28 اربع , جون 2017

روميءَ جي رهاڻ من ڪو من سي توليئي……..!!:نوراحمد جنجهي

حق جي حقيقت ته هونئن ئي هڪ آهي جنهن ۾ ٻيائيءَ جي گنجائش ئي ناهي. ٻيائي نظرَدوکو آهي جنهن جي ماهيت به ڦرندڙ گهرندڙ آهي. ڦرندڙ گهرندڙ شئي جا لقاءَ مختلف هوندا آهن. اها ڪڏهن ڪهڙي نظرايندي آهي ته ڪڏهن ڪهڙو ڏيک ڏيندي آهي. جڏهن وڃي خيال جي خاني ۾ ڪا سڪون پذيرتصورنروارٿئي. همه اوستي حال جي حقيقت سائين محي الدين ابن العربي کان وٺي  ميين عبدالرحيم مڱريئي تائين سڀني سربستي ڪهاڻي ٻُڌائي آهي. ”فُصوص الحِڪم “ کان ”حقيقت محمديءَ “ تائين  مطلق  حقيقت جا جيڪي عڪس چٽيل آهن تن جي صورتگري  ۽ سنوارڪيئي من  موهيا آهن. من موهڻ جي ميٺ جي اها من موهن ڪهاڻي  زمانن کان هلندي اچي ۽ زمانن جي ضمير کي زنده رکندي اچي. هيڪڙائي حق جي ڳالهه جي هڪ ئي آهي ان ۾ ٻي ڳالهه جي گنجائش ئي ناهي. هرسلوڪ مند سالڪ ، صوفي ۽ سنت ان نقطي کي پنهنجي گفتارجي گينوار۾ نروارڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڳالهه هڪ نقطي ۾ اچي سميٽجي ٿي ته جر، ٿرتوڙي تک سڀني ۾ هڪڙي تنوارآهي. ميران ٻائي پنهنجي ٻهڳڻ ٻولن ۾ انهي خيال تي خيال ظاهر ڪندي چيو آهي؛

ساجن هم تم ايڪ هين، هين ديکن ۾ دو

من ڪو من سي توليئي، ڪڀي نه دو من هو

ساجن! اسين ۽ توهين هڪ آهيون. ڏسڻ ۾ ٻه ٿا اچو. مڻ کي مڻ جي تراڙي سان توربوآهي ته اهو هڪ مڻ چورائيندو آهي.اهڙي طرح من کي من جي ميٽ سان ڏسبو ته ميڙائو ئي ميڙائو نظرايندو ۽ هڪ جي هڪڙائي هڪ قالب ۾ ڪڙيل نظرايندي.

رومي سائين به اهڙي ڳوڙهي ڳالهه پنهنجي هڪڙي حڪايت ۾ بيان ڪندي، هڪڙي دوست جو ٻئي دوست جي گهرجو دروازوکڙڪائڻ جي ڳالهه ڪندي هن ريت بيان ڪيو آهي؛

آن يڪي آمد در ياري بزو…… گفت يارش ڪيستي ڪين در مزو

هڪڙو شخص آيو، ان دوست جو دروازو کڙڪايو….. سندس دوست  پُڇيو ”ڪيرآهي“ هن دروازي کي نه ٺڙڪاءِ

گفت من گفتش برو هنگام نيست….برچنين خواني مقام خام نيست

هن چيو ”آئون“ ،  وراڻي ملي  وڃ (ملاقات) جو وقت ناهي… هن کاڌي جي خوان تي ”ڪچي شئي “ جي جاءِ ناهي

خام را جز آتش هجر وفراق……ڪه پزد وارها ند از نفاق

ڪچي کي سواءِ هجر۽ جدائيءَ جي باه جي…ڪيرپڪو ٺاهي سگهي ٿو جيئن ان کي نفاق مان ڇوٽڪارو ڏيئي سگهي

چون توئي تو هنوز از تو نرفت…..سوختن بايد ترا در نار تفت

جڏهن ته تنهنجو آپو تو۾ آهي، تومان ويو ناهي…توکي ته ڌُڳندڙ آڳ ۾ ساڙي ڇڏجي

جڏهن دوست هن کان پڇي ٿو ته ڪيرآهي در تي  وراڻيءَ ۾ آيل دوست چوي ٿو ته ”آئون “ آهيان. اها ڳالهه ٻُڌي هو چوي ٿو ته وٽس ”آئون“ سان ملڻ جو وقت ناهي. هتي ڪا ڪچي ڳالهه نه هلندي. ڪچائي جي ڪونڀ کي ورهه وڇوڙي جي ويراڳ جي آڳ ئي پچائي پڪو ڪري سگهي ٿي. پختگي سختي سهڻ سان ئي اچي ٿي. ڪچو رُڪ به جيسين رجائي پاڻي ڏيئي پڪو نٿو ڪيو وڃي تيستائين اهو ڪڻيون ٿي ٽُٽي پوندو آهي. اڃا تون پنهنجو پاڻ سان آئون کنيو هلين ته تنهنجي هن گهر۾ گنجائش ئي ناهي . آئون ڇڏي اچ ته ڪو درکُلي ۽ اندروڃي سگهين.

هو هڪ سال تائين سفر تي هليو ويو۽ پنهنجو پاڻ پچائي واپس آيو. انتهائي ادب مان اچي دروازو کڙڪايائين ته متان ڪا بي ادبي نه ٿئي. رومي سائين مثنويءَ ۾ هن ريت اظهاري ٿو؛

رفت آن مسڪين و سالي در سفر…. در فراق دوست سوزيد ازشرار

پخته گشت آن سوخته باز گشت….. باز گردِ خانه انباز گشت

هو (فراق جي باه ۾ پچي) پڪو ٿيو پوءِ موٽيو…ٻيهر دوست جي گهر ڏانهن روانو ٿيو

حلقه زد بردر بصد ترس و ادب….. تانه بجهد بي ادب لفظي زلب

نهايت خوف ۽ ادب مان دروازو کڙڪايائين…جيئن منهن مان بي ادبيءَ جو ڪو لفظ نه نڪري

بانگ زد يارش ڪه بردر ڪيست آن، گفت بردر هم توئي اي دلستان

سندس دوست آواز ڏنو ته در تي ڪير آهي….هن چيو اي دوست دروازي تي به تون ئي آهين

گفت اڪنون چون مني اي من در آ…. نيست گنجائي دومن دريڪ سرا

هن چيو هاڻي ”تون“ ”مون“ آهين، ”مون“ اندر اچ…هڪ گهر۾ ٻن جي گنجائش ناهي

دوست اندران پڇيو ته ڪيرآهي. آيل دوست وراڻيو ته ته در تي به تون ئي آهين. اهو ٻُڌي اندران دوست چيو ته هاڻي ماجرا بدلجي چڪي آهي ۽ تون مون ٿي چڪو آهين ته پوءِ ليکو ئي ناهي. گهر۾ هڪ کي ئي رهڻو آهي ، ٻن جي گنجائش ناهي. ”ايڪ پيالو ٻه ڄڻا عشق نه ڪري ايئن “ جي ڀٽائي سائين به ٻولي ٻولي آهي. ٻن تلوارن جي جاءِ هڪ مياڻ ۾ نه هوندي آهي. اهو سموهجڻ ، سميٽجڻ ۽ سنجوڳ سمپورڻتا ڏانهن وٺي وڃي ٿو. ان پنڌ جا پانڌي پنهنجي من کي ميڻ ڪري، تن کي تسا ڏيئي، ڪي وکون اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اهڙين ڪوششن ۾ ڳچين جا ڳچ هليا ويندا آهن پراهو سودو مهانگو نه هوندوآهي. سئو سرقربان ڪري ڪڏهن ڪڏهن هڪڙي وک وٺبي آهي.جڏهن هيڪائي هيڪ ٿئي ٿي ته ٻيائي جي  ٻن جو ڀوائتو ڀن نٿو ڊيڄاري. ان منزل تي آئون ۽ تون هڪ ٿي وڃن ٿا، جيئن مثنويءَ جي هن سٽن ۾ آهي؛

چون يڪي باشد همه نبود دوئي….هم مني برخيزدآنجا هم توئي

جڏهن سڀ هڪ ٿي وڃن ٻيائي نٿي رهي…. اتي ”آئون“ ۽ ”تون“ ختم ٿي وڃي  ٿو

نيست سوزن را سرِ رشته دوتا…..چونڪه يڪتائي درين سوزن درآ

سُئيءَ ۾ ٻه ڌاڳا نٿا پون….جڏهن تون هڪ ٿي وئين ، سئيءَ ۾ اچي وڃ

رشته را باشد بسوزن ارتباط….نيست درخور با جمل سم الخياط

ڌاڳي ۽ سُئيءَ ۾ نسبت آهي…..سوئي جو پاکواُٺ لاءِ مناسب ناهي

ڪي شود باريڪ هستي جمل….جز بمقراض رياضت وعمل

اُٺ جو وجود باريڪ نٿو ٿي سگهي…. عمل ۽ رياضت جي قئنچي کانسواءِ

سُئيءَ جو پاکو يا سوراخ سنهو ٿئي ٿو ان ۾ ٻه ڌاڳا نٿا پئجي سگهن پراهي جڏهن هڪ ٿي وڃن ٿا ته آسانيءَ سان هليا وڃن ٿا. ڌاڳي ۽ سُئيءَ ۾ هڪڙو سچو پچو سڱ آهي جنهن جي رڱ ۾ جڏهن ڪوئي رڱجي ٿو ته  پوءِ ڪو ور ۽ ونگ نٿو باقي رهي هرڳالهه سڌي ٿي پوي ٿي. سُئيءَ جو پاکو اُٺ لاءِ مناسب ناهي ڇاڪاڻ ته اهو هيڏو اجگرجانورآهي. عمل ۽ رياضت جي قئنچي جڏهن ان تي به گهمي ٿي ته اهو به سنهو ٿي پوي ٿو. ڌڻي تعالى جي تڪويني طاقت جي سگهه سان ناممڪن شيون به ممڪنات جي زمري ۾ اچي وڃن ٿيون. مشڪل ۽ محال ڪمن ۾ مالڪ کان مدد گهرڻ گهرجي. هن انسان لاءِ هن ڪائنات ۾  امڪان جي حد کي به تمام گهڻو ڪشادو رکيوآهي ۽ امڪان کان اڳتي ته سندس کاند جو پانڌ پرو ئي ناهي. لاحد جو حدون امڪان جي تصورکان گهڻو ماوراآهن. اهڙن محال ڪمن لاءِ رومي سائين مالڪ جي هٿ جي مدد گهرڻ جي صلاح ڏيندي فرمائي ٿو؛

دست حق بايد مرآن را اي فلان….ڪان بود بر هر مُحالي ڪُن فڪان

اي فلاڻا! ان ڪم لاءِ خدا جو هٿ گهرجي…. ڇوته اهو هرناممڪن تي ”ڪُن فڪان“ هوندو آهي

هرمحال از دست او ممڪن شود…. هر حزون از بيم او ساڪن شود

هر ناممڪن هنجي هٿ سان ممڪن ٿئي ٿو….هن جي ڀئو کان هر سرڪش ساڪن ٿي وڃي ٿو

اڪمه وابرص چه باشد مرده نيز…..زندگي گردد از فسونِ آن عزيز

انڌو، ڪوڙهيو ته ڇا، مردو به……هن سرس سوائي جي منترسان زنده ٿي ٿا پون

وان عدم ڪز مُرده تر بود…..در ڪفِ ايجادِ او مُضطر بود

اهو عدم جيڪو مردي کان به وڌيڪ مردو ٿئي ٿو….هن جي ايجاد جي هٿ ۾ بي اختيار هوندو آهي

الله تعالى  جي تڪويني طاقت هر ناممڪن کي ممڪن بنائي ٿي ڇڏي ۽ انساني ٽڪڻ گهمي ٿي وڃي. ماڻهو ناممڪن جي امڪان ۾ تبديل ٿيڻ تي حيرت ۾ هڄي ٿو وڃي. سندس ڀئو کان هرسرڪش پنڊ پهڻ ٿي ٿو وڃي . انڌن کي هو سڄا ڪريون ڇڏي ته ڪوڙهيل ماڻهن کي ڪوڙهه جهڙي موذي مرض مان ڪڍيو ڇڏي. ان کان به وڌ اها ڳالهه آهي ته مئل به سندس امر سان جيئرا ٿي ٿا پون. مئل جيئرو ٿيڻ ته ڪجهه به ناهي پر”عدم“  مردي کان به وڌيڪ مردو هوندوآهي . مالڪ جي امر سان حرڪت ۾ اچي وڃي ٿو ۽ ڪا صورت اختيار ڪري ٿو. اها ڳوٽ بنهه ڳوڙهي آهي. نامياتي مادي ۽ غير نامياتي مادي جي تبديلين کان وٺي، ڳڻپ جي اڻ ڳڻئي ۽ لامحدود هجڻ تائين ڪائنات جا سوين مظهر قادر جي قدرت جو چٽو مثال آهن.

رومي سائين هن روح کي راحت ڏيندڙ سمجهاڻي ۾ ”آئون“ ۽ ”تون “ جي فرق کي نروارڪري ٻُڌائي ٿو ته اهي ٻئي شيون ڪيئن هڪ آهن. عشق جو اجهو وحدانيت جي وادي جو سير آهي جنهن ۾ ٻيائي جي گنجائش ئي ناهي. ٻيائي کي ٻک وجهي پنهنجو پاڻ کي ويران ڪرڻوآهي. دوستيءَ ۽ دلي تعلق جي تقاضا آهي ته اهو ادب ۽ احترام ڀريو هجي. جنهن سان  گڏجي ڪاروبار ڪبو آهي ان کي ڀائيوار چئبو آهي ۽  برابرسمجهبو آهي پر جنهن کي دل ڏبي آهي ان کي سڀني کان ته وڌيڪ سمجهبو آهي پر پنهنجو پاڻ کان مٿاهون سمجهبو آهي. دل جي دلبري معرفت جي موج آهي. دلداري دنياداريءَ کان گهڻو مٿي وٺي وڃي ٿي. اهي پنٿ ڏيکاري ٿي ۽ پنڌ پڄائڻ ۾ مددگار ۽ سونهون ٿئي ٿي ، ٻي صورت ۾ جن جو تصور به نٿو ڪري سگهجي.اهڙي ڳوپ ڳنڍين واري ڳوڙهي سڱ ۾  احترام ئي سڀڪجهه آهي. آئون ۽ تون جڏهن هڪ ٿي وڃن ٿا تڏهن ئي سُئي جي پاکي مان مٽي سگهن ٿا. رياضت ۽ ڪرت جي قئنچي جڏهن اُٺ جهڙي اجگر جانور کي به اهڙي سنهو بنائي ٿي ڇڏي جو اهو به سُئي جي پاکي مان لنگهي ٿو وڃي.

امڪان جي حد کان اڳتي مشڪل ۽ محالي ڪمن ۾ ڌڻي تعالى جو هٿ آهي جيڪو مددگار ٿئي ٿو . سندس تڪويني طاقت عدم کي وجود بخشي ڇڏي ٿي. معدوم مان موجود نروار ٿي پوي ٿو ته اکيون پٽجي وڃن ٿيون. سندس انهي سگهه سان سرڪش به ساڪت ٿي بيهي رهن ٿا. جبرن جو جبر بيهجي وڃي ٿو. نابينا، ڪوڙهيل مالڪ جي حڪم سان شفاياب ٿي وڃن ٿا ۽ مردا جي اُٿن ٿا. جڏهن عدم  مان وجود پذيري به  مالڪ جي هڪڙي ارادي سان اڀري اچي ٿي.

اهڙي طرح ”آئون تون ۽ دلين جي تعلق“  بابت رومي سائين پاران پيش ڪيل هيءَ ڳوڙهي ڳالهه پنهنجي پهلوءَ ۾ سوين سبق ۽ سکيائون  آڇي ٿي ۽ ذهن جي تهن کي روشني بخشي ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليڊي هيلٿ ورڪرن جي مطالبن لاءِ جاري جدوجهد ۽ اگھور ننڊ ستل حڪمران!:قاسم سوڍر

ان ڳالهه کان شايد ئي ڪو انڪار ڪري ته هر شعبي جي پنهنجي پنهنجي اهميت …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي