25 بدھ , اپریل 2018

لباس موجب رنگ تبديل ڪرڻ وارو سمارٽ ڪنگڻ ايجاد

elemoonنيويارڪ (ويب ڊيسڪ): فيشن جي دنيا جي ماهرن اهڙو سائنسي بريسليٽ ايجاد ڪري ورتو آهي، جيڪو پائيندڙ جي لباس سان ملندڙ رنگ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ايليمون نالي هي بريسليٽ اوهان جي موبائل فون سان گڏجي ڪري اوهان کي اهم فون ڪالز ۽ پيغامن کان به باخبر رکندو آهي، ماهرن هن ايجاد کي فيشن ۽ سائنس جو ميلاپ قرار ڏنو آهي، هي بريسليٽ يا ڪنگڻ سمارٽ فون ۾ وجهي ويندڙ ايپ ايليمون ذريعي ڪم ڪندو، اوهان ڪنهن به ڊزائن جي تصوير ڪڍي ان ايپ ۾ وجهي ڇڏيو،

elemoon-2

اوهان جو ڪنگڻ ان ڊزائن کي اختيار ڪري وٺندو، اهو ئي نه اوهان کي رستن جي ٽريڪنگ ۽ موبائل فون تي ايندڙ پيغامن ۽ ڪالز جو نوٽيفڪيشن به فراهم ڪري سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اوپو جي نئين فليگ فون شپ پاڪستان ۾ متعارف

لاهور (ويب ڊيسڪ) چيني ڪمپني اوپو پنهنجي نئين فليگ شپ فون ايف 7 پاڪستان ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے