26 جمعو , مئي 2017

عمران خان جي آڱر هن حڪومت کي نٿي هلائي سگهي:مولا بخش چانڊيو

Chandioحيدرآباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته عمران خان جي آڱر هن حڪومت کي نٿي هلائي سگهي، سڄو ملڪ بلاول جي قيادت جي انتظار ۾ آهي، ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد کي سياسي بنيادن تي مقرر ڪيو ويو آهي، ايڊمنسٽريٽر مان ماڻهو خوش ناهن، ان کي هٽايو وڃي. حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولا بخش چانڊئي چيو ته اڄ ڪلهه ڊان ليڪس ۽ پاناما جا چوٻول آهن. تبديليون عوام ذريعي اينديون آهن، حڪومت جون سموريون پريشانيون هڪ ٻئي سان جڙيل آهن. هڪڙي بحران کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ٻيو بحران پيدا ڪري رهيا آهن، اصل ماڻهن کي بچائڻ جي لاءِ معصومن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته ميان صاهب اصل ڪردارن کي سامهون آڻي، طارق فاطمي ۽ پرويز رشيد چيو ته هنن جو ان معاملي ۾ ڪو به ڏوهه ناهي.  هن وڌيڪ چيو ته آصف زرداري چيو ته جنهن کي وڃڻو هوندو اهو ويندو،ناڪامين جا جهٽڪا سياسي عقل ڏين جڏهن ته ڪو وڏو سياسي اتحاد ئي هن حڪومت کي هلائي سگهي ٿو ۽ وڏا وڏا اتحاد بڻيا ۽ سڀ فارغ ٿي ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shaikh Rasheed

بجيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار به 25 هزار رپيا هئڻ گهرجي: شيخ رشيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته بجيٽ ۾ گهٽ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي