24 آچر , سيپٽمبر 2017

عوامي آواز:انور ابڙي جي ناول ”هڪ مهمان ڇوڪري“ تي ادبي ويهڪ : پروگرام : تخليق

انور ابڙي جو ناول معجزو آهي، صدين تائين اثر ڇڏيندو: محمد علي پٺاڻ

هي رڳو رومانوي ناول ناهي پر ان ۾ سنڌ جا مسئلا به آهن، حل به آهي

هن ناول ۾ نئين نسل جي محبت جي ڪميونيڪيشن جو اظهار ملي ٿو: قاضي آصف

انور ابڙي نئين نسل کي سندن ٻوليءَ ۾ گائيڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي

ناول نواڻ سان ڀرپور آهي، اي ميل ذريعي محبت جو ڊائلاگ آهي: غوث پيرزادو

ڪراچي (ٽي وي نيوز) سينيئر اديب محمد علي پٺاڻ چيو آهي ته انور ابڙي جو ناول ”هڪ مهمان ڇوڪري“ هڪ معجزو آهي. هڪ غير روايتي ناول آهي. جيڪو صدين تائين پنهنجو اثر رکندو. اهڙو اظهار هن ٽيليفون ذريعي عوامي آواز ٽي وي جي هفتيوار ادبي پروگرام ”تخليق“ ۾ ميزبان زرار پيرزادي سان ڳالهائيندي ڪيو. محمد علي پٺاڻ چيو ته هن ناول ۾ رڳو رومانس ناهي پر سنڌ جا مسئلا اوسي پاسي جو ماحول به ڀرپور انداز ۾ لکيل ملي ٿو ۽ نه رڳو مسئلا ملن ٿا پر انهن جو حل به ملي ٿو. هن چيوته محبت جون ڪهاڻيون مون ڪيتريون ئي پڙهيون آهن پر هيءَ پهرين پيار جي ڪهاڻي آهي. جيڪاحقيقت پسندي تي ٻڌل آهي. نالي واري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار قاضي آصف ناول تي ڳالهائيندي چيو ته هن ناول ۾ جديد محبت جي ڪميونيڪيشن جو اظهار آهي. اڄ جو نسل موبائل ۽ ايس ايم ايس ذريعي ڪيئن ٿو محبت ڪري ان جو رڪارڊ آهي ۽ انور ابڙي جي هن ناول نئين نسل جي موبائيل ڪميونيڪيشن واري محبت جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ان ٻوليءَ ۾ نئين نسل کي گائيڊ ڪيو آهي. هن چيوته جيستائين اوهان نئين نسل جي ڪميونيڪيشن کي نه سمجهندئو تيستائين ان کي گائيڊ به نه ڪري سگهندئو. هڪ سوال جي جواب ۾ قاضي آصف چيو ته موبائيل ڪميونيڪيشن محبت کي سولو به ڪيو آهي ته ڏکيوبه بڻايو آهي. نالي واري شاعر ۽ ڪهاڻيڪار غوث پيرزادي چيو ته انور ابڙي جو سڄو ناول نواڻ سان ڀرپور آهي. هي ميڊيا ڪمپيوٽر جو دور آهي سوهن دور جي محبت جو ذريعو اي ميل آهي. جنهن تحت هو لهه وچڙ ۾ اچن ٿا. اهو نئون پاسو آهي. نئين اسڪرپٽ آهي. اي ميل ذريعي ٿيندڙ محبت جو ڊائيلاگ آهي. 0229

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز نيوز |پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز ليگ رڪارڊ ٽوڙ قرض کڻي عوام کي ٽيڪسن جي بار هيٺيان دٻائي ڇڏيو آهي

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته نواز ليگ حڪومت تاريخي قرض کڻي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي