21 اتوار , جنوری 2018

جيل: قانون جي پاسداري ڪندڙ آهن يا ڀڃڪڙي ڪندڙ؟

123رکيل مورائي

هن موضوعَ تي لکڻ لاءِ ۽ ان جا نتيجا اخذ ڪرڻ لاءِ بنهه سولو طريقو اهو آهي ته اسين سماج ۾ ڏسون ته جيلن/قيدن کان نڪري ايندڙ ماڻهو سماج ۾ ڪيترو سٺو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي يا ڪيترو خراب ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هو سماج لاءِ فائديمند آهي يا نقصانڪار آهي جيڪڏهن سچ پچ فائديمند آهي ته اهو سمجهيو ويندو ته جيلن ۾ سندن شخصيت جي تربيت ٿي آهي پڪ سان اهي قانون جي پاسداري ڪندڙ آهن، ٻيءَ طرح جيڪڏهن ڪو شخص جيل کان ٻاهر نڪري سماج لاءِ نقصانڪار ثابت ٿئي ٿو ته پڪ سمجهڻ گهرجي ته جيلن/قيدن اندر قيدين جي تربيت نٿي رهي آهي ۽ اتي قانون جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي جنهن جي رد عمل ۾ ٻاهر نڪرندڙ شخص سماج لاءِ نقصانڪار بڻجي ٿو. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته قيدين ۽ قيد خانن جي حالتن جي باري ۾ عام ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪيو وڃي ۽ جيل قانونن کي جيلن ۾ صحيح نموني لاڳو ڪيو وڃي. قيدين جي حقن بابت عام ماڻهوءَ کي ڄاڻ ڏني وڃي، ائين ڪري انتظاميا کي ميڊيا ذريعي مجبور ڪيو وڃي ته هوءَ جيلن جي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ بجاءِ پاسداري ڪري.

                هن موضوع تي لکڻ لاءِ جيترو وقت ۽ محنت گهرجي اها ڊگهو عرصو گهري ٿي ڇو ته هيءُ موضوع اهڙو موضوع آهي، جيڪو اسان جهڙن پٺ تي پيل ملڪن لاءِ نهايت گهڻو اهميت وارو آهي. اسان جا جيل جيڪي بظاهر برٽش قانونن هيٺ اڄ به هلي رهيا آهن، جيتوڻيڪ انساني تاريخ جيان جيلن جي تاريخ به پراڻي آهي. اها ڳالهه الڳ آهي ته انهن جون صورتون تبديل ٿينديون رهيون آهن. اڄ جڏهن ڏسجي ٿو ته پاڪستان جي جيلن جي صورتحال بنهه خراب آهي، ٻيءَ طرح دنيا ۾ جيلن جي زندگي جيئندڙ، زندگيءَ جي الڳ الڳ شعبن سان واسطو رکندڙ شخصن جو ڪيتريون ئي جيل جون ڊائريون ڇپيون آهن ۽ پڙهيون ويون آهن جن ۾ انهن جيلن جي اندر جي زندگيءَ بابت لکيو آهي، جن ۾ ڪي شفي آهن ۽ ڪي نفي آهن. ان ڪري اهو سوال سامهون اڀري آيو آهي ته جيل قانون جي پاسداري ڪندڙ آهن يا ڀڃڪڙي ڪندڙ؟

                هن ملڪ ۾ اڌ صدي اڳ ۾ قيد ۾ ويل قيدي احترام ۽ امن سان ڪو به هنر سکندا هئا، جيڪڏهن اهي سزا يافته هوندا هئا ته جيترو به وقت قيد ۾ هوندا هئا ۽ پورهيو ڪندا هئا ته انهن جي سزا ختم ٿيڻ وقت انهن کي ڪيل پورهئي جو سمورو معاوضو ادا ڪيو ويندو هئو ۽ قيدي ٻاهر اچي انهيءَ ناڻي مان ڪو نه ڪو ڪاروبار ڪري عزت جو روزگار ڪندو هئو، پوءِ به هو ان ندامت هيٺ رهندو هئو ته جيل ڀوڳي آيو آهي، ڪن حالتن ۾ هن سان اوڙو پاڙو ڪو به ناتو رشتو رکڻ لاءِ تيار نه هوندو هئو.

                هن ملڪ ۾ هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن ملڪ جا قيد/جيل سياسي قيدين سان ڀرجي ويا هئا، ان دور ۾ جيڪي عام ڏوهاري قيدي جيلن ۾ هوندا هئا، اهي انهن سياسي ورڪرن ۽ اڳواڻن جي تعلق ۾ رهي وقت کان پوءِ جڏهن ٻاهر نڪتا ته انهن جو چڱو انگ سٺن انسانن جو بڻجي ويو ۽ انهن ملڪ ۾ سياسي توڻي سماجي طور نهايت سٺو ڪردار ادا ڪيو.

                اڳتي هلي اهڙو وقت به هن ملڪ ۾ آيو جو سياسي نوجوانن کي جيلن ۾ ڏوهي/ڪرمنل بڻائي ٻاهر موڪليو ويو. ننڍن ڏوهارين کي جيل ڀڃرائي ٻاهر موڪلي انهن کان وڏا سياسي ۽ سماجي ڏوهه ڪرايا ويا. ان ڪري ڪن حالتن ۾ جيلن مان نڪرندر ٿوري انگ سماج ۾ سٺو ڪردار به ادا ڪيو آهي پوءِ به اڪثر ان جي ابتڙ ٿيو آهي. اهو الميو اسان جهڙن سڀني ملڪن سان آهي.

ڏٺو اهو به ويو آهي ته ڪن وقتن ۾ قيد ۾ رهندڙ ڪن انقلابين ۽ سياستدانن جيل  ڊائريون لکيون آهن ۽ انهن ۾ پاڻ ڪاٽيل تڪليفن جو ذڪر تفصيل سان ڪيو آهي پر اهي پاڻ جڏهن ملڪن جا حڪمران ٿيا آهن ته انهن به ڪڏهن جيلن کي سڌارڻ جي يا ڪن اهڙن نون قانونن ٺاهڻ يا لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، جنهن سان قيد ۾ رهندڙ قيدين جي تربيت ٿي سگهي ۽ اهي ٻاهر نڪري سماج جو هڪ سٺو چاهيندڙ ثابت ٿي سگهن. ان ڪري اڄ جي دنيا ۾ جيلن ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي.

ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته حڪمرانن پاران انساني سماج ان ليول تي پهچايو وڃي جتي ڪنهن به شخص کي ڏوهه ڪرڻ جي ضرورت پيش نه اچي. انساني گهرجون ئي انسان کان ڏوهه ڪرائن ٿيون. جن جو پوراءُ ڪرڻ رياستن جو ڪم آهي ائين اسان جي رياست جو به اهو ئي ساڳيو ڪم آهي ته اها پنهنجي ملڪ جي سڀني ماڻهن جون بنيادي گهرجون پوريون ڪري.

اسان جهڙن ملڪن ۾ اهڙو معاشرو جيستائين جڙي تيستائين جيلن ۾ ڪجهه قانوني تبديليون ڪري قيدين جي تربيت ۽ ترقي لاءِ ڪي تڪڙا اپاءَ ورتا وڃن.

 جيلن جي اڄوڪي صورتحال بابت سماج جي الڳ الڳ شعبن ۾ ڪم ڪندڙ ڪن اهم شخصن جي راءِ ڪجهه ان طرح اچي رهي آهي جو اها جيلن جي صورتحال تي ڪافي روشني وجهي ٿي.

ظاهر آهي ته هيءُ موضوع اهڙو آهي، جنهن لاءِ ڪو به عام شخص ان خوف کان قيد خانن جي ڳجهي معلومات ڏيڻ پسند نه ڪندو، ڇو ته اڳتي هلي ممڪن آهي ته ان شخص لاءِ نتيجا ٺيڪ نه نڪرن تنهن هوندي به هڪ بيگناهه ست سال جيل ۾ ڪاٽيندڙ نوجوان الف-سين ٻڌايو ته:

”جيل اندر ڪو به شخص اهو ڏوهي آهي يا بي ڏوهي قيد اندر ساهه ڳڻي جيئي ٿو، ڇاڪاڻ ته اول ته ڪنهن جيئري ضمير واري شخص لاءِ اهو لمحو ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي جڏهن هو پنهنجي سموري انساني سڃاڻپ وڃائي هڪ انگ طور ڳڻيو وڃي. اڳتي هلي جڏهن هو ان ڳالهه تي هري وڃي ٿو ته پوءِ هن جي سموري انا/ايگو ختم ٿي وڃي ٿي. جنهن سبب هو شفيع/پازيٽوِ رخن ڏانهن گهٽ، نفي/نگيٽوِ رخن ڏانهن وڌيڪ لاڙو رکي ٿو.

ٻيو ته ڪو به شخص جيستائين جيل اندر ٿيندڙ روئداد جو حصو بڻجي تيستائين هو ڏاڍي تڪليف ڀوڳي ٿو، هو ٻين جي اشاري تي هلي ٿو جيڪا ڳالهه هن لاءِ ٺيڪ نه آهي ۽ جيڪا سٺي انسان کي به برو بنائڻ جو ڪم ڪري ٿي. پوليس اهلڪارن سان گڏ اهي قيدي به تڪليف ڏيندڙ آهن جيڪي جيل ۾ اچي انسان مان ڦري جانور ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ پوليس جي مدد سان هو پاڻ کي جيلن/قيدن جا مالڪ سمجهڻ لڳن ٿا. “

جيل جي اندروني زندگيءَ بابت هونئن ته گهڻو ئي ڪجهه ٻڌڻ يا لکڻ ۾ آيو آهي پر تازو ئي سنڌ جي اتر سان تعلق رکندڙ هڪ استاد ۽ اديب سجاد مهر ڪنهن الزام هيٺ  سکر جيل ۾ گهاريل گهڙين بابت پنهنجي جيل ڊائري ۾ لکيو آهي ته:

” جيل اندر هڪ عام قيدي اهڙي صورتحال ۾ رکيو وڃي ٿو، جو اهو هر وقت موت جي ٽياس تي ٽنگيل رهي ٿو، هو پنهنجي زندگي غير محفوظ سمجهي ٿو ۽ 24 ئي ڪلاڪ ان ڳڻتيءَ ۾ آهي ته ڪنهن به وقت، ڪو به سبب ڄاڻائي پوليس يا انهن جا جيل ۾ پاليل ماڻهو ( جن کي جيل جي ٻولي ۾ اردلي/مقدم سڏيو ويندو آهي) کيس موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيندا ۽ ڪنهن کي به خبر نه پوندي. ان ڪيفيت ۾ رهندڙ ماڻهو جڏهن جيل کان ٻاهر اچي ٿو ته اهو رد عمل طور پازيٽوِ هجڻ کان وڌيڪ نگيٽوِ ذهن کڻي ٻاهر اچي ٿو ۽ سماج لاءِ نقصانڪار ٿئي ٿو.“

                ڏٺو اهو ويو آهي ته اسان جي هن پٺتي پيل معاشري ۾ سٺا انسان گهٽ پيدا ٿي رهيا آهن، جنهن جو سبب ٻين سماجي براين سان گڏ تعليم جو نه هجڻ به آهي، سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پنهنجون خدمتون ڏيندڙ ناميارو پوليس آفيسر غلام حسين ڏاهري جيڪو پاڻ سٺو سوچيندڙ ۽ لکندڙ پڻ آهي پنهنجا تجربا ٻڌائيندي چوي ٿو ته:

                ” سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڏوهه ڇا آهي ۽ ان ڏوهه جو اسان وٽ مفهوم ڇا آهي؟ سماج ۾ ڏوهيءَ کي ڪهڙي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو ان بابت گهرائيءَ سان سوچڻو پوندو. سڌريل ملڪن جي برعڪس اسان جهڙن ملڪن ۾ ڏوهاري ماڻهوءَ جي حوصلا شڪني ٿيڻ بدران حوصلا افزائي ٿئي ٿي. جنهن جو سبب اهو آهي ته سنڌي ماڻهو ڪڏهن به جنگي يا ويڙهاڪ نه رهيا آهن ۽ نه وري هو ڪرائي جا قاتل رهيا آهن. تنهن ڪري اسان وٽ ڪو به ماڻهو بهادر يا ويڙهاڪ ٿيندو آهي ته معاشري جو هيڻو ماڻهو ان تي گهڻو آڌاريندو آهي. ٻين سماجن ۾ جيئن ته ماڻهو ويڙهاڪ آهن ان ڪري انهن ڏانهن ڌيان گهٽ وڃي ٿو. ٻي ڳالهه ته اسين زرعي سماج جا ماڻهو آهيون،  ان ڪري اسان ۾ سهپ ۽ رواداري وڌيڪ آهي، ڇاڪاڻ ته زرعي سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جون جبلي گهرجون آساني سان پوريون ٿي وينديون آهن، هو پنهنجي کاڌي جون گهرجون وڻن ٻوٽن ۽ کير مکڻ مان پوريون ڪري ويندو آهي. اهڙي سماج ۾ ٿوري همت يا ويڙهاڪ ماڻهوءَ کي اهميت جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي. ان حد تائين جو جيڪو شخص جيترو وڏو ڏوهاري/ ڪرمنل آهي ان کي ايڏو ئي وڏو بهادر سمجهيو ويندو آهي ۽ ڪنهن به ننڍي ڏوهه ڪرڻ واري کي سٺو نه سمجهيو ويندو آهي. جڏهن اهو جيل ۾ ويندو آهي ته اتي به طبقاتي سماج وانگر ان جي عزت ۽ نفس جو خيال نه ڪيو ويندو آهي. جنهن ڪري هو ننڍي ڏوهاري مان  وڏو ڏوهاري ٿي نڪرندو آهي.

اسان جي سماج ۾ انصاف نه آهي ۽ رياست جون پاليسيون به انصاف تي ٻڌل نه آهن، جنهن ڪري احساس محرومي وڌيڪ آهي. جنهن ڪري اهي ماڻهو ڏوهه کي چڱو سمجهندا آهن ۽ جڏهن هو جيل ۾ ايندا آهن ته ظاهر آهي ته الڳ الڳ مزاج ۽ الڳ الڳ عادتون رکندڙ ۽ الڳ الڳ ڏوهه ڪري ايندا آهن. ان ڪري انهن جون گهرجون به الڳ الڳ هونديون آهن، انهن لاءِ جيل/قيد اصلاح گهر نه آهن. جيڪڏهن قانون جي پاسداري ڪئي وڃي ته خوف ۾ ماڻهو ڏوهن کان آجو ٿي سگهي ٿو. جيل ۾ هر ماڻهوءَ جو مزاج، تعليم ۽ ڏوهه ڏسي انهن جي اصلاح جو رستو ڳولڻ بدران انهن کي وڌيڪ نفسياتي بيمار ڪيو ويندو آهي.

ٻيو ته ڪي ننڍڙا ڏوهاري جيل/قيد ۾ ايندا آهن ته انهن جي دنيا ننڍڙي هوندي آهي/ جيل ۾ اچڻ کان پوءِ هنن جو ڀانت ڀانت جي ماڻهن ۽ ڏوهه ڪندڙن سان رابطي ۾ اچڻ ڪري هڪ ڳجهو نيٽ ورڪ جڙي وڃي ٿو ۽ کين جيل اندر ئي سهولتڪار به ملي ويندا آهن، اهي ڏوهي ٻاهر نڪري پنهنجي نيٽ ورڪ جي آڌار تي وڏي دائري ۾ وڏا ڏوهه ڪندا آهن ۽ ائين سماج لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندا آهن. گهرج ان ڳالهه جي آهي ته جيل ۾ اچڻ کان پوءِ سزا مليل/نه مليل قيدي جيڪي پورهيو ڪن ٿا انهن کي انهن جو اجورو ملڻ گهرجي. انهن لاءِ ڪا به ٻاهرين شئي اندر نه آندي وڃي ۽ خاص طور قيدين لاءِ نفسيات جا ماهر ڊاڪٽر رکيا وڃن جن پاران ايندڙ قيدين لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ هجي ته ڪهڙا قيدي ڪهڙي ڪم اچي سگهن ٿا ۽ پوءِ کين اهڙو ئي ڪم ڏنو وڃي. ائين ڪري ڪنهن به ڏوهيءَ کي سٺو انسان بڻائي سگهجي ٿو جيڪو ٻاهر نڪري سماج لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.

                جيل يا قيدين جي اهڙي صورتحال بابت سنڌ جو ناميارو قانوندان ۽ سياسي دانشور ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ خالق جوڻيجو چوي ٿو ته:

” رياست جهڙي قسم جي هوندي آهي اهڙا سماج جڙندا آهن. اسان وٽ رياست جي ڪن طبقن جي تحفظ لاءِ مختلف ادارا بڻايا ويا آهن جن مان جيل به آهن. دراصل رياست مخصوص ماڻهن جو تحفظ ڪري ٿي، اسان وٽ بنيادي طور جيل رياست ۾ رهندڙ ڦورو ۽ غاصب طبقن جي مفادن جي رکوالي لاءِ جڙيل آهن. اهي عام ماڻهن جي ڀلائيءَ يا ڪنهن به ننڍي وڏي ڏوهيءَ جي اصلاح لاءِ نه آهن. هن رياست جي ادارن جو مقصد هن معاشري جي ماڻهن کي سٺو ٺاهڻ نه آهي، پر انهن کي ڪرمنل/ڏوهي بڻائي پنهنجي ماتحت رکڻو آهي ان ڪري جيل عام ماڻهو يا ڏوهيءَ کي انهن غاصبن ۽ ظالمن جي خلاف ڪنهن به رد عمل کان روڪڻ جا ذريعا آهن جن جو مقصد ڪڏهن به سٺو سماج جوڙڻ نه آهي. جيڪي ماڻهو جيل ۾ وڃن ٿا انهن سان اندر ويٺل رياست جا ڪارندا جيڪو توهين آميز سلوڪ ڪن ٿا ان جو نتيجو اهو نڪري ٿو جو جيل مان نڪرندڙ ماڻهو سماج لاءِ وڌيڪ نقصانڪار ٿي نڪري ٿو. جڏهن ڪنهن به ماڻهو کي پنهنجي اندر جي اظهار لاءِ شفيع/پازيٽوِ ذريعا ميسر نه هوندا ته اهو نفيءَ/نگيٽوِ پاسي ويندو. ڇاڪاڻ ته هن کي پنهنجي اندر جو اظهار ڪرڻو آهي جنهن ڪري هو ڪرائم/ ڏوهه ڪندو ۽ سماج جي سٺائيءَ بجاءِ سماج جي خرابيءَ جو سبب بڻجندو.

پاڪستان جي جيلن جي صورتحال بابت ملڪ جو ناميارو صحافي جي اين مغل چوي ٿو ته:

                ” جيل ۾ وڃڻ ۽ اتان سٺو يا خراب ٿي موٽڻ جي صورتحال پوءِ آهي، اسين ڏسون ٿا ته اسان جي سماج جي حالت، جيلن جي حالتن کان به خراب آهي. پيءُ پنهنجي پٽن کي ماري رهيو آهي. مڙس پنهنجي زال کي ماري رهيو آهي، ڀاءُ پنهنجن معصوم ڀينرن کي ماري رهيو آهي اها حالت  ڪنهن به سماج کي سٺو ڪيئن بڻجڻ ڏيندي؟ ٻيو ته خود ڪراچي جون اڄوڪيون حالتون اهي آهن ته ڏوهي ماڻهو وڏين مارڪيٽن جا سڀ تالا ٽوڙي ان ۾ موجود ڪروڙين رپين جون ملڪيتون کڻي ويا آهن ۽ ان کان پوءِ پاڪستان جي ڪيترن ئي ٻين شهرن ۾ به ائين ٿيو آهي. ڪرپشن اسان جي سڄي معاشري کي پنهنجي جڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ يقينن جيل/قيدن جون حالتون به اهڙيون ئي خراب آهن. ڪڏهن اسان جي ملڪ جو معاشرو امن ۽ انصاف وارو به هئو پر اڄ صورتحال اها آهي ته سڀ انتهائون اچي گڏيون آهن. سوسائٽي/ معاشري کي ڪو به سڌارڻ وارو نه آهي ته جيلن ۾ سڌارو ڪيئن ايندو. اتي به اها ئي ساڳي حالت آهي، جيلن اندر ٻاهر جي ڪرپٽ ماڻهن کان وڌيڪ ڪرپٽ ماڻهو ويٺا آهن، ان ڪري اتي جيڪو به ويندو پڪ سان ٿورو خراب هوندو ته وڌيڪ خراب ٿيندو، ننڍو ڪرپٽ هوندو ته وڏو ڪرپٽ ٿيندو. اسان جو معاشرو ۽ اسان جا ادارا هڪ جهڙي صورتحال ۾ آهن. جيڪا خرابي معاشري ۾ اهي اها خرابي ادارن ۾ به آهي جن ۾ جيل به اچي وڃن ٿا.

                جيلن ۾ قانونن جي مڪمل پاسداري نه ٿيڻ سبب جيڪا انساني حقن جي لتاڙ ٿئي ٿي ان بابت ملڪ جو ناميارو قانوندان شهاب اوستو چوي ٿو ته:

                ” انساني تاريخ ۾ جيل جو تصور، ريفارمري، مطلب ته سڌاريندڙ رهيو آهي، جنهن ۾ وڃي ماڻهو سٺو ٿي ٻاهر اچي ٿو، پر هتي جيلن اندر سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿئي ٿو. اسان وٽ جيلن جو اڳوڻو سٺو تصور به موجود آهي ته ساڳئي وقت جيلن جا قانون به موجود آهن، پر انهن تي عمل نٿو ٿئي جنهن ڪري قيدين کي انهن جي بنيادي حقن کان محروم ٿيڻو پوي ٿو. ٻيو ته اسان جي جيلن ۾ جتي 200 سئو قيدين جي گهرج آهي اتي 500 قيدي واڙيا ويا آهن. ان ڪري نه انهن جي کاڌي پيتي جو خيال رکيو وڃي ٿو ۽ انهن جي صحت جو خيال رکيو وڃي ٿو. ان صورتحال ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيل مينوئل لاڳو ڪيو وڃي، جيستائين ائين نه ٿيندو تيستائين قيدين جي انساني حقن جي پائمالي ٿيندي رهندي.

                ٻيو ته هتي جي جيلن اندر به وي آءِ پي ڪلچر آهي، جيڪي وڏا ڏوهاري آهن، انهن کي پوليس سهولتون ۽ تحفظ ڏئي ٿي ۽ ننڍن قيدين جا حق ماري ٿي جنهن ڪري انهن ۾ رد عمل ٿئي ٿو ۽ انهن ۾ ايڊمنسٽريشن خلاف نفرت پيدا ٿئي ٿي. هتي جيلن ۾ ماڻهن کي جانور جيان سمجهيو وڃي ٿو ۽ انهن سان اهڙو ئي ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو. جيلن مٿان ڪو به قانوني چيڪ ۽ بيلنس نه آهي، جن عملدارن کي جيلن جا دورا ڪرڻ گهرجن ۽ جيلن ۾ سڌارا آڻڻ گهرجن اهي ائين نٿا ڪن جنهن ڪري انهن کي خبر ئي نه آهي ته جيل اندر ڇا پيو ٿئي. اسان جو سسٽم ڪرمنل آهي  ۽ ان جا حصا جيل پوليس، پراسيڪيوشن ۽ جوڊيشل آهن، جيڪي سڀ ان ۾ شامل آهن.  انهن کي اجتماعي طور سڌارڻ جي ضرورت آهي، اسان جو سسٽم جيسيتائين ريفارم نه ٿيندو تيستائين اهي مسئلا ائين هلندا رهندا.

                هتان جي جيلن جي صورتحال بابت سنڌ جو مشهور جيل عملدار محمد حسن سهتو چوي ٿو ته:

                ” جيلن ۾ ان جي قانونن جي پاسداري بلڪل ٿئي ٿي پر مسئلو اهو آهي ته اوور ڪرائوڊنگ ايتري وڌيل آهي جو انتظاميا پوري نٿي پوي. ان جي باوجود سنڌ جي آءِ جي جيل خانه جات نصرت حسين صاحب جي محنت سان اسان سنڌ جي جيلن ۾ مختلف ٽريننگون ڏيڻ شروع ڪيون آهن  جيئن جيلن جا قيدي هنر مند ٿي ٻاهر نڪرن، ان ڪري تازو ئي ڪراچي سينٽرل جيل ۾ فائن آرٽ اسڪول شروع ڪيو آهي، جيڪو تمام بهترين انداز ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، ڊسٽرڪٽ جيل ملير ڪراچي ۾ به ان جي برانچ ڪم ڪري رهي آهي ان سان گڏوگڏ سنڌ جي مختلف جيلن ۾ اسان ٽيلرنگ سيڪشن به شروع ڪيو آهي جيڪو ڪجهه وقت اڳ مون ٻن مشينن سان شروع ڪرايو هو ۽ هاڻ ٻن سالن جي عرصي ۾ 35 مشينن جو واڌارو ٿيو آهي. جيڪي قيدي اهو ڪم ڪن ٿا انهن کي جيڪا اجرت ٻن سالن ۾ ملي آهي اها 11 لک 50 هزار ٿئي ٿي. منهنجي هر ممڪن ڪوشش آهي ته جيڪي قيدي آزاد ٿي وڃن انهن کي گهرن ۾ هڪ مشين ڏيون ته جيئن هو عزت جي روزي ڪمائي سگهن. هن ٽريننگ لاءِ اسان جي آءِ جي جيل خانه جات ڪيترن ئي آفيسرن کي يو ايس اي موڪليو هو جتان ٽريننگ وٺي آيا آهن ته جيئن هو قيدين سان سٺو ورتاءُ رکن ۽ انهن کي سٺو ماڻهو بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪن.  مجموعي طور سنڌ جي جيلن ۾ به اهڙن ڪمن جي شروعات ڪرائي آهي جيڪو عمل جيل جي قانونن جو اهم حصو آهي.

اسان جيلن ۾ بند ٿيل مختلف ڪمن جا ڪارخانا نئين سر کولرايا آهن ۽ سنڌ گورنمينٽ جي تازي ڪوشش به اها آهي ته ڪجهه نوان جيل جوڙيا وڃن جيئن اوور ڪرائونڊنگ ختم ٿي سگهي ۽ جيل قانونن تي عمل ٿي سگهي ۽ قيدين کي قانون موجب سندن وڌ ۾ وڌ حق ملي سگهن. اسان کي اميد آهي ته قيدين کي ٻاهر نڪرڻ وقت هڪ سٺو شهري ڪري موڪلجي ۽ اهڙا نتيجا ڏجن جيڪي سماج جي لاءِ فائديمند ثابت هجن.

                سنڌ ۾ جيلن ۾ ٿيندڙ قانون جي پاسداري يا ڀڃڪڙي بابت سنڌ ۾ انساني حقن جي لاءِ جاکوڙيندڙ نامياري انساني حقن جي ڪميشن جي ڪارڪن ڊاڪٽر اشوٿاما جو چوڻ آهي ته:

                ”دراصل انساني حقن جي لتاڙ جيتري دنيا جي جيلن اندر ٿئي ٿي ايتري ٻئي ڪنهن به هنڌ نٿي ٿئي ڇو ته جيل/قيد ۾ انسان گهڻي ۾ گهڻو لاچار ۽ بيوس هوندو آهي ۽ هو پاڻ کي ٻين جي هٿ وس سمجهندو آهي. يورپ جي جيلن ۾ به قيدين سان ڪو سٺو سلوڪ نٿو ٿئي پر اتي صورتحال ٻي آهي، جيل قانونن جي پاسداري ٿئي ٿي انساني حقن جو گهڻي حد تائين احترام آهي ۽ قانونن کي گهڻي حد تائين اهميت آهي پر اسان جي ملڪ ۾ قيدين کي انسان ئي نه سمجهيو ويندو آهي ته انهن جي انساني حقن جا قانون ڪهڙا لاڳو ڪيا ويندا. جيڪي قانون جيلن بابت ٺهيل آهن انهن تي به اسان وٽ عمل گهٽ ٿيندو آهي، جنهن ڪري جيلن اندر ماڻهو پنهنجي حياتي انساني حقن جي ڪنهن به حاصلات کان سواءِ گذاري ٿو. سماج جي طبقاتي رويي واري سوچ جيلن اندر به ڪم ڪري ٿي جتي ڪن خاص قيدين لاءِ خاص سهولتون آهن پر عام قيدي پنهنجي سڀني انساني حقن کان محروم آهن جنهن مان سمجهيو وڃي ته جيلن ۾ قانونن جي پاسداري گهٽ ٿئي ٿي اهو اسان جي ملڪن ۾ عام آهي ته  جيل عملدار قيدين سان ڪهڙو به ورتاءُ ڪن اهو سندن قانوني حق آهي جڏهن ته قيدين جا به ڪي حق آهن. جن لاءِ جيلن جا قانون ٺهيل آهن جيڪي قيدين کي گهڻين سهولتن ڏيڻ جا پابند آهن، پر انهن تي عمل ڪير ڪري يا ڪرائي؟ جيستائين انهن تي عمل ٿئي تيستائين جيل جا قيدي انصاف حاصل ڪري نه سگهندا. هن پاسي ملڪ جي حڪمرانن کي ڌيان ڏيڻ گهرجي.

                مٿين زندگي جي مختلف شعبن ۾ پنهنجو ناماچار رکندڙ شخصن جي آيل ويچارن جي روشني ۾ آساني سان ڏسي سگهجي ٿو ته اسان جي ملڪ جي جيلن ۾  قانونن جي پاسداري کان وڌيڪ قانونن جي لتاڙ ٿئي ٿي جيڪو هڪ الميو آهي، دنيا جي ترقي يافته ملڪن وانگر اسان جي ملڪن ۾ به ٿيڻ ته ائين گهرجي ته انسانن جون بنيادي گهرجون پوريون ڪيون وڃن جيئن ڪو به ماڻهو ڏوهه ڪرڻ جو سوچي نه سگهي ۽ جيڪڏهن هو نه چاهيندي به ڪنهن ڏوهه ۾ قيد ۾ وڃي ته اتي ان جي سٺي تربيت ڪري ان کي سٺو ماڻهو بڻائي ٻاهر موڪلي سگهجي ٿو اهو ئي بنيادي طور اهم ۽ اولين فرض بڻجي ٿو اسان جي ملڪ جي قانونن جو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سرڪاري لاپرواهي جو شڪار مُهين جو دڙو:زرار پيرزادو

مُهين جي دڙي جو هيءُ ماڳ نه رڳو سنڌ، نه رڳو پاڪستان پر دنيا جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے