23 اربع , آگسٽ 2017

اڳوڻي سنڌ ويا گُذاري ڏينهڙا :مشتاق باگاڻي

علي گوهر فقير

ساري ڄمار گيڙو رتي لباس ۾ گذاري ڇڏيائين. سدائين آنهرين ۽ فوٽن سان سنيگاريل سائيڪل تي سوار هوندو هو. گاجي شاهه جو فقير ۽ پانڌي هو. مون کي دعائون  ڏيندو هو ۽ حجت ڪري چوندو هو.

ڏوڪڙين والا هوين تڏهن “ گاجي شاهه تي نوهي هندا”.

1 لالو ٽيٽي وارو:

منهن به مير ته ، ڪپڙا به ميئرا، ڪاٺين جي لڏ کنيو پري کان ٽهڪندو ايندو هو. درياهه سڪندو ويو. جهنگ سوڙها ٿيندا ويا. لالي جهڙي ڪاٺرن جا هنيان ٻڏڻ لڳا.

2 قاسم لڍ: بجراڻين جي ڳوٺ ۾ ٻه ڪمي گهڻو مشهور هيا. هڪ قاسم  لڍ ٻيو شاهن. جڏهن ڪم تي بيهندا هيا ته ڪم ٿڪجي پوندو هو. هي  ڪو نه ٿڪبا هيا. ٻئي واڙين جا پوکا هيا.

آءُ  جڏهن به شڪار تي ويندي قاسم لڍ جي واڙيءَ وٽان لنگهندو هوس ته هي هنداڻي کارائڻ کانسواءِ ڪونه ڇڏيندو هو.

سنڌين کان درياهه رسي ويو. ٻوڏون بند ٿي ويون. واڙين جو نالو نشان به نه رهيو، اهي واڙيون ۽ اهي ويڙها ياد ڪري چاچو شاهن ۽ قاسم لڍ تڙپندا رهجي ويا.

وڏيرو امان الله ٻگهيو

ديهه خيري ديري ۾ اسان جي زمين جي نمبرن کان ڏکڻ طرف وڏيري تاج محمد ٻگهئي ۽ وڏيري دوست محمد ٻگهئي جا نمبر ۽ ماڻڪ واريون ٻنيون هيون. ان کان اڃان ڏکڻ تي واڻيا زميندا هيا جن ۾ لوڪو مل، رامون مل، چندو مل، دولهه ڏنو، ڇٻل داس، ڄيٺو، تولو مل، مڄو مل، خوشحال داس ۽ ٻئي هندڪي راڄ  جون زمينون هيون.

وڏيرو امان الله  ٻگهيو وڏيري تاج محمد ٻگهئي جو لائق فرزند هو. جيڪو اسان جو دنگائي زميندار هو .  جڙ تي ڪڏهن به تڪرار ڪونه ڪيائين. جڏهن مون ڏٺو  موٽيل هو پنهنجي راڄ جو وڏو ۽ سريال هو . فيصلا  بي ريا ٿي ڪندو هو. بحراڻين ۽ گچيري جي وچ تي ٻگهين جون زميون هيون. لغارين جي ڳوٺن ڏانهن رستو انهن ٻنين مان ويندو هو. ڪنهن ڳالهه  تان تڪرار ٿي پيو. ٻگهين رستو  بند ڪيو. ٻنهي ڌرين جا راڄ  نڪري پيا. تاريخي فيصلو ڪري جهيڙي کي ٽاريائين ۽ لغارين ڏانهن ويندڙ پراڻو رستو بحال ڪرايائين . پنهنجي حياتيءَ جي پوئين دور ۾ گچيرو ڇڏي وڃي حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿيو. گچيري کي ڇورو ڇنو ڪري ويو. گڻائتا ماڻهو هيا. پنهنجي هلندي هلي ويا.

سلام بڙدي

بڙدين جي راڄ جو سريال هو. جڏهن مون ڏٺو پاڻ ڊگهو  سڪمو، اڇي سونهندڙ سنهاريءَ سان وڏ و پٽڪو ٻڌندو هو. سٺي زمينداري هيس ۽ واپارڙو به  ڪندو هو. ٻين جنسن جو واپار  به ڪندو هو پر رڍن جي ان مان چڱو اپراسو  ٿيندو هوس. راڄ تي هٿ هوس ۽ راڄن سان سٺو سڀاءُ رکندو آيو. سندس لائق  پٽ حاجي نظام اسان  جو سٺو دوست هو. ڪڏهن ڪڏهن اسان سان شڪار ۾ شامل ٿيندو  هو. وڏا وڙائتا ماڻهو هيا.

موليڏنو ڀٽي

مالوند ماڻهون هو، ساري ڄمار درياهه جي ڪنڌيءَ  سان ٻيلن ۽ ڪيٽين ۾ مال جا ڌڻ ڌاريندو ۽  چاريندو رهيو. وٽس ڊگهين گچين واريون چوڙ ڪنڍيون مينهون. ڪٺاين ارڀن جو ڌڻ ۽ ڪاموريون ٻڪريون هونديون هيون. اسان جي راڄ سان مڙوئي چڱي  پوندي هيس.

آءُ سندس مال جي واکاڻ ڪندو هوس ته ٽڙي پوندو هو.

پوئين عمر ۾ گهڻو مال کپائي داد واه جي ڪنڌيءَ تي ٻني ٽڪر هٿ ڪري پنهنجي تڏو منهن ٺاهي ويهي رهيو. عمر جي پڄاڻي به انهن ئي پڊن تي ٿيس.

ميرو ڇڇر

ريڍار هو. رڍن جو چڱو خاشو ڌڻ  هوس. پنهنجا پکا ڪوهن تي ڇڏيو، ٻيٽن تي اسان جي راڄ جي ريڍارن سان رهاڻين ۾ رڌل  هوندو هو. ساري ڄمار ساٿين کانسواءِ سيڪنڊ به ڪونه سريس. ڪارڙا ۽ ڪوجهڙا پر فطرت جي سونهن هيا اهي ماڻهو.

چوڌري سليم

ملان ماڻهو هو. پڪي تي اسان جي ڳوٺ  ڀرسان سندس ڳوٺ هو. پنهنجو ٻني ٻارو ۽ هلڪو  سڪلو دڪان به  هوس. لغارين سان سنگت  جي ڪڙيءَ ۾ ايڏو قابو ٿيو  جو آخري دم تائين ڇڏائي نه سگهيو. شڪار جي شوق ۾ اهڙو ڦاٿو جو ڪيڏانهن ويو دڪان ته ڪيڏي ويا ڌنڌا. هڪ نالي بندوق ڪلهي تي ڪيو ڪيٽين ۽ ٻيٽن تي تترن، تلورن  ۽  ڪروانن جي پويان، غلام محمد وارن سان گڏ گهمندو وتندو هو. مائٽ مهڻا  ڏيندا هيس. چوندو هون لغارين جي هڪڙي رات جي ڪچهري تان ڪئين ڌنڌا ۽ دڪان گهور ڪري ڇڏيان. موت کي سندس خوش خلقي اهڙي پسند اچي  وئي جو جوانيءَ ۾ ئي کيس کنيون هليو ويو . پويان سنگتي ۽ ساٿي راهون نهاريندا رهجي ويا.

موسوپاتڻي

خيري دييري  پتڻ جو ناميارو ملاح هو. ساري سڀ ڄمار ماڻهن کي  پتڻ پار اڪاريائين . پاريچا ٻنا ٻڏندا هيا. سارو ڳوٺ وڃي چيٽ ڪاهيندو هو. اتي  ڪي اوطاقون اڏي ويهي رهندا  هيا ته ڪي روز صبح جو پتڻ پار ڪري پراڙ ويندا هيا ۽ شام جو مو ٽي ايندا هيا. موسو سارو ڏينهن پتڻ تي پور ڍوئي انهن کي اڪاريندو هيو، وٽس ٻه ٻيڙيون هيون. هڪ ته بنهه وڏي ڪئونتل هئي. جيڪا پوءِ  طوفان ۾ مارجي وئي. موسو ڌڪجي پيو. راڄ پوءِ به سنڀاليندو رهيو. هر شڪار تي هڪيو حاضر هوندو هو. ان کان علاوه ٻيڙائتو، الياس، ورو، هارون، قادربخش، حسين ۽ ڏتو پيڃارو به صفن ۽ خيري ديري وارن پتڻن جا پاتڻي هيا. انهن مان  ٻيڙائتو ۽ هارون اڃان حال حيات آهن، باقي ٻيا  ٻيڙين جا پور ڍوئي ڍوئي نيٺ  هن پار هليا ويا موٽي وري واپس نه آيا.

خانوٻلال:

ڪچي جا ڪل ماڻهو شڪارن جا شوقين هيا.

لغارين بجراڻين  جي  ڳوٺ کان ٻلالن  جو ڳوٺ ٻه  ڪوهه پري هو. پر اهي ڄڻ ٻه وکون هونديون هيون. ڳوٺن جا ماڻهو  هڪ ٻئي سان ڳنڍيا پيا هوندا هيا. پوک  راهه، ڪاٺي ڇينڀو، پتر، پڃر، لهيون، لوڙهون ۽ پوءِ  شڪار،  خانو پنجوڙن وارو پاسي بيهندو هو. هڪڙي پاسي درياهه  بادشاهه ته ٻئي پاسي  ڪنڊين جا ڪوڇا ۽ بهڻين جون بگريون. گودرن ۾ مرن جا ٿم هوندا هيا ۽ انهن ٿمن مان تاڙا جانورن کي اٿاري وڃي پنجوڙن تائين پهچائيندا هيا. پوءِ خانو پارا واٺا انهن کي وٺي شڪار ۾ پنهنجي سرسي ڪندا هيا.

شڪار جو سينگار هوندا هيا اهي ماڻهو. کلندي ۽ کلائيندي پنهنجا وارا وڄائي ويا.

احمداڻي راڄ :

احمداڻين جو سمورو ملاڻو راڄ  هو، بحراڻين جي راڄ  جي برعڪس هي راڄ  مڊرسن، مسجدن ، ملهن ۽ مولوين  سان ڀريو پيو هو، خشڪ مزاج هئڻ جي باوجود شڪار مان جند ڇڏائي ڪونه سگهيا. جان محمد،  حاجي خان محمد عرض محمد، حاجي لعل خان، حاجي نبي نبخس ، عرم ، موريل ۽ خدا  بخش وارا اسان کان اڳ  ٿي گذريا. اسان واري دور ۾ سرائي شوڪت علي خان وڏو  سخي مرد ٿي گذريو آهي. کيس نرينو اولاد ڪو نه ٿيو. آئون جڏهن به کيس چوندو هوس حاجي ٻي شادي ڪر، چوندو هو. هاڻي شادي وڃي قبرستان ڪندس. کيس فقط هڪڙي  نياڻي هئي. جيڪا  سندس ڀاڻج عبدالحميد خان جي نڪاح ۾ آئي.  حاجي عرض  محمد سادگي پسند، فقير منش ۽ صوفياڻي خيال  جو ماڻهو هو. ننڍي هوندي ئي سندس سڀاءُ  سٺو ۽ خيال آدرشي هئا. احمداڻي راڄ  جي پڳ جو حقدار جان محمد هو. پر هن اهو چئي  راڄ  جي پڳ سندس سئوٽ حاجي عرض محمد خان جي  سر تي رکي جو سندس امڙ ڌارين مان هئي. حاجي عرض محمد ان پڳ  سان پورو پرو انصاف ڪيو، سخاوت،  دانائي ۽ صاف دامنيءَ  جو مجسمو ٿي گذايائين. سندس لاڳاپا  رئيس ڪريم بخش نظاماڻي،  جي ايم سيد، رئيس علڻ خان لغاري ڪاڇي وارو، حاجي علي خان لغاري  نصرپور وارو، عبدالواحد آريسر ۽ ٻين ذميوارن سان هئا. ڇاڻ گهڻو ڪري شاهپور جهانيا کان ڪوهه پنڌ اتر طرف پنهنجي فارم تي رهندو هو. جتي صوفياڻي  راڳ جون مجلسون مچنديون هيون. صوفياڻي راڳ جي سندس پنهنجي ٻاري هئي. ڳوٺاڻي  دشمنيءَ  ۾ بي گناهه مارجي ويو.

احمد خان احمداڻين جي راڄ  مان وڄ ڀلوڙ مڙس هو. سندس پٽن مان عبدالحميد سندس مامي  سرائي شوڪت علي خان جي ڇڏيل زمين سنڀاليندو هو ۽ ٻيو پٽ مجيد سريال، وڏو رحم دل ۽ سخي هو، سندس هاري ناري توڙي ٻيا راڄ هن مان گهڻو خوش هئا. فيصلا  بي ريا ٿي ڪندو هو.

خدا بخش جي اولاد مان  راوت همٿ وارو جوان هو. هن جو پٽ منظور  شڪار جو شوقين هو ، چڱن مٺن سان سندس سٺي  سڃاڻيندي  هئي. خير محمد جي اولاد  مان بشير احمد سياست م اچي ڪائونسلري قبول ڪئي. عمر جي آڪهه مان عيسيٰ  ۽ ماستر سليمان به ڀلا جوان هئا. ماستر  سليمان پاٻوهه مان ملندو هو. سندس پٽن ۾ سيف الله، نصيرالله،  حضور بخش ۽ ڪريم بخش مون کي پنهنجائپ وارو پيار  ڏيندا هئا.  نبي بخش جي اولاد دوست علي ۽ حسن وارن جا گهر به اسان واري نمبر  جي ڏکڻ اولهه ۾

وري جي ڪنڌي تي هوندا هئا. دوست علي کي ڌڻ  پٽن جو هو. حاجي ايوب، صديق، ابراهيم، رهيم بخش،  رستم ۽ ٻيا الائي ڪهڙا ڪهڙا ، مونکي سڀ جا سڀ مشهورين واري پير جا مريد هئا. ممتاز ۽ پٽس منظفر عرف موذي سٻاجهڙا انسان هئا.

هي وڏو راڄ  هو. روائتي تعليم ڏانهن  لاڙو گهٽ هو.، پوءِ به سائين سليمان، عبدالحق  ۽ عبدالرحمان پڙهي وڃي  ماستري تي چڙهيا. عبدالرحمان وڏو خوش طبع ماڻهو هو. محمد هاشم تپيداري کي وڃي رهيو. هن ڏک به ڏٺو ته سک به  يار محمد ۽  اڪبر حڪيم الهه بچائي وارو ليڪچراري ماڻي  وڃي اڪابري تي پهتا.

شمون:

هو ته  بجراڻي راڄ   مان پر شادي احمداڻي راڄ  مان ڪئي هئائين. اتي جوئي ٿيا رهجي ويو هو. لکڻو . ٽهڪڻو  وڏو خوش مزاج  ماڻهو هو.  لاري وٺي  ڪچي ۾ ڪاهيائين. اڌ پنڌ پاڻ هلندي هئي ته اڌ مسافر ڌڪيندا  هئا. ٽوٽن مٿان ٽوٽا، نيٺ  کپائي ڇڏيائين. ذاتي زندگي جون سچيون ڪهاڻيون بيان ڪري خوب کلائيندو هو. هڪڙي  ڀيري ڪاڇي مائٽن وٽ مهمان ٿي ويو. هنن ويچارن غريبي حال آهر هن جي ڏاڍي خدمت ڪئي. واپسيءَ جي تياري ڪيائين ته مائٽن چيس، ابا هڪڙي رات  رهه ٽيٽڪن جو ٻوڙ کايو وڃ، هن ويچاري سمجهو ته ٽيٽڪ ڪو عمدو پکي آهي. ان جي ٻوڙ جي وٽ ڪيو وڃان، رات رهي پيو، ماني آڻي  اڳيان رکيائونس. ڪچن ڇاهن جي ڀاڄي  ڏسي چيائين ماهي  ٽيٽڪن جي  ٻوڙ ڪٿي آ. ابا اسين  ڇاهن کي ٽيٽڪ سڏيندا آهيون. مامي ميڏا منهن ڌو ڇوڙيئي. ويچارو افسوس ڪندو اڻ اڀرئي ڪاڇي مان ڪچي روانو ٿي ويو.

حاجي فيض محمد، حاجي ولي محمد ۽ حاجي شفي  محمد سڳا ڀائر هئا. حاجي  فيض محمد سادڙو، سچڙو ۽ سٻاجڙو انسان هو. هن ڳوٺ  دبئي مدرسو  قائم ڪيو جنهن مان احمداڻي راڄ  کان علاوه ٻين ڳوٺن جا طالب  علم پڻ فيضياب ٿيندا هئا. سندن  پٽن مان لائق فرزند مولوي ۾ اچي عظيم شان مدرسو  قائم ڪيو جنهن مان سوين طالب  علم دستار  بنديون  ڪري وڃي عالم  بڻيا. سندس پٽ بشير احمد موري جو نامياريو صحافي آهي.  حاجي شفيع محمد جو پٽ عبدالرڪريم لغاري فلسفو پرهي وڃي  سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ٿيو، آڳاٽو سندس ٿينسر  شايع  ٿي آهي.ننڍي هوندي شڪار جو وڏو شوق هوس. مون کي فلسفي پڙهڻ  تي اتساياهين ۽ پهريون ڪتاب جيڪو پڙهڻ  لاءِ مون کي سجيسٽ ڪيائين اهو هو CEMJOOD سي اي ايم جوڊ جو Guide to  philosophy هن ڪتاب منهنجا ڪپاٽ کولي  وڌا. فلسفو منهنجو پسنديده سبجيڪٽ بڻجي پيو جنهن تي پوءِ مون سي اي ايم جوڊ جوGuide to Philosophy of morals and politics

شيفر جو قيمتي ڪتاب  Philosophy of Mind،

ول ڊورانٽ جو ڪتاب The Story of Philosophy

جيمس ريچلز جو ڪتاب The Elements of Moral Philosophy

نائيجل وار برٽن جو Philosophy

۽ روز (Rouse)   جو  Great Dialogues of the Plato

ڪتاب پڙهيا. ان کان علاوه  سوشالاجي جي شاگرد طور روسو، والٽيئر، هيگل، هابس، سوشالاجي جي شاگرد طور روسو، والٽيئر، هيگل، هابس، هر برٽ اسپينسر، گبن، ٿامس مور، جان اسٽارٽ مل ۽ ٻيا سوشالاجسٽ ۽ فلاسافر مطالعي هيٺ آيا جن لاٽون وانگر منهنجو  دماغ ڦيرائي ڇڏيو.

فلاسافيءَ جو مسئلا:  اسين هتي ڇو آيا آهيون؟ اسان جي زندگي  جو مقصد ڪهڙو آهي؟  غلط ۽ صحيح ڇا آهي؟ ڇا زندگي هڪ خواب آهي؟  ڇا ذهن ۽ سوچ جسم کان الڳ آهن ؟  ڇا اسين ٺلها مجسما آهيون؟  سائنس ترقي ڪيئن  ٿي ڪري؟  فن ڇا آهي؟ هستي ڇا آهي؟ حيرت، تعجن، استعجاب ۽ جذبا ڇا آهن؟  خوشي، مسرت، لطف  جو احساس، شدت، سختيون، سڪون ڇا آهي؟  نيڪي، بدي، ديانت، اخلاقيات ڇا آهن؟ قياس، درهريون ڇا آهن؟ دماغ، خواب، بي خوابي، منطق حقيقت ڇا آهن؟  مابعدالطبعيات،حشر، بد روح، طاهر، باطن، يقين، ڪاوڙ، ڪروڌ، پريشاني، رجحان  ڇا اهن؟ رحم، بي رحمي، ڏاهپڪاوڙ، ڪروڌ، پريشاني، رجحان ڇا آهن؟ رهم، بي رحمي، ڏاهپ، دانائي، بي عقلائي ڇا آهن؟ ڏسن، ٻڌڻ، ڇهڻ سنگهڻ، محسوس ڪرڻ، وندرائڻ، ڀروسو، بي اعتمادي،چا آهن؟  لوڀ، موهه رغبت ڇا آهن؟ روح ڇا آهي؟ مادو ڇا آهي؟  ڇا روح انساني جسم جي پڃري ۾ ڦاٿل آهي؟ انا پرستي سمجهه مرضي اختيار ڇا آهن؟ موت ڇا آهي ؟ سونهن، ڪو جهائي، پيار، نفرت ڇا آهن، هابس جي ترس ٻاجهه  مهرباني ڇا آهي؟ حوش، احساس  ڇا آهن؟  ڊيوڊ هيوم، جرمي بينٿم ۽  جان اسٽارٽ مل جي  (Utilitarianism)سڀ جو ڀلو  سڀ جو خير ڇا آهي. ڪانٽ جي   Human Dignity  انساني وقار سچ  ۽ ڪوڙئي بنب…  همٿ، وسعي القلب  ۽ شرافت تي جيمس ريچلز جا سير حاصل بحث ۽  آخر ۾ Derera  Parfit  جاهي اکر ته هي دنيا اڃان اربين سال  رهڻ لائق هوندي ۽ اساني  تهذيب کي ڪي چند سال  مس گذريا آهن، جيڪڏهن  اسان پنهنجو پاڻ کي تباهه نه ڪيو ته اخلاقي فلسفو ٻين ڪيترن ئي بشري کوجنائن سان اڃان ڊگهو عرصو قائم رهندو ڪائنات جا اهڙا راز ۽ رمزون سمجهڻ لاءِ مون کي مذهبن جو به مطالبو ڪرڻو پيو ، قرآن پاڪ ،  سمجهڻ لاءِ مون کي مذهبن جو به مطالعو ڪرڻو پيو قرآن پاڪ، حديث شريف ، توريت، انجيل، گروگرنٿ، شري ڀڳوت گيتا، ٻڌ ڌرم جا اٺٽيهه منگل ۽ ٻين الاهي ڪتابن ۽ دنيا جي تهذيبن جي مطالعي منهنجون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون. دجله ۽ فرات نديءَ جي ڪناري وارين تهذبين مصر، ميسو پوٽيما  ويندي يونانين تائين الائي ڪيترا ديوتائون خلقت جي دلين تي راڄ ڪندا ۽ قربانيون قبول ڪندا رهيا آٻوجهه  سنڌين وٽ ان وقت به هڪ خدا جو تصور هو. اهي ڳالهيون منهنجي  سمجهه کان ٻاهر هيو، مون انهن کان فرار حاصل ڪرڻ لاءِ شڪار۽ شاعريءَ جو سهارو ورتو. شڪار لاءِ روهيءَ جي نازڪ واريءَ   جي ڀٽن کان وٺي پٻ جبل جي سخت پهڻ ن ۽ پهاڙن تائين ۽ ڪچي کان وٺي کاري ڇاڻ جي سامونڊي ڪيٽين تائين جا سفر ڪيا. شاعريءَ لاءِ هر کان حافظ، شاهه لطيف ۽ سانگي کان شيخ اياز، ڪبير، تلسي ۽ ميران ٻائيءَ  کان غالب ۽ مير ۽ وارث شاهه  ۽ غلام  فريد کان بلي شاهه تائين  مسلسلي سفر جاري رهيو، نثر مون پوءِ لکڻ شروع ڪيو، مون  پنهنجي  شاعري ۽ نثر ۾ اهي سنڌي لفط ڪمپوز ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي جيڪي  سنڌ جي مختلف علائقن ٿر، ڪچي ، ڪاڇي،  ڪوهستان ۽ ڪوشل ايريا ۾ ڳالهايا ته عام ٿا وڃن پر لکيت ۾ ڪٿي به ڪونهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊاڪٽر جگديش لڇاڻيءَ جو ڪتاب واسديو موهي فن ۽ شخصيت :رکيل مورائي

واسديو موهي سنڌي ٻوليءَ  جو اهڙو سرجڻهار آهي، جيڪو سچ پچ نئين ماحول، نين حالتن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي