23 اربع , آگسٽ 2017

سنڌ جي قومپرست ۽ کاٻي ڌر جي سياست ۾ ايندڙ تبديلي ۽ هڪ نئين سياسي متبادل جي گھرجل:قاسم سوڍر

پاڪستان سميت پوري ڏکڻ ايشيا جي سياسي تاريخ تي جيڪڏهن نظر ڊوڙائجي ٿي ته اسان کي ڏکڻ ايشيا جي مختلف ملڪن اندر ڪن مخصوص سياسي پارٽين جي پارليامينٽ اندر ڇاپ نظر اچي ٿي، جن جي اڪثريت جاگيرداري ۽ سرمائيداري جي ڳٺ جوڙ سان هلندڙ پارٽين جي آهي. ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا جن ۾ انهن ملڪن جي ماضي جي تاريخ ۾ جاگيرداري ۽ بعد ۾ سرمائيداري جو زور وٺڻ به آهي. ڇاڪاڻ ته لاطيني آمريڪا جي ڪجھ ملڪن سميت ايشيا اندر چين کي ڇڏي ڪري باقي وڏي اڪثريتي ملڪن جي سياست تي پهرين غلامداري، جاگيرداري ۽ بعد ۾ سرمائيداري ۽ ان جي آشيرواد سان ڪٽر مذهبي ڌرين ئي پئي راڄ ڪيو آهي، جنهن سبب عوام جي تڪليفن جي خاتمي بجاءِ ويتر انهن ۾ اضافو ئي ٿيندو رهيو آهي. جنهن جو گھڻو اثر ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ رهيو آهي. جيتوڻيڪ، جاگيرداري نظام مڪمل طور هڪ لعنت جي صورت ۾ عوام تي مڙهيل رهيو آهي جنهن حوالي سان اها راءِ موجود آهي ته ان جاگيرداري جي ئي زور کي ٽوڙڻ لاءِ ئي سرمائيداري اڳيان آئي، پر اڳتي هلي ان سرمائيداري جنهن جو شروع ۾ آمريڪا کان وڌيڪ اثر يورپ جي ملڪن تي ٿيو، تي آمريڪا پنهنجي ڇاپ مڙهي ويهي رهيو.

سرد جنگ دوران جڏهن دنيا ٻن نظرياتي ڪئمپن ۾ ورهائجي چڪي هئي، ان وقت اهو آمريڪا ئي هو جنهن فرد جي آزادي ۽ آزاد منڊي جي واڌاري تي زور ڏيندي، ٽين دنيا جي ملڪن کي وڪوڙي ويٺل غربت لاءِ اهو به پئي فرمايو ته انهن ملڪن جي آبادي جو تناسب تمام وڌيڪ آهي. تنهنڪري، بقول آمريڪا جي ته ماڻهن جي آبادي وڌيڪ هجڻ سبب کاڌ خوراڪ سميت روزگار جا مسئلا سامهون ايندا رهيا جنهنڪري ٽين دنيا جا ملڪ غربت جي گھاڻي ۾ پيڙهجندا رهيا. بهرحال، ان ئي سرد جنگ دوران هڪ طرف ڪميونسٽ بلاڪ جي اڳواڻ سوويت يونين زري گھٽ دنيا جي اڌ حصي تي ڌاڪو ڄمائيندي اڳيان وڌي رهيو هو ته ٻئي طرف سرمائيداري جو ابو سمجھيو ويندڙ آمريڪا به ميدان ماريو پئي آيو. ان حوالي سان دنيا جي تاريخ ۾ سرد جنگ دوران ۽ بعد ۾ ان جي اثرن تي ڪافي ڪجھ لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي، پر سرمائيداري ڪئمپ طرفان جيڪو مذهب جو غلط استعمال ڪندي ان کي سوويت خلاف سامهون آڻي بيهاريو، سا حڪمت عملي نيٺ سوويت يونين جي تڏا ويڙهه ۾ ڪامياب وئي.

سوويت يونين جي زوال جا جيتوڻيڪ ڪيترائي سبب هئا پر ان جي خاتمي کانپوءِ دنيا جي سياسي وايو منڊل ۾ جيڪا ماٺار آئي، تنهن هڻي وڃي هنڌ ڪيو. سوويت يونين جي موجودگي جي وقت جيڪڏهن پاڪستان جي سياسي وايومنڊل کي ڏٺو وڃي ته پوري ملڪ جي کاٻي ڌر جي ڪئمپ ته هونئن به سوويت ۽ چين جي ڪميونزم واري فلسفي ۾ ورهايل هئي، پر ان باوجود گھٽ ۾ گھٽ اهي هيٺئين طبقي جي نمائندگي ضرور ڪنديون هيون. ساڳئي وقت پاڻ کي وطن دوست ۽ قومپرست ڌريون سمجھندڙ پارٽين تي به ڪميونسٽ نظريي جو تمام گهرو اثر هوندو هو. ائين کڻي چئجي ته ڪميونسٽ ۽ قومپرست ڌريون سياسي ويڙهه ۾ هڪٻئي لاءِ لازم ۽ ملزو وارو ڪردار ادا ڪنديون رهيون. جنهن جو مثال سنڌ اندر ٽيننسي ائڪٽ پاس ڪرائڻ لاءِ ويڙهه کان ويندي ون يونٽ مخالف تحريڪ، ايوب شاهي خلاف ميدان مارڻ، بنگالين ۽ بلوچن خلاف رياستي آپريشن کي نندڻ کان ويندي ايم آر ڊي تحريڪ تائين ڪميونسٽ توڻي قومپرست ڌريون هڪٻئي جون ٻانهن ٻيلي رهنديون پئي آيون. پر اهو سڀ ڪجھ سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ ائين نه رهيو. جيتوڻيڪ، دنيا جي مختلف ملڪن، بشمول چين، اندر ڪميونسٽ حڪومتون موجود رهيون، پر ان باوجود جيڪا قوت مزدور ۽ هاري طبقي جي تحريڪن کي سوويت يونين دوران حاصل هئي، سا هاڻي نه رهي. ان جا ٻين سببن سان گڏوگڏ هڪ سبب انهن سياسي ڌرين جن جو جھڪاءُ سوويت يونين کان وڌيڪ چيني ڪميونزم يعني مائوزم ڏانهن هو، تن اهو ڏسي ورتو هو ته 1978ع ۾ ئي چين پنهنجي پاليسين ۾ ڪافي تبديليون آڻيندي لبرالزم کي ويجھو ٿي چڪو هو. جيتوڻيڪ، بقول چين جي ته اها وقت جي ضرورت هئي ته اهو پاڻ کي باقي دنيا سان ڳنڍي سگھي جنهن حوالي سان اڄ چين جو دنيا تي راڄ ڪرڻ کي ڏسندي چين جا ڪيترائي اسڪالر ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جا اڳواڻ (جن سان منهنجي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي)، سي اهو تسليم ڪن ٿا ته 1978ع ۾ چين ڪميونزم واري پنهنجي هارڊ لائين کان هٽيو ضرور هو، پر ان پٺيان به سبب هئا جن جو ثمر اڄ انهن کي ملي رهيو آهي.

مٿي سوويت يونين ۽ چين متعلق پورو ٿل ٻڌڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته، سياسي ڌارا اندر اختلاف، تبديليون ۽ لاها چاڙها هر هنڌ ايندا آهن پر ان سڄي وايومنڊل کي سمجھڻ ۽ ان جو ٽوڙ ڪڍڻ لاءِ اهو لازمي آهي ته پنهنجي نظريي جنهن تي اسين يقين رکون ٿا، جو ڳوڙهو مطالعو ڪرڻ سان گڏوگڏ اڄ جي حالتن جو به بخوبي جائزو وٺڻ گھرجي ته اڄ جون حالتون اسان کان ڪهڙي تقاضا ٿيون ڪن. ان حوالي سان 1991ع کانپوءِ سنڌ سميت پاڪستان جي سياست اندر جيڪي تبديليون آيون، تن جو ملڪي سياست خاص طور ترقي پسند، کاٻي ڌر ۽ قومپرست ڌر جي سياست تي ڪو بهتر اثر ناهي پيو. ڇاڪاڻ ته ان تاريخ کانپوءِ سواءِ هڪ اڌ تحريڪن جي باقي اڪثريتي تحريڪن ۾ سياسي ڌريون اهو ٻوٽو ٻاري ناهن سگھيون جيڪو انهن سنڌ ٽيننسي ائڪٽ، سنڌي ٻولي جي تحريڪ، ون يونٽ مخالف تحريڪ ۽ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڪردار ادا ڪيو. ان جا هڪ ته بين الاقوامي سبب به آهن ڇاڪاڻ ته جڏهن دنيا ٻن نظرياتي ڪئمپن ۾ ورهايل هئي ان وقت ملٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ ٻيا ڳجھا ادارا اها ڳالهه سمجھي رهيا هئا ته اهو ممڪن هو ته جيئن سوويت يونين افغانستان تائين اچي چڪو هو، ائين ئي پاڪستان اندر به ان جي داخل ٿيڻ جي خدشن کي نظرانداز نه پئي ڪري سگھجيو. ساڳئي وقت کاٻي ڌر کي ان ڪئمپ کان مڪمل طور نه به سهي بهرحال مدد ضرور ملندي رهي يا مدد ملڻ جي اميد هئي. پر جيئن ئي ان ڪئمپ الوداع ڪيو ته پاڪستان جي ترقي پسند سياست به پويان پير ڪرڻ شروع ڪيا. باقي چين ته ايوب دور کانوٺي پاڪستان تي قربان پئي ويو، تنهن کان رياستي مشينري کي چئلينج ڪرڻ لاءِ مدد ملڻ محال هو. ڇاڪاڻ ته چين جا مفاد پاڪستان جي حڪومتن سان سلهاڙيل رهيا آهن ملڪ جي عوام سان نه. بهرحال چين جو پاڪستان جي سياست جي حوالي سان ڪهڙو به تعلق هجي پر ان جي نظريي جي پختگي ۽ هيٺئين طبقي خاص طور هارين جي حقن جي حوالي سان تمام گھڻي اهميت رهي آهي.

1991ع کان پهرين قومپرست پارٽين تي به ڪميونسٽ نظريي جو اثر نمايان نظر ايندو هو، پر ان کانپوءِ کاٻي ڌر جون پارٽيون يا ته مورڳو ختم ٿي ويون يا پوءِ سڪڙجي وڃي ڪميونسٽ پارٽين منجھان ڦري قومپرست پارٽيون بڻجي ويون. بهرحال سنڌ اندر اها وري به مثبت ڳالهه رهي آهي جو ڪجھ پارٽيون پنهنجي وس آهر سياسي جدوجهد جي ميدان تي ضرور رهيون آهن. پر انهن جي سياسي حڪمت عملين جي ڪري جن تحت انهن يا ته پارلياماني سياست کان ڪونهين ڏور رهڻ جو فيصلو ڪيو، يا جيڪڏهن چونڊن ۾ حصو به ورتو ته ان لاءِ ڪو خاص هوم ورڪ نه ڪيو ويو. ائين ئي نتيجي طور سنڌ اندر پاڪستان پيپلز پارٽي جو زور وڌي ويو. اها الڳ ڳالهه آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي مهربانين سان مختلف وقتن تي سنڌ ۾ نوازليگ ۽ ق ليگ جون حڪومتون به ٺهنديون رهيون آهن، پر عوامي سطح تي پ پ پ ئي اها واحد پارٽي طور سامهون آئي جنهن جو ڪو به متبادل نظر نه پئي آيو.

پ پ پ جي متبادل نه هجڻ جا به مختلف سبب هئا جهڙوڪ ذوالفقار ڀٽي جي عدالتي قتل کانپوءِ 1988ع ۾ پهريون دفعو ملٽي پارٽي جي بنياد تي اليڪشن ٿي جنهن ۾ پ پ پ کي تمام گھڻي موٽ ملي. ان جو هڪ سبب بين الاقوامي سطح تي سوويت يونين جا پويان پير هئا ته ساڳئي وقت پاڪستان اندر ڀٽي صاحب جي شهادت پوري ملڪ خاص طور سنڌ جي عوام کي جھوري وڌو هو، مٿان وري پ پ پ جي قيادت به ڀٽي صاحب جي بيواهه بيگم نصرت ڀٽو ۽ سندس نياڻي بينظير ڀٽو وٽ هئي، تنهن جو به پ پ پ جي ڪاميابي ۾ تمام وڏو ڪردار هو. بهرحال، ان وقت به اسٽيبلشمينٽ تمام سگھاري هئي جنهن هر ٻن اڍائي سالن جي مدي ۾ ڪڏهن پ پ پ ته ڪڏهن آءِ جي آءِ ۽ ن ليگ جي حڪومتن کي پئي ڪيرايو. ان عرصي دوران ملڪي سياست تي اصل زور ته فوجي استيبلشمينٽ جو ئي رهيو، باقي ڏيکاءَ خاطر اهي ٻئي سياسي پارٽيون ئي ميدان تي رهيون. باقي ملڪ جون ترقي پسند ۽ قومپرست پارٽيون بيڪ گرائونڊ ۾ رهي ڪري ئي سياست ڪنديون رهيون.

سنڌ جون هڪ اڌ ترقي پسند ۽ قومپرست ڌريون مختلف وقتن تي ننڍي پئماني تي ئي سهي پر اليڪشن جو حصو رهيون آهن. باقي اڪثريتي پارٽين پارلياماني سياست کي جهڙوڪ مڪروهه سمجھندي هميشه ان کان ڪنارا ڪشي پئي آهي. جنهن جي نتيجي طور عوامي سطح تي پ پ پ ۽ مٿئين سطح تي ملٽري اسٽيبلشمينٽ جون ئي اتحادي ڌريون يا ڪڏهن ته سڌيءَ ريت فوج ئي قابض رهي آهي. ان صورتحال کي ڏسندي نيٺ 2013ع وارين چونڊن ۾ ڏهه جماعتي اتحاد جي پليٽ فارم تان سنڌ جي ڪجھ قومپرست/وطن دوست پارٽين جهڙوڪ قومي عوامي تحريڪ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي وغيرهه حصو ورتو. ان ڏهه جماعتي اتحاد جي حوالي سان سنڌ اندر اليڪشن کان پهرين ڪافي بحث مباحثو ٿيندو رهيو ته اهو اتحاد ڪو ٻوٽو ٻاري سگھندو يا نه. ان اتحاد جو بنياد ۽ مقصد ڪا نطرياتي سياست نه پر ڪيئن به ڪري بس سنڌ ۾ پ پ پ کي مات ڏيڻ هو، جنهن حوالي سان مئي 2013ع ۾ مون پنهنجي هڪ انگريزي مضمون ۾ اهو لکيو هو ته هڪ ته، ان اتحاد اندر ئي تمام گھڻا تضاد موجود هئا ٻيو ته اهو ان اتحاد ۾ اهي سياسي ڌريون به شامل هيون جيڪي هميشه اقتداري ڏاڪڻ کي چنبڙيل رهيون آهن، سي ڪنهن وقت به اتحاد جي نقطن تان ڦري پئي سگھيون. ان ڪري مون ان مضمون ۾ اها صلاح ڏني هئي ته، ان ڏهه پارٽي اتحاد کان ڀلو ان ۾ آهي ته سنڌ جي قومپرست ۽ کاٻي ڌر جي پارٽين جو هڪ الڳ اتحاد جوڙيو وڃي ڇاڪاڻ ته جڏهن سنڌ جون اهي ئي ڌريون، بشمول سنڌ جو اديب، دانشور، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي، عوام کي اعتماد ۾ وٺي ٻٽو نظام رد ڪرائي سگھيون ٿي ته پوءِ اليڪشني اتحاد ۾ فقط اهي ئي ڌريون گڏجي ڇو نه ٿي ويهي سگھيون؟

هاڻي جڏهن هڪ دفعو ٻيهر مٿئين سال چونڊون ٿيڻيون آهن ته سنڌ ۾ پ پ پ جي متبادل جي حوالي سان بحث جاري آهي. جنهن حوالي سان هڪ طرف تازو جيئي سنڌ قومي محاذ (بشير خان قريشي گروپ) جي اڳواڻن طرفان پارلياماني سياست ڪرڻ تي غور ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته ٻئي طرف هڪ سنڌي اخبار ۾ قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو طرفان هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي انهن ئي اسٽيٽسڪو جي حمايتي ڌرين سان اليڪشني اتحاد ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. ساڳئي ئي وقت عوامي جمهوري پارٽي جا ڪجھ دوست سنڌ جي ترقي پسند ۽ وطن دوست پارٽين وچ ۾ اتحاد طرف زور ڏيئي رهيا آهن. پر ان وچ ۾ جڏهن پ پ پ قيادت اهو سمجھي رهي آهي ته هاڻي قومپرست ۽ ترقي پسند ڌريون به پارلياماني ميدان ۾ لهي رهيون آهن، تڏهن زرداري صاحب ڪو به مورچو خالي نه ڇڏي رهيو آهي. هڪ طرف سنڌ جي هر ڀوتار، پير، مير کي پ پ پ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف هميشه جيان اليڪشن ويجھو ايندي ئي جيئن پاڻ کي پ پ پ سنڌ جي وڏي قومپرست پارٽي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، تيئن ئي هن ڀيري به هڪ طرف نوڪرين جا اشتهار، سينيٽ جي قانون واري اسٽينڊنگ ڪاميٽي وٽ سنڌي سميت پنجابي، پشتو ۽ بلوچي ٻولين کي قومي ٻوليون بڻائڻ وارو بل پاس ڪرائڻ سميت ڀٽي صاحب ۽ محترمه بينظير جون قربانيون ياد ڏيارڻ جو سلسو شروع ٿي چڪو آهي.

ٻئي طرف سنڌ جون قومپرست/وطن دوست ۽ کاٻي ڌر جون پارٽيون آهن جيڪي بجاءِ پراڻيون تلخيون وساري نئين سري سان اسٽيٽس ڪو جي حامي ڌرين خلاف محاذ کڙو ڪرڻ جي، ان ڳالهه تي بضد آهن ته 2013ع وارين چونڊن ۾ هڪ پارٽي جي اميدوار جي سامهون ٻي اتحادي پارٽي جو اميدوار ڇو بيهاريو ويو؟ يا بقول هڪ پارٽي جي سربراهه جي ته جيڪڏهن هن کي قاسم آباد واري پي ايس 47 تڪ تان اليڪشن وڙهڻ کان نه روڪيو وڃي ها ته هو پڪ سان اها سيٽ کٽي ها وغيرهه جهڙيون تضادن کي هوا ڏيارڻ جهڙيون ڳالهيون ۽ الزام تراشي جو سلسلو جاري آهي. جيتوڻيڪ ماضي جي غلطين کي ان نيت سان ياد ڪجي ته انهن کي سامهون رکندي ٻيهر ڪا اهڙي غلطي نه ٿئي ته ٺيڪ آهي، پر جيڪڏهن هروڀرو انهن کي ئي بار بار ذڪر هيٺ آندو ويندو ته يقينن ان سان تضاد اڃا وڌندا، جيڪي سنڌ جي بهتر آئيندي لاءِ هاڃيڪار آهن.

هن وقت جڏهن هڪ طرف نوازليگ هڪ دفعو ٻيهر ملڪ منجھان بجلي جي لوڊشيدنگ هميشه لاءِ ختم ڪرڻ کان ويندي پاڪ‑چين راهداري معاهدي ذريعي ملڪ جي ترقي جون دعوائون پئي ڪري، تيئن ئي پ پ پ به سنڌ اندر وڏي ترقي جي هام پئي هڻي. ان وقت ضرورت آهي ته سنڌ جون وطن دوست ۽ کاٻي ڌر جون پارٽيون حقيقي معني ۾ عوام جون نمائندا تنظيمون بڻجڻ جي نيت سان اڳتي اچن ۽ اهي پ پ پ جو مڪمل طور ته نه سهي پر جيڪڏهن ننڍي سطح تي ئي متبادل بڻجي سگھن ٿيو ته اهو سڀ ڪجھ انهن جي جٽادار اتحاد ذريعي ئي ممڪن بڻجي سگھي ٿو. ان اتحاد لاءِ اهو لازمي طور ڏسڻ گھرجي ته ڪهڙيون ڌريون جيڪي هن وقت يا ماضي ۾ حڪومتن ۾ رهيون آهن جن جو عوامي ڀلائي جي حوالي سان ڪردار تمام برو رهيو آهي، کي ڪنهن به صورت ۾ ان اتحاد جو حصو نه بڻايو وڃي. ڇاڪاڻ ته هر دفعي ڪامريڊ مائوزيتونگ جو ڪومنتانگ پارٽي سان اتحاد يا ٻي مهاڀاري لڙائي دوران سوويت يونين جو سرمائيدار ملڪن سان اتحاد وارا مثال ڏيئي عوام دشمن پارٽين سان اتحاد ڪرڻ سنڌ جي عوام جي خلاف ئي استعمال ٿيو آهي. تنهنڪري، ضرورت آهي عوامي خواهشن تي پورو لهندڙ اتحاد جوڙڻ جي ۽ پوءِ اتحاد ۾ شامل سڀني پارٽين جي هڪ ٿي ميدان ۾ لهڻ جي، جنهن تحت ڪافي بهتريءَ جي اميد رکي سگھجي ٿي. ان کي عملي جامو پهرائڻ جي حوالي سان هيئنر کان ئي سنڌ جي سياسي ڌرين کي هوم ورڪ شروع ڪرڻ گھرجي ۽ منهنجي خيال ۾ ان ڪم ۾ جيڪڏهن سنڌ جي سڄاڻ ڌرين ۽ پراڻن سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي اڳيان آندو وڃي ته اهي اهڙو ڪو جٽادار اتحاد جوڙڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿي سگھن ٿا. ان حوالي سان اهي سياسي، ادبي ۽ علمي شخصيتون جن پنهنجيون پوريون زندگيون عوامي سياست ۽ سنڌ جي ڀلائي خاطر سياسي ۽ شعوري جدوجهد کي ڏيئي ڇڏيون، سي پل جو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿيون.

[email protected]

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊاڪٽر جگديش لڇاڻيءَ جو ڪتاب واسديو موهي فن ۽ شخصيت :رکيل مورائي

واسديو موهي سنڌي ٻوليءَ  جو اهڙو سرجڻهار آهي، جيڪو سچ پچ نئين ماحول، نين حالتن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي