23 اربع , آگسٽ 2017

ڪڏهن ايذاءَ جي تپش ته ڪڏهن مسرتن جا انبار! :ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

‘SANA’جي ساليانا ڪنوينشن لاءِ 30 جون 2006ع تي ’ميرئٽ ايئرپورٽ هوٽل  ٽورونٽو‘ ۾ مختلف ڪائونٽرس تي رجسٽريشن ٿي رهي هئي،  هڪ شخص مليو ڀاءُ دائم قلباڻي، جيڪو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اي.ڊي.سي. رهي چڪو هئو، اهو مون سان ڪچهريون ڪندي ذوالفقار علي ڀٽو واري دور جون ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌائي رهيو هئو.

مون  ‘SANA’جي وائيس پريزيڊنٽ کان ٿوري ڄاڻ حاصل ڪرن چاهي، ته  ميرئٽ جي ريسٽارنٽ ۾ رات جي مانيءَ ۾ ڇا کائجي؛ جو ڪانٽينينٽل فوڊ ڏسي رات ته مون پنهنجي  بسڪيٽن  سان ڪم ٽپايو هئو، جميل ته اهڙو نيڪ دل انسان هئو جو هن هڪ دم مون کي چيو ته ”سائين!  جيڪڏهن اوهان کي انڊين فوڊ کپي ته مون پنهنجي لاءِ  آندو آهي، پر  هاڻ مون کي نه کپي جو آءٌ ڪٿي کائي آيو آهيان“ هو مون کي پنهنجي روم ۾ وٺي هليو ۽ پيڪ ٿيل کاڌو پاڻ کڻي ڪري منهنجي روم تائين پهچايائين.

ڀاءُ جميل واقعي ڪٿان بهترين فوڊ وٺي آيو هئو پر اهو ايترو ته گهڻو هو جو مون صرف ٿورو ئي ڪڍي ڪري کاڌو ۽ باقي واپس پيڪ ڪري رکيو  ته اڌ رات جو ڀل جڏهن هيرو ٺڪر اچي ته اهو پڻ کائي سگهي.

رات جو  12:30 بجي ڀاءُ خير محمد ڪولاچي، محمد بخش تنيو ۽ مان ڪار ۾ ڀرسان ئي ٽورونٽو انٽرنيشنل ايئرپورٽ وياسين ته  جيئن هيرو ٺڪر کي وٺي اچون ۽  اتي پهتاسين ته خبر پئي ته فلائيٽ اڌ ڪلاڪ  ٻيو به ليٽ آهي، تيسين محمد بخش تنيو ڪٿي ڪجهه ناشتو ڪرڻ لاءِ وٺي هليو، هن ڀرسان ئي هڪ چوڪ تي هلي (Mr. Sub) ريسٽارنٽ تان ٽي ڊگها سينڊوچ ٺهرايا، جيتوڻيڪ مون پنهنجي لاءِ منع پئي ڪئي پر هنن جي چوڻ تي کاڌو ته چڱو سوادي پئي لڳو، پوءِ وري اسين سامهون ئي هڪ ٻئي فاسٽ فوڊ شاپ تي وڃي ڪافي پيتيسين !

ايئرپورٽ ڏانهن واپس آياسين ته رات جو هڪ ٿي چڪو هئو ۽ جهاز پڻ لينڊ ڪري چڪو هئو. اسين پارڪنگ چارج بچائڻ لاءِ تنيو صاحب کي ڪار سوڌو ٻاهر بيهاري پاڻ وڃي (Arrival) تي بيٺاسين. اتي ته ابا هڙ سردار ئي سردار پئي ڏسڻ ۾ آيا، جيڪي  پنهنجي مائٽن کي وٺڻ  آيا هئا. اسان کي جيڪڏهن ٽورونٽو ۾ هجڻ جي پڪ نه هجي ته ڪير به ماڻهو جيڪر نه چوي ته اسين ڪيناڊا ۾ بيٺل آهيون !

هيرو ٺڪر جو انتظار ڪندي ڪندي ڏاڍي دير ٿي ويئي، آخر اسان وارو همراه 2:00 وڳي کن مس  هيڏانهن هوڏانهن نهاريندو، پنهنجي ٽرالي کڻي ٻاهر پئي نڪتو. آءٌ هن جي اڻ تڻ مٽائڻ لاءِ ڊڪي وڃي گڏيومانس هيرو اصل خوش ٿي ويو هن جا ٿڪ ئي لهي پيا!  هو اهو سوچي ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪتو هئو ته فلائيٽ ليٽ هئڻ ۽ اڌ رات ٿيڻ سبب شايد ڪير به ڪونه آيو هجي! هينئر مون کي ڏسي هن  جي دل ٻيڻي ٿي وئي! اسين ٽرالي کڻي ٻاهر آياسين، ڀاءُ خير محمد ڪولاچي ۽ محمد بخش تنيو به اچي هيري سان گڏيا. تنيو صاحب، پنهنجي ڪار ۾ اسان ٽنهي کي هوٽل ايئرپورٽ ميرئٽ ڇڏي  پنهنجي گهر  هليو ويو. ڪولاچي  لفٽ منجهان پنجين ماڙي تي لهي پيو، جو هو روم نمبر 536 ۾ رهيل هئو ۽ اسين ڇهين ماڙي تي اچي 610 جو دروازو کولي اڃا اندر آياسين ته دروازي جي گهنٽي وڳي. کولي ڏٺو ته ادا ڪولاچي بيٺو  هئو. هن هيري لاءِ به سينڊوچ ورتو هئو، جيڪو سندس هٿ ۾ ئي رهجي ويو هئو، اهو ڏيندي هو دروازي تان ئي پنهنجي روم ڏانهن واپس هلي ويو. پوءِ هيرو فريش ٿيو ته برياني  ۽ سينڊوچ کاڌائين  ائين اسين ڳالهيون ڪندا 3:30 بجي مس سمهياسين.

1- جولاءِ 2006ع تي صبح جو تيار ٿي 8:30 بجي کن هيرو ۽ مان  هيٺ لابيءَ ۾ آياسين ته ادا ڪولاچي اڳواٽ ئي پهچي ويو هئو. مون رسيپشن تان وڃي پنهنجي ۽ هيري لاءِ 5 جولاءِ تائين (Breakfast Buffet) ڪوپن ورتا ۽ ريسٽارنٽ مان نيرن ڪري سگهو ئي هال ۾ آياسين!

تقربن ٽي سئو کن ڊيليگيٽ رجسٽر ٿيا هئا. سڀ کان پهرين سيشن سورهن سالن کان ننڍي عمر جي ٻارڙن جي رکيل هئي، هڪ ڪامپيئر سوترڌار جو رول نڀائيندي ٻارڙن کان سنڌ بابت سندن تجربات پڇي رهيو هئو. هو کانئن سوال پڇندي پڇندي کين ڪجهه سٺيون ڳالهيون پڻ ٻڌائي رهيو هئو ته  جيئن منجهن سٺا سٺا سنسڪار ۽ اعليٰ  تهذيب پرورش پائي سگهي، اهو سيشن هڪ ڪلاڪ هليو، جنهن بعد باقائده رسمي طور مين هال ۾ افتتاحي اجلاس ٿيڻو هئو.

‘SANA’ جي ٻاويهن ساليانه ڪنوينشن جو افتتاح ڪندي آرگنائيزيشن جي صدر، عزيز ناريجو اسٿاپنا واري وقت کان اڄ  تائين واري تجربي تي روشني وجهندي تمام مقاصد جي ڄاڻ ڏني. ڊاڪٽر اعجاز وري ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ته جيتوڻيڪ هر سال کين ڪنوينشن جي رجسٽريشن ته جهجهي تعداد ۾ پئي ملي پر هن سڀني کي اهو احساس   ڏياريو ته  اهي ساليانه توڙي لائيف ٽائيم ميمبر شپ کي فروغ ڏيڻ لاءِ پڻ وڌيڪ ڪوشش ڪن، سڀ مقررين پنهنجي (Presentation) دوران پروجيڪشن جو ڀرپور استعمال ڪري رهيا هئا ته  جيئن ڪامياب ڪميونيڪيشن ٿي سگهي.

هال ٻاهران ڪاريڊار ۾ ڪافي چانهن جا اسٽال لڳايل هئا. پورو ڏينهن اها ڪيتري به وٺي سگهجي پئي. هيرو ۽ مان  اتي ڪافي پئي پيتي جو  ان ڏينهن پهريون ڀيرو ٽورونٽور ۾ رهندڙ  هڪ هندو سنڌي شخص، گهنشيام راجاڻي گڏيو؛ جيڪو اتي 1999ع کان رهيل هئو. اُتي گهڻو عرصو رهندڙ  تقريبن سمورن صاحبان کي اتان جي نيشنلٽي ملي ويئي هئي، پر ٻڌايائون پئي ته هنن  جي ڪيناڊا پاسپورٽ تي سندن پيدائش وارو هنڌ پاڪستان هئڻ سبب ڪيترن ملڪن جي ويزا وٺڻ ۾ کين بيحد تڪليف پئي ٿي. ڪنهن وري ٻڌايو ته ڏهاڪو سال پوءِ جڏهن هڪ ٻيو نئون پاسپورٽ ٺهرايو ويندو ته اهي پيئي پاسپورٽ گڏ هوندي کين ڪهڙي به ملڪ جي ويزا وٺڻ ۾ مددگار ٿي سگهندا . پوءِ اهڙن شخصن مان ڪنهن کي ڀوءُ ڀولو ڪونه هوندو آهي . اهو سندن  شرافت جو هڪ سرٽيفڪيٽ ٿي پڻ ڪم اچي سگهندو آهي.

گهنشيام راجاڻي ٻڌايو ته هو ‘SANA’  جي ٽورونٽو وارن آفيس بيئررس سان گڏ  اتان جي هندو سنڌين جي تنظيم (Sindhi Cultural Association of Toronto)  کي وڃي کين آفيشل دعوت نامو ڏيئي آيو هئو! پوءِ به  انهن مان هڪ به سڄڻ ان ڪنوينشن ۾ ڪونه آيو هئو. جيتوڻيڪ ائين به ٿي سگهيو پئي ته هرهڪ کي پنهنجا تجربات ۽ پنهنجي  ررزويشن هجي ! پوءِ به  امڙ  سنڌ جي ناتي ۽ دنيا جي تمام سنڌين جي بهبودي ۽ بهتري لاءِ يڪمشتي ۽ باهمي تعاون ئي سڀني کي فائدو پهچائي سگهي ٿو.

اسين ڪاريڊارم تي بيٺا هئاسين جو پٺيان آواز آيو: “ مسٽر مٽلاڻي”

مون مڙي ڏٺو. ڀاءُ صغير شيخ هئو. پوءِ ته اسين ڀاڪرن ۾ پئجي وياسين، ادا صغير بيحد پيار ۽ پاپوه منجهان مليو. اها منهنجي ساڻس ٽين ملاقات هئي. ان کان اڳ آءٌ ساڻس 2003ع ۾ لاس اينجلس ۽ 2004ع ۾ لنڊن ۾ ’ورلڊ سنڌي ڪانگريس‘ جي ساليانه ڪانفرنس جي موقعي تي گڏجي چڪو هوس. ڀاءُ صغير شيخ، ورلڊ سنڌي ڪانگريس جو چيئرمن هئو ۽ پاڻ ڪمپيوٽر انجنيئرنگ ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪرڻ کان پوءِ لاس اينجلس ۾ قيام پذير هئو. لنچ کان پوءِ واري سيشن ۾ مظهر لاکو پروجيڪٽر جي مدد سان  SANA  جي هيل تائين ڪيل تمام خدمات تي روشني وڌي؛ جنهن  موجب ڪيترن شاگردن کي اعليٰ تعليم لاءِ فيلو شپ ڏني ويئي هئي ته ڪيترن ئي ڪامياب شاگردن جي همت افزائيءَ لاءِ کين اوارڊ پڻ ڏنا ويا هئا.

شام جو هڪ ٻئين  وشال ۽ خوبصورت هال ۾ وچ تي اسٽيج لڳائي ميوزڪ پروگرام جو بندوبست ڪيو ويو هئو ۽ اتي ئي سائيڊ کان (Buffet Dinner) لڳايل هئي.  ان ميوزڪ پروگرام ۾ وڌ ۾ وڌ ڊيليگيٽس جي ڀيڙ آيل هئي ۽ تقريبن پنج سئو کن عورتون، ٻار، بزرگ ۽ نوجوان شريڪ ٿيا هئا، ميوزڪ جو لطف وٺائڻ لاءِ ٽورونٽو  جي هڪ هندو ڀاءُ عالمچنداڻيءَ  به ڪجهه ڪلام پيش ڪيا.

هيرو ۽ مون کي ٿڪ هئو، ان لاءِ اسين ماني کائي آرام ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتاسين ته ڀاءُ صغير شيخ گڏجي ويو، هو اسان کي لابيءَ  ڀرسان اوپن ايئر ريسٽارنٽ ۾ وٺي آيو، جتي ويهارو کن نوجوان اڳ ئي ويٺا هئا. پوءِ ته سڀ اسان ٻنهي کان هندستان جي سنڌين بابت حال احوال وٺڻ لڳا.

هنن  جي ڪچهري هلي ئي رهي هئي جو 12:00 وڳي کن هيرو ۽ مان کانئن موڪلائي اڃا مٿي روم ۾ مس آياسين ته سمهڻ سان ئي ننڊ کڻي وئي!

آچر 2-جولاءِ 2006ع تي صبح جو اٿندي ڪجهه دير ٿي ويئي ۽ جاڳ ٿيندي 8:30 بجه ٿي ويا.

پوري رات آرام ڪرڻ سبب آءٌ پاڻ کي ڪجهه تازو توانو محسوس ڪري رهيو هوس.  هيرو ۽ مان  ڪافي تيار ڪري ونڊو وٽ اچي ويٺاسين.ٻاهر هاءِ وي تي تيز وهيڪلس ڊوڙي رهيون هيون ۽ ٿورو  دور کان نظر ايندڙ  ايئرپورٽ تي هر چند منٽن کانپوءِ جدا جدا  جهاز لينڊ ڪري رهيا هئا. اڄ  اسان کي تيار ٿيڻ  ۾ دير ٿي ويئي ۽ 10:30 بجي کن تيار ٿي هيٺ  لٿاسين.

ريسٽارنٽ ۾ ناشتو ڪرڻ آياسين ته اتي ڏاڍي گهما گهمي لڳي پيئي هئي. ائين پئي لڳو ڄڻ سڀ جو سڀ اسان جيان دير سان ئي اٿيا هئا. ان مهل پورو ريسٽارنٽ ‘SANA’ ڊيليگيٽس سان ڀريو پيو هئو. اسان به هڪ وڏي شاهي گلاس ونڊو جي ڀر ۾ ويهي ناشتو به ڪيو ته ٻاهرين  سبزه زاري ۽ قدرتي سونهن جو لطف پڻ پئي ورتو. رٿيل پروگرام موجب صبح  جو 9:00 بجي ’بزنس ورڪشاپ‘ رکيل هئو. پوءِ ان کي ڪينسل ڪندي اسان جو ادبي سيشن ٿيڻو هئو. ڀاءُ  عزيز ناريجو  جي صلاح بيٺي ته هينئر صبح جو حاضرين گهٽ ملندا، ان لاءِ ڀلائي ڪري اسان وارو سيشن لنچ کانپوءِ 4:00 بجي رکيو هئائين.

2:00 بجي واري ميڊيڪل سيشن ۾ ڊاڪٽر قلباڻي ڪينسر کان بچڻ بابت ضروري ڄاڻ ڏيئي رهيو هئو. اسين ٻاهر  آياسين ته ڪاريڊار ۾ واشنگٽن کان آيل ’ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ‘  جو ڊائريڪٽر منور  لغاري گڏيو. ڏاڍا ڀاڪر پائي مليو! ساڻس گڏ ادي حميره به هئي. لنڊن مان ڀاءُ قادر جتوئي به آيو هئو، جيڪو لنڊن واري 2004ع واري ورلڊ سنڌي ڪانگريس ڪانفرنس ۾ پڻ گڏيو هئو. ايتري ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي  چيئر تي فائز ڊئريڪٽر، ڊاڪٽر فهميده ميمڻ به اچي ويئي. جيڪا اُتي ٽورونٽو ۾ پنهنجي فرززند وٽ آيل هئي. هن سان ادا حسين به هئو ته بيبي ارونا به ساڻن گڏ هئي، جيڪا ڪجهه ئي ڏينهن اڳ بمبئي ۾ اسان جي گهر پڻ آئي هئي. هنن سان گڏ  ادي فهيمده جو شهزادو به هئو،  جيڪو اُتي ٽورونٽو ۾ ئي رهندڙ هئو.

ٿوري دير ۾ جڏهن ادبي سيشن شروع ٿيو ته ڀاءُ عزيز ناريجو ان مخصوص سيشن جي صدارت  ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر فهميده  ميمڻ ۽ پيپر پيش ڪرڻ لاءِ مون کي ۽ هيرو ٺڪر کي مٿي ڊائس تي گهرايو. هن ٿوري ۾ اسان ٽنهي جي واقفيت ڏني ۽ سڀ کان پهريون پيپر پڙهڻ لاءِ مون کي  مدعو ڪيو.

منهنجي مقالي جو عنوان هئو ’ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جو تحفظ ۽ اوسر‘ . مون انتهائي مختصر ۾ سنڌ جي تاريخ جو بيان ڪندي ٻاهرين حمله آورن جو ذڪر ڪيو ۽ الڳ الڳ حڪومتن دوران ٻوليءَ تي اثرات ٻڌائيندي ورهاڱي  واري هندن جي لڏ پلاڻ جو پڻ ذڪر ڪيو ۽  هندوستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ وارن 58 سالن جو سرسري جائزو ورتو.

منهنجي مقالي ۾ ذڪر هيٺ آيل  مواد جي ڪشش هئي يا ڪجهه ڪجهه  منهنجي پيشڪش جو اثر هئو جو پوري پيپر دوران  هال ۾ ڄڻ سناٽو ڇانئجي ويو هجي !  ائين پئي لڳو ڄڻ  اسين سڀ تاريخ جي ان هڪ هڪ دور جو سير ڪري رهيا هئاسين. ڪڏهن ايذاءَ جي تپش هئي ته ڪڏهن مسرتن جا انبار هئا. پورو هال ڄڻ  مون سان ڳنڍيو ئي پيو هئو. آخر ۾ مون مستقبل بابت پنهجا ويچار ظاهر ڪندي پنهنجي مقالي کي اختتام تي پهچايو ته سمورو هال تاڙين جي آواز سان گونججي اٿيو!

ڀيڻ ڊاڪٽر فهميده  حسين پڻ منهنجي مقالي لاءِ ڏاڍي همت افزائي ڪندي دل سان ساراه ڪيئي. بعد ۾ هيرو ٺڪر به ساڳئي موضوع تي ڳالهائيندي هري موٽواڻيءَ جو پڻ ذڪر ڪيو، جنهن تازو ئي 7 مئي 2006ع تي راه رباني ورتي هئي. پوءِ ڊاڪٽر فهميده حسين ’سنڌ ۾سنڌي ٻوليءَ جي اٺونجاه ساله تاريخ‘ جو بلڪل رٿائتي نموني جائزو وٺندي انتهائي عالمانه تجزيو پيش ڪيو. ڀيڻ فهميده کي پڻ حاضرين کان ڏاڍي موٽ ملي ۽ ڪيترو وقت ته تاڙيون وڄنديون ئي رهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊاڪٽر جگديش لڇاڻيءَ جو ڪتاب واسديو موهي فن ۽ شخصيت :رکيل مورائي

واسديو موهي سنڌي ٻوليءَ  جو اهڙو سرجڻهار آهي، جيڪو سچ پچ نئين ماحول، نين حالتن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي