جي اوسيئڙي ۾ وزير فرهاد بيٺل هو، اتان سڏ پنڌ تي شاعر امداد سولنگيءَ  ڏانهن،  سندس ماروٽ جي لاڏاڻي جي عذرخواهي ڪرڻي هئي.

امداد سولنگي سٺي شاعري لکڻ سان گڏ  وڪالت ڪندو آهي، وڪيل به اهڙو  آهي جو اصيل کي ڦاهيءَ  تي ٽنگائڻ کان پوءِ، هن جي وارثن کي لاش وٺي ڏيڻ جي آٿت  ۽ مبارڪون ڏيندو آهي.

اسان دادو روڊ  تي پڳاسون ته وزير فرهاد اسان کي ڏسي ڏند ٽيڙيا، اسان مڙسي ڪري پنڌ کي ڇڪيو سي، ٿورو اڳيان آياسون ته هڪ گئس  سيلنڊر جهڙو گول مٽول همراهه  مليو، ڀاڪر پاتائين، هو منهنجي ورقن جو عاشق نڪتو۔ حاجي عبدالحق ميمڻ صاحب ھو۔ هن ڪلينڪ ۾ اچي  ويهاريو، هو اتي ڪمپائونڊر آھي۔ ڪمپائونڊر به اهڙو سٺو آهي، جو  هن هڪ  ڀيري   ملهه جي سنهڙي مريض  جي ٻنهي ڏورن ۾ سئي هنئي، هن جا ڏورا سجي اهڙا ٿي ويا جو هو ريسلنگ کيڏڻ لاءِ لنڊن ويو هو.

اسان ڪلينڪ ۾ ويٺاسون، هو هڪ دم وڃي ، هوٽل واري کي  چانهه چئي آيو، ڪچهري ڪندي، ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ  شيخ صاحب اچي  ويو، هونءّ  قربائتو  ماڻهو  آهي، سرڪاري  نوڪريءَ  مان پلو آجا ڪرائي، ڪلينڪ هلائي ٿو.

منهنجي مائٽ مٺڙي ۾ به پنو عاقل جي دلبر سائين ڊاڪٽر محمد علي محمدي وانگر هٿ شفا اهڙي آهي  جو مريض جي نبض  ڏسڻ لاءِ هٿ وجهندا آهن ته ان کي ڪامڻ ٿي ويندو آهي.

اسان قرب جي ڪچهري ڪري، هنن کان موڪلائي، امداد سولنگي جي  تڏي تي آياسيون۔  ڏک ۾ گهڙا منجيءَ جهڙيون منڍيون ڪري ويٺاسون.

قل پڙهي، بخش ڪري، دعا گهريسون۔ امداد جو مربي ابو ڊاڪٽر سليمان سولنگي آيو، ان سان عذر ڪيوسون، ڊاڪٽر سليمان صاحب رٽايرڊ آهي. شاعر  آهي. هن  جو سدورو پٽ سجاد ظهير به شاعر آهي، خير سان ڪنهن مشاعري وڃڻ جي ضرورت ئي  نه پوندي اٿن. گهر ۾ ئي طرحي مشاعرو ڪندا آهن.ان طرح  ”موري جو مور نور بڻجي ويو“ ڊاڪٽر صاحب بنفس نفيس پاڻ ڏيندو اٿن. اسان جهٽ کان پوءِ اٿون پيا ته امداد صاحب چيو ” سائين! ويهو  ويهو، ايئن ڪونه ڇڏبو، ماني کائي پوءِ وڃجو، ان گهڙي هڪ همراه  ماني کڻي، ڀرسان لنگهي، ڪمري ۾ ويٺل ڪن همراهن ڏانهن ويو. مون وزير فرهاد ڏانهن نهاريو۔ هو به ڪو صبح ڀاڄي وٺي گهر نه ڏئي آيو هو سو امداد  صاحب  جي صلاح تي کپ  کوڙي ويهي رهيو. مون به ماٺ ڪئي، مان سمجهي ويم ته وزير ميان  مانجهاندو هتي ڪرائي، رات لاءِ به امداد ميان کان چانور وٺي، پوتڙي ۾ ٻڌي کڻي هلندو.

اسان  ڪچهريءَ ۾ لڳي وياسيون.  پندرنهن منٽ ، اڌ  ڪلاڪ، منو ڪلاڪ گذري ويو. ماني نه آئي.  بک به ٺاهوڪي لڳي هئي، بک ۾ عبادت به نه وڻي، ڪچهريءَ ۾ ڪهڙو مزو اچي! وٽ سٽ کائيندي نيٺ مون کلندي، امداد صاحب کي چيو: ابا ! روزو کولائيندو ڇا؟ ”نه سائين نه اجهو آئي“ اصل ۾ همراه جيڪا ڪمري اندر  وارن لاءِ  ماني کڻي ويو هو سا آخري هئي. هاڻي جڏهن  ٻي تيار ٿئي.

اسلم عباسي صاحب اچي ويو، کلڻو جوان، کلڻ جو انداز ايئن اٿس ڄڻ گرم پاڻي جون گرڙيون ٿو ڪري.

الله الله  ڪري ماني آئي، ٿي سرهائي، بک تي نڪتل تارا، ماني کائڻ کان پوءِ اندر ٿي ويا، ان آ ته ايمان آ، ايمان تازو ٿي ويو. دل چيو ته نماز پڙهان پر ٽئم ٽپي ويو هو،  سو الله  جو شڪر ڪري جان ڇڏايم.

اسان  موڪلاياسون. امداد ميان گاڏي ڏني، وزير جي در تي لاهي آئي، اوطاق ۾ اچي آرامي ٿياسون.

مون سٺن ڪهاڻيڪارن محمد صديق منگيو صاحب ۽ سائين پير عبيد راشدي ڏانهن فون ڦيرائي، اهو سوچي ته دل گهريا دلدار آهن، ڳوٺن ۾ ھجن ته درشن ڪندا پوءِ اڳتي  وڃون۔ پر هڪ حيدرآباد هو، ٻيو ڪراچيءَ ويل هو، پنهنجي نصيبن ۾ سڪرنڊ جي سهڻن ۽ پير جهنڊي جي پيرن جو ديدار نه هو.

شام جو چڪر تي نڪتاسون، ميمڻ محلي ۾ ليکڪ اظفر سعيد ميمڻ پيار مان مليو. هو منهنجي  ورقن پڙهڻ جو شوقين جوان  هو، ڏاڍو  خوش ٿيو، چانهه جي ڏاڍي صلاح ڪيائين اسان تڪڙا  هياسون،  مون کي خوشي ٿي جو موري ۾ اهڙا انيڪ ايوارڊ مليا، جن منهنجي لکڻين کي مان ڏنو.

شهر جو چڪر چاري ڏئي، واپس  آياسون، ماني ٻاني  کائي سمهي پياسون، جو صبح  جو موري کي ڇڏڻو هو. دل ته نه پئي چئي جو موري جي مورن ايڏيون محبتون ڏنيون، جو سمنڊ ننڍڙو لڳو۔

صبح جو وزير فرهاد موڪلائي، حيدرآباد ويندڙ وئن ۾ ويهاريو ته اکين ۾ پپل جي پن تي وسيل ماڪ ڦڙا هيا، الائي لڙڪ هيا؟.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليڊي هيلٿ ورڪرن جي مطالبن لاءِ جاري جدوجهد ۽ اگھور ننڊ ستل حڪمران!:قاسم سوڍر

ان ڳالهه کان شايد ئي ڪو انڪار ڪري ته هر شعبي جي پنهنجي پنهنجي اهميت …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي