20 منگل , فروری 2018

قوم کي قرضي ڪري ايوانن ۾ ويٺل ماڻهو معاشي دهشتگرد آهن: سراج الحق

Siraj Al Haqلاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته قوم کي قرضي ڪري ايوانن ۾ ويٺل ماڻهو معاشي دهشتگرد آهن ۽ انهن معاشي دهشتگردن خلاف به آپريشن ٿيڻ گهرجي. لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته قوم هي ڀيري اهو ئي سمجهندي آهي ته چونڊن کان پوءِ زندگي ۾ انقلاب ايندو پر ائين ڪڏهن ناهي ٿيو. عوام لوڊشيڊنگ، بدامني، بي روزگاري ۽ ڪرپشن مان تنگ اچي چڪي آهي ۽ هان قوم جو صبر ٽٽي رهيو آهي. هن چيو ته ڪرپٽ اشرافيا قوم کي ترقي کان محروم ڪيو آهي. قائد اعظم محمد علي جناح ڀرسان نوجوان بيهندا هئا ۽ انهن جي حمايت جي ڪري ئي قائد اعظم هندوئن ۽ انگريزن جو مقابلو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته موجوده سياست ظالم جاڳيرداري ۽ وڏيري جي لاءِ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سينيٽ جي چونڊ: سنڌ جي 12 سيٽن تي 33 اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صوبائي اليڪشن ڪميشن هٿ کڻندڙ اميدوارن جي لسٽ جاري ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے