20 ہفتہ , جنوری 2018

انٽرنيشنل اڏام ۾ مُڪن جو وسڪارو، مسافر پريشان

جاپان جي راڄڌاني ٽوڪيو کان لاس اينجلس ويندڙ اڏام ۾ عجيب صورتحال ان وقت پيدا ٿي وئي جڏهن هڪ شخص کي گوڙ کان روڪڻ لاءِ جهاز ۾ ويٺل هڪ ٻئي شخص روڪيو ته اهو شخص ڏمرجي پيو ۽ مٿس مُڪن جو وسڪارو لائي ڏنو، جنهن سبب جهاز ۾ موجود سمورا مسافر پريشان ۽ ذهني اذيت جو شڪار رهيا، جڏهن ته ٻار به دانهون ڪندا رهيا. ايئر هوسٽس ۽ جهاز ۾ سوار ٻين مسافرن طرفان روڪڻ باوجود اهو شخص نه مُڙيو ۽ واپس اچي ٻيهر ساڳي همراهه تي حملو ڪيو. پوءِ ان شخص کي ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن گرفتار ڪري ورتو. اهڙي اڻ وڻندڙ صورتحال سبب اها انٽرنيشنل اڏام 50 منٽ دير جو شڪار پڻ ٿي.

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے