25 سومر , جون 2018

18 هين ترميم جي روشني ۾ بٺي مزدورن سان ٿيندڙ ناانصافيون

اسد ممتاز رڏ

downloadسرن تي ٿيندر ڪم قدم زماني کان جاري آهي ، سنڌ اندر مهين جي دڙي ، ڪوٽڏيجي طوري آمري جي تاريخي ماڳن تي سرون جا ٺهيل شاندار شهر ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي .

بٺن تي مزدور ٽولين ۾/ خاندان سميت ڪم ڪن ٿا، ڪيترائي لاڏائو قبيلا به پيڙهين کان اهو ڪم ڪندا اچن. بٺن جي ڀرپاسي مان مٽي ڪڍي/ حاصل ڪري/ ڳوهي/ تيار ڪري/ ڪچيون سرون ٺاهي، ان کي سڪائي پوءِ بٺي ۾ وجهي/ پچائي/ پڪيون ڪرڻ کانپوءِ ان کي سٿي رکيو ويندو آهي. تيار ٿيل سرون مارڪيٽنگ لاءِ تيار هونديون آهن.

ان سموري ڪم دوران ڦڙتي، گهربل محنت/ مقرر وقت اندر گهربل تعداد ۾ سرون تيار ڪرڻيون پونديون آهن. بٺي کي پچائڻ دوران باهه ڏيڻ يا باهه کي سنڀالڻ خطرناڪ ڪم هوندو آهي، جنهن لاءِ ماهر ۽    وڏي عمر جا مزدور ئي اهو ڪم ڪندا آهن.

اهي مزدور ان بٺي تي ئي رهندا آهن، ڪي مقامي پورهيت پڻ اچي اهو ڪم ڪندا آهن. ڪم جو معاوضو سيڪڙي/ هزاري جي حساب سان ڏنو ويندو آهي. سڌي يا اڻسڌي طرح سان بٺي تي ڪم ڪندڙ مزودرن جي سخت نگراني ڪئي ويندي آهي. مزدورن جي ڪم جو وقت 12 ڪلاڪ توڙي ان کان وڌيڪ به ٿي سگهندو آهي.

ڪجهه علائقن ۾ مقامي ماڻهو پڻ بٺي مالڪن کي بٺي تي ڪم ڪرڻ لاءِ مزدور ڏين ٿا، جنهن جو ذمو هو پاڻ کڻندا آهن. محدود آمدني جي ذريعن، شعور جي ڪمي ،قانون کان اڻ واقفيت زراعت ۾ جديد مشينري جي استعمال، جهڙن سببن ڪري ڪيترائي ڪٽنب ۽ خاندان پيٽ جي ”دوزخ“ ڀرڻ لاءِ اهو ڪم ڪن ٿا.

صحت/ تحفظ

بٺي تي ڪم ڪندڙ پورهيت لاءِ ڪوبه تحفظ نه آهي، باهه تي ڪم ڪندڙ بٺي کي پچائڻ لاءِ مزدور بنا ڪنهن حفاظتي سامان جي ڪم ڪن ٿا.

باهه جي تپش هنن جي چهري ۽ جسم کي سيڪ پهچائي ٿي. گرم سرون بٺن مان ڪڍڻ وقت ڪڏهن ڪڏهن مزدور هٿن تي رٻڙ چاڙهين ٿا يا چهرو ٽوال سان ڍڪين ٿا.

ڪٿي ڪٿي سرن جي رنگ کي وڌيڪ پڪو ڪرڻ يا شايد ٻارڻ جي خرچ کان بچڻ لاءِ استعمال ٿيل پلاسٽڪ ۽ رٻڙ پڻ ٻارڻ طور استعمال ڪندا آهن، جنهن جي زهريلي گئس ڪم ڪندڙن کي نقصان پهچائي ٿي ته وري سموري ماحول تي خراب  اثر وجهي ٿي.

روزگار جا شرط

جيڪڏهن ڪل مزدور 50 هوندا ته صرف ڪجهه ئي ماهوار پگهار تي رکيل هوندا آهن، جنهن ۾ چوڪيدار، منشي يا وري باهه ڏيڻ لاءِ هنرمند/ مستري وغيره باقي پورهيت ڪم جي حساب سان معاوضي تي ڪم ڪندا آهن.

مزدورن جي ڀرتي اڪثر مستري/ جمعدار جي ذريعي ٿيندي آهي. ان گروپ ليڊر کي مالڪ يا منشي هدايتون ڏيندا آهن. اهو گروپ ليڊر ئي گهربل مقدار ۾ سرون انهن مزدورن کان تيار ڪرائيندو آهي، جيڪو ئي مالڪ/ منشي وچ ۾ معاوضو طئه ڪرائيندو آهي، جيڪو في سر معاوضو/ سيڪڙي جي لحاظ سان معاوضو يا مزدوري جي حساب سان معاوضو طئه ڪندو آهي. اهو ئي مزدورن کي اڳواٽ رقم ڏيڻ لاءِ راضي ڪندو/ زباني معاهدو ڪرائيندو آهي. اهڙي ڪم ۾ ٻن درجن کان هڪ سئو تائين مزدور ڪم ڪندا آهن.

اهي مزدور اتي/ عارضي ديوارون کڙي ڪيل ننڍن ڪمرن ۾ رهن ٿا، جتي نوجوان نياڻيون ۽ عورتون بي پردگيءَ جو شڪار ٿين ٿيون. عام طور تي هڪ ٻه کٽون ۽ اڌوگابرو چلهو پڻ پورهيتن کي ڏنو ويندو آهي. پاڻي ڪنهن کوهه يا هٿ جي نلڪي مان گڏيل طور حاصل ڪيو ويندو آهي.

ڪم دوران زخمي ٿيندڙ مزدورن جي علاج جي سموري ذميداري مزدورن تي ئي هوندي آهي. هر حڪومت پورهيتن جي حقن جي تحفظ، انساني حقن، ٻارن جي حقن، عورتن جي حقن، ٻارن کي لازمي تعليم جي فراهمي جي حقن جو اعلان ڪندي رهي ٿي پر اڄ به بٺن تي ڪم ڪندڙ مزدورن جا هڪ انسان ۽ هڪ مزدور طور حق نٿا ملن.

جيئن ته اڳواٽ آمدني جي رقم ملڻ ۽ رهائش ملڻ سان تحفظ جو هڪ احساس پئدا ٿئي ٿو. تنهنڪري سماج جو هي نظرانداز ٿيل حصو محرومي بجاءِ غلامي واري زندگيءَ جي چونڊ ڪري ٿو. مسلسل ۽ لڳاتار ڪم جي هلندي رهڻ وارو احساس ۽ ڪڏهن نه ڪڏهن مالڪ/ اجير طرفان ڪنهن حادثي واقعي يا مصيبت جي وقت ۾ ”رحمدلي“ طور اڳواٽ رقم جي ملڻ جو خيال به هنن کان اهو ڪم ڪرائي ٿو.

سنڌ ۾ ته قانون جي جوڙجڪ، ان تي عمل، متاثرن کي انصاف جي يقيني فراهمي جو سمورو مرحلو انتهائي سست آهي، جيڪڏهن حڪومت بٺن کي فئڪٽريز قرار ڏئي انهن کي رجسٽرڊ به ڪري تڏهن به اتي ڪم ڪندڙ مزدورن عورتن ۽ ٻارن کي رائج/ جڙيل/ نافذ/ مڪمل قانون مان انصاف حاصل ڪرڻ جو امڪان صرف ان صورت ۾ ئي ممڪن هوندو، جڏهن حڪومت/ واسطيدار کاتن جا عملدار/ اَجير/ مالڪ/ مزدورن کي مستقل مزدور تسليم ڪن ۽ کين طئه ڪيل حقن مطابق حق ڏين.

جبري مشقت /پورهيو

آءِ ايل او مطابق جبري مشقت/پورهيو  هر اهو ڪم آهي، جيڪو ڪنهن شخص کان ان جي مرضي جي خلاف ورتو وڃي ۽ ڪم ڪندڙ شخص اهو ڪم ڪنهن سزا جي ڊپ سبب ڪرڻ تي مجبور هجي. قرض واري غلامي جيڪا جبري مشقت / پورهيو جو هڪ قسم آهي ۽ ايشائي ملڪن ۽ زرعي معاشرن ۾ خاص طور تي موجود آهي. اهڙي جبري مشقتئ پورهيو  دراصل هڪ مزدور جي پنهنجي اَجر (مالڪ/ زميندار/ جاگيردار) کان قرض وٺڻ کان شروع ٿئي ٿي ۽ جيڪڏهن قرضي اهو قرض واپس ڪرڻ کان قاصر /لاچار رهي ته ان کي قرض ڏيندڙ لاءِ هڪ مقرر مدي يا اڻ ڄاڻايل مدي تائين جي لاءِ مشقت، پورهيو يا خدمت سرانجام ڏيڻي پوندي آهي.

جبري مشقت /پورهيو اسان جي سماج ۾ هيٺين صورتن ۾ موجود آهي:

            (الف ) ڪنهن قرض يا اڳواٽ رقم (جيڪو لاڳاپيل شخص يا ان جي خاندان ورتو/ ورتي هجي) جي عيوض جبري مشقت /پورهيو انجام ڏيڻ.

ڪنهن سماجي يا رواجي ذميداري جي ادائگي لاءِ (جاگيرداري نظام تحت پنهنجي علائقي جي غريب ماڻهن کان ڪم وٺڻ)

ڪنهن معاشي فائدي (جيڪو مزدور يا ان جي خاندان قرض ڏيندڙ کان ورتو هجي) جي عيوض جبري مشقت /پورهيو انجام ڏيڻ.

ضامن جي جبري/پورهيو  مشقت انجام ڏيڻ (جيڪڏهن قرض وٺندڙ وقت تي قرض واپس نه ڪري سگهي ۽ ضامن وٽ به قرض واپس ڪرڻ جي رقم نه هجي)

(ب)

جبري مشقت /پورهيو پاڪستان ۾ گهڻو ڪري زرعي شعبي، سرن جي بٺن، گهريلو ڪم ڪندڙن ۽ پينو فقيرن ۾ موجود آهي.

پاڪستان ۾ جبري مشقت

            جبري مشقت /پورهيو جو نظام دراصل انهن غريب مزدورن جو استحصال ڪري ٿو، جيڪي پنهنجي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي آجرن، زميندارن کان قرض وٺن ٿا ۽ ان قرض جي ادائگي لاءِ انهن کي پنهنجي بنيادي آزادي کي به گروي رکڻو پوندو آهي.

پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 3 جي مطابق اها رياست جي ذميداري آهي ته اها استحصال جي سمورن قسمن ۽ صورتن جي خاتمي کي يقيني بڻائي توڙي بنيادي اصول جي آهستي آهستي تڪميل ڪري، ايئن هر ڪنهن کان ڪم انجي اهليت جي مطابق ۽ معاوضو ان جي ڪم جي مطابق ئي ڏنو وڃي. هڪ شخص کي جبري پورهيي  هيٺ رکڻ مان مزدورن کي سمورن بنيادي حقن کان محروم ڪرڻ آهي، جنهن ۾ چرپر جي آزادي، ميڙاڪن ۽ نظرين سان تعلق جي آزادي، تنظيم جوڙڻ جي آزادي، شخصي آزادي، ڪاروبار/ پيشي جي آزادي، راءِ جي اظهار جي آزادي ۽ شهرين وچ ۾ برابري جا حق شامل آهن.

آئين جو آرٽيڪل 11 خاص طور تي جبري پورهيو بابت آهي. ان ۾ چيو ويو آهي ته:

غلامي (رائج قانون مطابق) منع ڪيل آهي ۽ پاڪستان ۾ ڪوبه قانون ان رائج ٿيڻ جي اجازت نه ڏيندو ۽ ان کي ڪا حمايت فراهم نه ڪندو.

بيگار/ جبري پورهيو   ۽ انسانن جي اسمگلنگ (يقيني وڪرو ۽ خريداري) ممنوع آهي.

آئين ۾ ڏنل هدايتن کانسواءِ، پاڪستان جي حڪومت، جبري مشقت جي خاتمي لاءِ قانون پڻ جاري ڪيا آهن.

بانڊيڊ ليبر سسٽم (ايوليشن) ايڪٽ/ جبري پورهيو جي خاتمي جو قانون 1992ع

بانڊيڊ ليبر (ايوليشن) ايڪٽ/ جبري پورهيو  جي خاتمي جو قانون 1995ع

ان قانون جي مشق 4 جي تحت، ان ايڪٽ جي جاري ٿيڻ سان ملڪ ۾ جبري مشقت جو نظام ختم ڪيو ويو آهي ۽ جبري مشقت ڪندڙ سمورا مزدور آزاد آهن ۽ قرض ڏيندڙ جي لاءِ ڪنهن به قسم جي پورهيو / خدمت ادا ڪرڻ لاءِ ذميدار نه آهن. ان کانسواءِ ان ايڪٽ جي جاري ٿيڻ کان اڳ طئه ڪيل ڪوبه معاهدو، رسم ۽ رواج يا ريت جيڪا ڪنهن کان زوري پورهيو  وٺڻ بابت هجي. سمورا ڪالعدم آهن. جبري قرضن جي واپسي جي لاءِ درخواست داخل نٿي ڪرائي سگهجي ۽ جبري قرض جي وصولي لاءِ جاري ڪيل هر حڪم ڪالعدم آهي ۽ اهو قرض وصول ٿيل ئي تصور ڪيو ويندو. ان ايڪٽ جي تحت جبري پورهيو  ڪندڙ مزدورن کي انهن جي جائيداد (جيڪا قرض ڏيندڙ قرض واپس نه ڪرڻ جي صورت ۾ پنهنجي قبضي ۾ ورتي هئي يا گروي رکي هئي) کي به واپس ڪرڻ جو حڪم آهي. گڏوگڏ قانون تحت قرض ڏيندڙ کي حڪم ڏنو ويو آهي ته اهو ان جبري قرض جي بدلي ۾ ان قانون جي جاري ٿيڻ کانپوءِ ڪا رقم قرض طور ادائگي جي لاءِ نه وٺي.

چائلڊ ليبر:

            چائلڊ ليبر يعني ٻارن جي ٻورهيو  ۽ چائلڊ ورڪ (ٻارن جي ڪم) ۾ فرق ڪرڻ جي ضرورت آهي. چائلڊ ورڪ جيڪڏهن ڪنهن ٻار جي شخصي، جسماني، نشونما ۽ ان جي تعليم تي اثر نٿو وجهي ته ان کي چائلڊ ليبر قرار نٿو ڏئي سگهجي. مثال طور اسڪول جي موڪل دوران جيڪڏهن ڪو ٻار ڪو ڪم ڪري ٿو يا فيملي جي بزنس ۾ هٿ ونڊرائي ٿو ته ان کي چائلڊ ليبر قرار نه ڏنو وڃي . بلڪه اهڙي قسم يا ڪم ٻار جي واڌ ويجهه جي لاءِ ضروري آهن، جيڪي نه رڳو ٻار کي صحتمند بڻائي ٿو پر اهو ڪم ٻار کي سماج لاءِ هڪ اهل ۽ قابل ڪردار بڻائڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

آءِ ايل او مطابق چائلڊ ليبر اهو ڪم آهي جنهن سان ٻار پنهنجي ننڍپڻ جي خواهشن، باعزت ۽ باوقار زندگيءَ کان محروم ٿي وڃي. ۽ اهو ڪم ٻار جي جسماني، ذهني ۽ اخلاقي اوسر لاءِ نقصان وارو هجي ۽ جنهن سان ٻار جي لازمي تعليم ۾ رنڊڪ پوي.

            آءِ ايل او  مطابق ٻار جي عمر، ڪم جي نوعيت، وقت ۽ حالتون ۽ ملڪن جي ترقياتي سطح تي سامهون رکي ٻار جي چائلڊ ليبر ۽ چائلڊ ورڪ ۾ فرق کي طئه ڪري سگهجي ٿو.

            آئين جو آرٽيڪل 3، آئين جو آرٽيڪل 11، آئين جو آرٽيڪل 25 ۽ آئين جو آرٽيڪل 37 ٻارن جي حقن، چائلڊ ليبر، لازمي تعليم ۽ ليبر حقن بابت آهن.

            آرٽيڪل 3 مطابق ملڪ رياست، استعمال جي سمورن قسمن کي خاتمي ۽ ان بنيادي اهل کي آهي، تڪميل کي يعني بڻائيندي، ته هر ڪنهن کان ان جي اهليت مطابق ڪم ورتو وڃي. ۽ هر ڪنهن کي ان جي ڪم مطابق معاوضو ڏنو ويندو.

            آئين جي آرٽيڪل 11 جي مطابق، 14 سالن کان ننڍي عمر جي ٻار کي ڪنهن ڪارخاني يا کاڻ يا ٻين خطري وارن ڪمن تي نه رکيو/ لڳايو ويندو.

            آئين جي آرٽيڪل 25 مطابق رياست، سمورن پنج سالن جي عمر کان وٺي ڪري سورهن سالن جي عمر جي ٻارن جي لاءِ لازمي ۽ مفت تعليم ڏيڻ جو انتظام ڪندي جنهن جو تعين قانون ڪندو.

            آئين جي آرٽيڪل 37 مطابق رياست، انصاف ڀرين ۽ ان ۾ شرطن تي ان ڳالهه جي ضمانت ڏيندي ته ٻارن ۽ عورتن کان اهڙن پيشن/ ڪمن/ ڌنڌن ۾ ڪم نه ورتو ويندو جيڪي انهن جي عمر يا جنس لاءِ مناسب نه هجن.

            ايميلاٽمينٽ آف چلڊرن ايڪٽ مطابق ٻار مان مراد اهو شخص آهي جنهن جي عمر 14 سالن کان گهٽ هجي ۽ 14 سالن کان وڌيڪ ۽ 18 سالن کان ننڍي عمر جي شخص کي نوبالغ چيو ويندو. پر 18 هين ترميم کانپوءِ گهٽ کان گهٽ عمر 16 سال مقرر ڪئي وئي آهي. تنهن ڪري هاڻي آئين جي 25 شق مطابق رياست لاءِ لازمي آهي ته اها پنج سالن کان سورهن سالن جي عمر جي ٻارڙن لاءِ لازمي ۽ مفت تعليم جو انتظام ڪري. جنهن جو مطلب ته هڪ ٻار کان سورهن سالن جي عمر کان اڳ، هر ڪم جيڪو چائلڊ ليبر جي دائري ۾ اچي ٿو، اهو ڪم نٿو وٺي سگهجي.

سنڌ ۾ وڌندڙ بٺا- مزدورن جي حالت

            اڏيري لعل ضلعي مٽياري جي مقامي صحافي/ رپورٽر جمعا خان ساهو وال مطابق مٽياري، ٽنڊوالهيار، نصرپور، بدين، حيدرآباد جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ بنجر/ ڪلراٺين/ بيڪار پيل زمينون بٺن لاءِ ڪتب آنديون وڃن ٿيون.

            مقامي صحافي مطابق اڏيري لعل جي آسپاس ۾ 100 کان وڌيڪ ننڍا وڏا بٺا آهن، هر بٺي تي اٽڪل هڪ سئو کان ڏيڍ سئو مزدور /پورهيت ڪم ڪن ٿا.

            ڪم ڪندڙن ۾ اڪثريت ڪولهي، ڀيل ۽ ان کانسواءِ افغاني پٺاڻن جي آهي. هن ٻڌايو ته هڪ اندازي مطابق هن علائقي ۾ 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو بٺن تي ڪم ڪن ٿا.

            مقامي صحافي مطابق مقامي وڏيرن/ زميندارن وٽ ڪم ڪندڙ لاڏائو قبيلا يا ٽولين، گروپ، خاندان سميت ڪم ڪندڙ هندو، ڀيل، ڪولهي اڳواٽ قرض وٺي ڪم ڪن ٿا. قرض ادا نه ڪري سگهڻ جي صورت ۾ اهي ڪم ڪندڙ خاندان وري ٻئي زميندار کان قرض وٺي اڳوڻي زميندار کي ڏئي، ٻئي زميندار وٽ ڪم شروع ٿا ڪن.

            ويجهڙائي ۾ مٽياري، ٽنڊي الهيار ۽ ٻين اهڙن علائقن ۾ پٺاڻ، افغاني، بٺن تي ڪم وڌايو آهي. جيڪو مقامي دلالن جي معرفت مزدور/ خاندان سميت ڪم ڪندڙن کي قرض ڏئي پاڻ وٽ آڻن پيا.

            مقامي صحافي مطابق ڪم ڪندڙن کي معاوضو ڏهاڙي جي حساب سان حصي تي ايندو آهي.

            اهو معاوضو سرڪار پاران مقرر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ معاوضي کان به گهٽ آهي، (سنڌ سرڪار گهٽ ۾ گهٽ ماهوار 14 هزار رپيا معاوضو مقرر ڪيو آهي).

            مزدورن لاءِ ڪم جو ڪو وقت مقرر نه آهي، ڪم جو وقت 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ پڻ ٿي سگهي ٿو.

            مقامي صحافي جمعا خان ساهو وال مطابق سرن جي بٺي پچائڻ لاءِ ڪاٺ گهربل هوندو آهي. پر هاڻي ٻيلن مان ڪاٺ ختم ٿيڻ سبب بٺي ٻارڻ جي لاءِ، رٻڙ، پلاسٽڪ ۽ اهڙيون ٻيون اسڪريپ جون شيون استعمال ڪن ٿا، ان سان خطي ۾ آلودگيءَ وڌي رهي آهي. ۽ ان لاءِ سرڪاري سطح تي ڪو به تحرڪ نه ورتو ويو آهي.

قانون لاڳو ڪندڙ ادارا/ پوليس، مقامي زميندار، بٺي هلائيندڙن جي پاڻ ۾ ڳٺ جوڙ سبب قانون صرف ڪڏهن ڪڏهن نموني طور/ رسمي طور حرڪت ۾ ايندو آهي.

            اڏيري لعل جي مقامي صحافين جو چوڻ هو ته خراب زمين/ڪلراٺي زمين مقامي زميندار گهٽ معاوضي تي مقاطعي تي ڏين ٿا.  (استعمال ڪرڻ لاءِ زمين ٺيڪي/ پٽي تي ڏيڻ جو عمل) جنهن حساب سان ڌارين آبادي، افغاني، پٺاڻ ان ڪم جي ذريعي هتي اچي رهي آهي.

ان جا سموري سماجي زندگيءَ تي منفي اثر پئجي رهيا آهن.

           خادم حسين ڀٽو ؛ ڊائريڪٽر  ليبر  کاتو سنڌ.  18 هين ترميم کانپوءِ سنڌ ۾ پورهيتن جي صورتحال بابت ٻڌايو ته، وفاق ۽ صوبن وچ ۾ اڃا ڪيترائي معاملا اٽڪيل/ التوا ۾ پيل آهن.

            هن ٻڌايو ته سرن جي بٺن تي ڪم ڪندڙ مزدورن لاءِ ڪو جدا قانون ته نه آهي، پر اهي بانڊيڊ ليبر جي قانون سميت پورهيتن بابت واضح ڪيل قانون جي دائري ۾ اچن ٿا ، سنڌ سرڪار هن وقت تائين تيرنهن قانون پاس ڪيا آهن  ۽ چوڏينهن قانون لاءَ قانوني ماهرن سان صلاح مشورا جاري آهن. جنهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ  چوڏنهن هزار جيڪا سرڪاري پگهار مقرر ٿيل آهي ان تي عمل درآمد جو پڻ ذڪر هوندو . خادم حسين ڀٽي موجب کاتي پاران سنڌ ڪيترا بٺا آهن ، ڪٿي آهن بابت سروي ناهي ٿيل  ۽ هن سال بٺن تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جي ڪا شڪايت موصول ناهي ٿي . ڊائرڪٽر ليبر  وڌيڪ معلومات ڏيڻ لوائيندو رهيو ۽ هن نغينه جوڻيجو  جوائيٽ ڊائرڪيٽر کي موقف ڏيڻ چيو  پر بار بار رابطو ڪرڻ باوجود ميڊم ليبر کاتي پاران موقف نه ڏنو .

            ڪجهه علائقن ۾ مقامي ماڻهو پڻ بٺي مالڪن کي بٺي تي ڪم ڪرڻ لاءِ مزدور ڏين ٿا، جنهن جو ذمو هو پاڻ کڻندا آهن. محدود آمدني جي ذريعن، شعور جي ڪم، قانون کان اڻ واقفيت زراعت ۾ جديد مشينري جي استعمال، جهڙن سببن ڪري ڪيترائي ڪٽنب ۽ خاندان پيٽ جي ”دوزخ“ ڀرڻ لاءِ اهو ڪم ڪن ٿا.

جيئن ته اڳواٽ آمدني جي رقم ملڻ ۽ رهائش ملڻ سان تحفظ جو هڪ احساس پئدا ٿئي ٿو. تنهنڪري سماج جو هي نظرانداز ٿيل حصو محرومي بجاءِ غلامي واري زندگيءَ جي چونڊ ڪري ٿو. مسلسل ۽ لڳاتار ڪم جي هلندي رهڻ وارو احساس ۽ ڪڏهن نه ڪڏهن مالڪ/ اجير طرفان ڪنهن حادثي واقعي يا مصيبت جي وقت ۾ ”رحمدلي“ طور اڳواٽ رقم جي ملڻ جو خيال به هنن کان اهو ڪم ڪرائي ٿو.

جبري پورهيو  اسان جي سماج ۾ هيٺين صورتن ۾ موجود آهي:

            ڪنهن قرض يا اڳواٽ رقم (جيڪو لاڳاپيل شخص يا ان جي خاندان ورتو/ ورتي هجي) جي عيوض جبري مشقت انجام ڏيڻ.

ڪنهن سماجي يا رواجي ذميداري جي ادائگي لاءِ (جاگيرداري نظام تحت پنهنجي علائقي جي غريب ماڻهن کان ڪم وٺڻ)

ڪنهن معاشي فائدي (جيڪو مزدور يا ان جي خاندان قرض ڏيندڙ کان ورتو هجي) جي عيوض جبري پورهيو  انجام ڏيڻ.

ضامن جي جبري پورهيو  انجام ڏيڻ (جيڪڏهن قرض وٺندڙ وقت تي قرض واپس نه ڪري سگهي ۽ ضامن وٽ به قرض واپس ڪرڻ جي رقم نه هجي)

(ب)مزدورن لاءِ ڪم جو ڪو وقت مقرر نه آهي، ڪم جو وقت 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ پڻ ٿي سگهي ٿو.

منظور کوسو ، قانوندان ،بقول ته پاڪستان ۾ جيڪي به بٺا ٻورا  مزدور آهن ، ڪيترا آهن ،ڪيتري تعداد ۾ آهن  ڪٿي ڪٿي آهن انهن جي سروي ٿيل ئي ناهي ، سرڪار جو هيڏانهن ڌيان ئي ڪونهي ،ماڻهون جنهن وٽ پئسو آهي ۽ ان جي دلچسپي اگر هن ڪاروبار ۾ آهي ته پوءَ هو هي ڪاروبار ڪري ٿو  نه هوءَ هن ڪاروبار جي ٽيڪس ڏئي ٿو نه ڍل ڏئي ٿو  ، وري هن ڪاروبار ۾ جيڪو مزدور آهي سو لاوارث آهي ، جنهن جو ڪو والي وارث ڪونهي ، هن بٺي جي ڪم ۾ فيلمي ( خاندان ) جا سڀ فرد ڪم ڪندا آهن ، انهن ۾ انهن جا ننڍڙا ٻار به شامل هوندا آهن جن جي عمر 14 سال کان به گھٽ هوندي آهي ، جيڪا پاڪستان جي قانون ۽ عالمي قانون جي سرعام خلاف ورزي آهي . پاڪستاني سرڪار  ۽ گڏيل قومن واري ڪوئنسل ۾ اهو معاهدو ٿيل آهي ته ٻارن کان جبري ۾ نه ورتو ويندو  ان جي باوجود به انهن بٺا ۽ ٻوري تي ڪم ڪندڙ مزدور ٻار هوندا آهن ، هتي جيڪي مزدور جو تنظيمون آهن اُهي به انهن جو ڪو خاص خيال ناهين رکندا ، حيرت جي ڳالهه اها ته انهن ڀٺا مزدورن جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪا قانون سازي ناهي ٿيل .

منظور کوسي  جو چوڻ هو ته آءِ ايل او انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جي ڪنوينشنز جي پاڪستان توثيق ڪئي آهي. ان کانپوءِ سرڪار ۽ ان جي واسطيدار کاتن خاص ڪري ليبر ڊپارٽمينٽ جي اها ذميداري بڻجي ٿي ته ان تي عمل ڪرائي ان تي عمل نه ٿيڻ ڪري پورهيتن/ مزدورن کي فائدو نٿو ملي.

             منظور  کوسي  جو چوڻ هو ته  شايد ئي سنڌ ۾ ڪو ڪو اهڙو ادارو، فئڪٽري/ ڪارخانو، هوندو جتي پورهيتن جي حقن بابت قانون جي ڀڃڪڙي نه ٿيندي هجي

مون جيڪا اسٽيڊي ڪئي آهي ان ۾  ڏکڻ ايشا جي ڪنهن نه  ملڪ ۾ انهن بٺا مزدورن تي قانون سازي ناهي ڪئي وئي  . اتي انهن مزدور جي حوالي سان ڪٿي به قانون سازي ناهي ٿيل ، بنگلاديش ۽ هندستان جي بٺا مزدور جي حالت ته اڃان وڌيڪ خراب آهي ، هٿان جي بٺا مزدورن جو شڪايتون تمام گھڻيون . هندستان ۾ يونين ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر  اتي مزدور يونين ٺاهڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيا ، هندستان جي سرڪار قانون سازي ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي پر نه ٿي سگھي .

قانون سازي نه ٿيڻ جو اهم سبب اهو آهي ته شڪايتون نه ٿيون ملن . مزدور ويچارا ايڏا ته مجبور هوندا آهن جو اُهي شڪايت به ناهي ڪري سگھندا . ۽ هن ۾ مذهب ڀيڊ جو سوال به ناهي ، سڳي ڏکڻ ايشا ۾ ساڳي صورت حال آهي .  هاڻ اها رياست جي زميواري آهي ته اها انهن مزدورن جي سار سنڀال لهي ، انهن جي ٻارن جي تعليم ۽ صحت جي حوالي سان سرڪار يا رياست قانون تور تي زميوار آهي . ويلفير کاتو  انهن مزدورن جي پرگهور  لهي ……!

اسد بٽ ، ايڇ آر سي پي  . وائس چيرمين سنڌ

بقول اسد بٽ جي ته بٽا مزدور غلامي جي هڪ شڪل آهي جنهن ۾ ماڻهن کي جديد انداز ۾ خريد ڪيو ويندو آهي ، اهي پنهنجي جي خاندان سميت غلام رکيو ويندو آهي ، انهن جا ٻار ، ڌيئرن انهن کي تمام خسيس رقم تي ونگار ورتي ويندي آهي ، اڪثر  هن ڪم ۾ اقليتون شامل هونديون آهن ، پنجاب ۾ ڪرسچن هوندا آهن ،  انهن مزدورن کي تمام ٿوري رقم ايداونس ۾ ڏئي انهن مزدورن کي ڀاندي بڻايو ويندو آهي ، جيڪا رقم  انهن کي ايڊانس ۾ ڏني ويندي آهي ان تي وري وياج لڳايو ويندو  آهي ، جنهن  جي ڪري اهي سڄي عمر انهي  غلامي غرق ٿيل هوندا آهن . هي اگر هڪ ڀٺي کي ڇڏي ٻي ڀٺي تي ويندا آهن ته اُهي انهن کي قبولڻ لاءَ تيار ئي ناهي هوندا جيسين تائين پهرين مالڪ جي اجازت ناهي هوندي. اهي غربت جي لڪير کان به گھٽ واوري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن ، انهن جي ڏهاري تي ڪم ڪرڻ تي مجبور هوندا آهن ، اُهي 50 گرمي پڌ تي به ڪم ڪرن تي مجبور هوندا آهن ، انهن جا ٻار به انهي ڪم ۾ پنهنجي والدين سان گڏ هوندا آهن ، جيڪي عالمي قانون جي خلاف ورزي آهي ، انهن ٻار جي تعليم سان گڏ انهن جي صحت به متاثر ٿيندي آهي  خوراڪ جي ڪم جي ڪري انهن ٻارن  کي جسماني نشونماءَ به صحيح ناهي ٿيندي، انهن ٻارن کي ننڍي عمر ۾ انهي بار جي ڪري انهي مختلف بيمارين جو شڪار پڻ ٿي ويندا آهن ، جيڪو غير انساني ڪم آهي . ٻيو وري انهن جي عورتن سان جسماني حراسان ڪيو ويندو آهي ، اسان وٽ ڪجهه اهڙيون به شڪايتون آيون جن ٻڌايون ويو ته عورتن سان انهن جي مردن سامهون لڄالٽ ڪئي وئي ۽ ڪنهن هنڌ تي وري اُهي به شڪايتون به مليون ته انهن مزدورن کي زنجيرن سان ٻڌيو ويو .

سنڌ ۾ ڇو جو اُهي مزدور گھٽ آهن سو ان  ڪري هتي انهن تي ڪم به گھٽ پيو ٿئي ، پنجاب ۾ اهو ڪاروبار تمام گھڻو آهي ،  انساني حقوق جي ڪميشن انهن مزدورن سان رابطي ۾ آهي ، اسان جون ٽيمون به انهن مزدورن سان وقت به وقت ملنديون رهن ٿيون . مزدور يونين به جڙيون آهن  پر  بٺا مالڪن به پنهنجون يونين ٺاهيون آهن .  ايڇ آر سي پي چو جو ليبر تي ڪم ته ناهي ڪندي پر انهن جا جيڪي انساني حق آهن ان  تي ڪم ڪيون پيا ، اسان وٽ ڪافي ڪيس ايندا آهن ، خاص ڪري جيڪي علائقا سنڌ جي ڀر وارا آهن ، جن ۾ رحيم يار خان ، بهاولپور  ۽ ٻيا علائقا به پوءَ اسان جون جيڪي سکر ۽ ملتان جون ٽيم انهن سان رابطي م هونديون آهن ، اسان  خان پور ڪٽورا ۾ گذريل سال 24 فردن جي هڪ خاندان کي آزاد ڪرايو   انهي طرح هڪ ڪرسچن فيلمي کي جن کي فقط هڪ هزار رپئي تي ڪم ورتو ويندو هو ، ان کي هائي ڪورٽ ۾ ڪيس ڪري آزاد ڪرايو ويو . سنڌ بٺا مزدورن جي حوالي سان ڪا خاص شڪايت موصول ناهي ٿي ،

ڪامريڊ جنت ، پي ٽي يو ڊي سي .

بنيادي طور تي  بٺي جي مزدوري بائونڊيد  ليبر ۾ اچي ٿي ، پاڪستان ۾ انهي شعبي  کي مڪمل نظر انداز ڪيو  ويو آهي ، پاڪستان ۾ مزدور سان جيڪو رياست جو رويو رهيو آهي اهو شروع کان ئي بهتر ناهي رهيو ، انهي ڪم ۾ اڪثريت غير مسلمانن جي هوندي آهي سو انهن کي هر طرح سان حراسان ڪيو ويندو آهي ، ڇو جو انهن جي ڪا يونين ناهي تنهنڪر ي به انهن جون مشڪلاتن ۾ گھٽتائي ناهي آئي ، پاڪستان جي ڪنهن سياسي پارٽي هن اشو کي ناهي کنيو ها باقي اين جي اوز وارن هن تي ڪم ڪيو آهي ، اسان جي تنظيم پنجاب ۾ خاص ڪري فيصل آباد ۾ انهن بٺا مزدورن سان رابطي آهي  ۽ اسان ڪن هنڌن تي انهن جي يونين به ٺاهي آهي ۽ اُهي مزدور اسان جي تنظيم جا ممبر به آهن. پاڪستان ۾ گارمينٽس انڊسٽري ۽ ٻين انڊسٽرين ۾ جيڪي مزدور ڪم ڪن ٿا انهن جي حالت بهتر ناهي ته پوءَ توهان ان ڳالهه جو اندازو ڪريو ته انهن بٺا مزدور جي حالت ڪهڙي هوندي .

بهتري ڪيئن ممڪن آهي؟

            سر ن جا بٺا هڪ اهڙي حقيقت آهي جنهن ۾ هزارين لکين ماڻهو، مرد، عورتون ۽ ٻارڙا پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو قرض لاهڻ جي ڪوشش ۾ گذاري ٿا ڇڏين.

            جيڪڏهن غلامي/ جبري مشقت جي هن صورت کي ختم ڪرڻو آهي ته ان لاءِ صوبائي حڪومت کي عملي طور تي سنجيدگيءَ اختيار ڪرڻي پوندي.عورتن ۽ ٻارڙن کي جي بي گهر ٿيڻ جو خطرو انتهائي خطرناڪ هوندو آهي، تنهن ڪري رهائش جي نه هئڻ يا عدم موجودگيءَ ۽ گهٽ آمدني ۽ گهڻي قرض جي دٻاءَ هيٺ زندگي گهڻي ڏکي ٿي پوندي آهي.حڪومتي سطح تي گهٽ قيمت جي گهرن تي ٻڌل ڪالونيون جوڙائي سگهجن ٿيون.

            جيڪڏهن پورهئي وارو کاتو سمورن سرن جي بٺن کي فئڪٽريز طور رجسٽرڊ ڪري ته پڻ بٺي جي ڪم ۾ ٻيون ڪيتريون ئي پيچيدگيون موجود آهن. پورهئي واري کاتي وٽ فئڪٽري طور مالڪ ئي ڪم ڪندڙ ملازمن جو تعداد نوٽ ڪرائيندو، تنهن ڪري مالڪ طرفان ظاهر ڪيل انگ اکر تي ئي سرڪاري کاتو ڀاڙي ٿو. اهو عمل سرڪاري پورهئي واري کاتي/ مالڪن لاءِ مناسب رهي ٿو، ڇاڪاڻ جو مزدورن جي گهٽ تعداد ظاهر ڪرڻ سان صنعتي قانون جو نفاذ ۽ ٻين معاملن کان ڇوٽڪارو ملي وڃي ٿو.

            ان لاءِ صحت ۽ تعليم لاءِ سوشل سڪيورٽي، وڏي ڄمار واري رعايت، وقت کان اڳ فوتگيءَ، زخم لاءِ پورهيتن لاءِ معاوضو، ۽ اهڙي قسم جون ٻيون سهولتون تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهنديون جڏهن سماجي، سياسي ۽ راءِ عامه تحت حڪومت تي دٻاءُ پوندو، گڏوگڏ اهڙي دٻاءَ سان ئي سرڪار کي سندن آئيني ذميداريون ياد ڏياري سگهجن ٿيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سرڪاري لاپرواهي جو شڪار مُهين جو دڙو:زرار پيرزادو

مُهين جي دڙي جو هيءُ ماڳ نه رڳو سنڌ، نه رڳو پاڪستان پر دنيا جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے