26 جمعو , مئي 2017

ڪالا باغ ڊيم تي سياست ڇڏيو، نالي تي اعتراض آهي ته پاڪستان جو نالو ڏيو: پرويز الاهي

pervez elahiلاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ق جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته ڀاشا ۽ داسو ڊيم بڻجڻ ۾ 18 سال لڳندا جڏهن ته ڪالا باغ رڳو 6 سالن جي عرصي ۾ مڪمل ٿي اڍائي رپين ۾ في يونٽ بجلي ڏئي سگهي ٿو ۽ ان سان ملڪ ۾ ٻوڏ جي صورتحال کان بچڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته خدا جي لاءِ ڪالا باغ ڊيم تي سياست ڇڏيو ۽ سڀ گڏجي ان جي لاءِ ڪم ڪيو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بيشڪ جيڪڏهن ڪنهن کي ان جي نالي تي اعتراض آهي ته هو ان جو نالو پاڪستان ڊيم به رکي سگهي ٿو. ڪالاباغ ڊيم خلاف پروپيگنڊي تي حران آهيان. هن وڌيڪ چيو ته گذريل سالن ۾ ڪيترائي ڀيرا ٻوڏ آئي ۽ 30 بلين ڊالر جو نقصان ٿيو جڏهن ته ڪالا باغ ڊيم جي لاڳت رڳو 9 بلين ڊالر آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shaikh Rasheed

بجيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار به 25 هزار رپيا هئڻ گهرجي: شيخ رشيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته بجيٽ ۾ گهٽ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي