25 آچر , جون 2017

احتجاج جي لاءِ 16 ڏينهن تائين فٽ پاٿ تي رهياسين: مصطفيٰ ڪمال

Mustafa Kamalحيدرآباد(ويب ڊيسڪ) پاڪ سر زمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته  احتجاج جي لاءِ 16 ڏينهن تائين فٽ پاٿ تي رهياسين، 18 ڏينهن ۽ راتيون فٽ پاٿ تي ستاسين. حيدر آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پنهنجي لاءِ نه پر عوام جي حقن جي لاءِ روڊن تي ستاسين، احتجاج جو ٻيو مرحلو مئي جي ٻئين هفتي ۾ ڪراچي ۾ شروع ڪنداسين. هن چيو ته اسان حڪومت جي مطالبي جي لاءِ 16 نقطا تيار ڪيا، اسان جا 8 مطالبا ڪراچي ۽ حيدر آباد جي ميئرن کي اختيارن ڏيڻ جي لاءِ آهن.  ڪراچي جي شهرين کي پاڻي ٽرانسپورٽ ڏيارڻ جي لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٻن سالن کان چئي رهيو آهيان ته ملڪ ۾ داعش موجود آهي: رحمان ملڪ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته ٻن سالن کان …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي