26 اربع , سيپٽمبر 2018

جمال ابڙو: جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو بانيڪار

محمد سليمان وساڻ

                         اڄوڪو ڏينهن 30 جون سنڌي ادب جي ڏاهي ڏات ڌڻي ۽ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي بانيڪار محترم جمال ابڙو جي سالگرهه جو ڏهاڙو آهي. جمال ابڙو سنڌ جي انهن ڪهاڻيڪارن مان آهي جن ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ڪهاڻي کي نوان لاڙا ڏئي ان ۾ فني ۽ فڪري خاصيتون به شامل ڪيون.

جمال ابڙو 2 مئي 1924 تي ميهڙ جي ڳوٺ سانگين ۾ نامياري اديب ۽ تعليمدان علي خان ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ۽ پنهنجي پيءُ جي سرڪاري نوڪري ۽ تبادلن سبب لاڙڪاڻي، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص مان ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. اين اي ڊي يونيورسٽيءَ مان انجنيئرنگ جي داخلا ڇڏي هن قانون جي ڊگري يعني LLB جي ڊگري حاصل ڪئي. ان کانسواءِ جمال ابڙي پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات لاڙڪاڻي مان وڪالت سان ڪئي، جنهن بعد 1949 ۾ شهدادڪوٽ ۾ پبلڪ پراسيڪيوٽر طور مقرر ٿيو. 1952 ۾ کپري (سانگهڙ) ۾ سب جج ۽ ساڳئي حيثيت ۾ سکر، لاڙڪاڻو، خيرپورميرس، سجاول، ٽنڊو الهيار ۽ حيدرآباد ۾ نوڪري ڪندو رهيو. بعد ۾ کيس سيشن جج جي عهدي تي ترقي ملي. 1972 کان 1978 تائين سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري، 1978 کان 1980 تائين ليبر ڪورٽ جو جج، 1981 کان 1982 تائين فيڊرل سروس ٽربيونل اسلام آباد جو ميمبر، 1984 کان 1985 تائي سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري ۽ 1985 کان 1986 تائين اينٽي ڪرپشن جو چيئرمئن رهيو. اهڙيءَ ريت 10 اپريل 1986 تي ملازمت تان رٽائرمينٽ ورتائين.

سنڌي ادب ۾ سندس پهرين ڪهاڻي ”هو حُر هو“. هن 1945 ع ۾ اها ڪهاڻي لکي. سندس لکڻ جو انداز بلڪل عوامي ۽ ٻولي به نج سنڌي ۽ عوامي هوندي هئي. سندس ڪهاڻين جا ڪردار ۽ مڪالما سچ ته ماڻهن کي انهن ڪردارن ۾ گم ڪري ڇڏين ٿا. سچ لکڻ سندس اصولن م شامل هو ڪڏهن به ان اصول تي سوديبازي ڪانه ڪيائون.

جمال ابڙو، ترقي پسند سنڌي ڪهاڻيءَ جو باني آهي، هن ترقي پسند تحريڪ جي عروج واري زماني کان ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، هن ترقي پسند تحريڪ جي چڱن ۽ مثبت اثرن کي ضرور قبول ڪيو، پر هن ڪڏهن به ترقي پسند تحريڪ جي گهرجن کي مصنوعي انداز ۾ آڏو رکي ڪهاڻيون نه لکيون.

جمال ابڙي صرف 17 ڪهاڻيون لکيون جيڪي سنڌي ادب جون شاهڪار ۽ لازوال ڪهاڻيون آهن. هن پنهنجي ڪهاڻي ۾ وڏيري ، پير، ۽ معاشري جي ويري ڪردارن جي پت وائکي ڪئي آهي. جمال ابڙي جي ڪهاڻين مان ”پِشو پاشا“،”پيراڻي“، ”مان مرد“، ”بدتميز“، ”شاھ جو ڦر“، ”بدمعاش“، ”منھن ڪارو“، ”ڪارو پاڻي“، ”مھرباني“، ”خميسي جو ڪوٽ“، ”لاري“، ”سينڌ“، ”فرشتو“، ”ماءُ جي جھولي“، ”لاٽ“ ۽ ٻيون اهم آھن. سندس ڪھاڻين ۾ سماجي مسئلن جي اپٽار آهي. ھن ڪيترائي شاھڪار مضمون پڻ لکيا، جن ۾ ”شاھ محض صوفي نه ھو“، ”پاڪستان ٺھراءُ، اصل حقيقتون“، ”عورت جي اسلام ۾ عزت ۽ آزادي“ ۽ ٻيا اهم آھن. ان کان سواءِ ھن سراج جي ناول ”پڙاڏو سو ئي سڏ“ جو مھاڳ لکيو ۽ فهميده حسين جي ڪهاڻين جي مجموعي ”هڪ حوا ڪئين ڪهاڻيون“ جو پڻ مهاڳ لکيو.

پشوپاشا (افسانن جو مجموعو) چار ڇاپا ( پهريون ڇاپو 1959ع)

جمال ابڙو (ڪهاڻيون، مضمون، شخصيت 1992ع )

آتم ڪهاڻي (چئن ڀاڱن ۾)

1-” ڏسي ڏوھ اکين سين“

2- ”اونهي ڳالهه اسرار جي“،

3- ”ٿوهر ۾ ڳاڙها گل“،

4- ”ايندو نه وري هي وڻجارو“ ۽

5- ”مَر پيا مينهن وسن“ شايع ٿيل آھن.

کيس ڪيترائي ادبي اوارڊ مليا ۽ سندس ادبي پورهئي عيوض 1994 ع ۾ کيس صدارتي اوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي سان نوازيو ويو.

30 جون 2004 تي هن فاني دنيا مان ڪوچ ڪيائون پر سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ڪيل سندس خدمتون وسارڻ جهڙيون ناهن. هو اڄ به ياد آهي ۽ هميشه سندس لکڻيون اسانکي سندس ياد ڏيارينديون رهنديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران جي حڪومت، سنڌ جا سُڪل ڦٽ تازا ڪري ڇڏيا

سارنگ پيرزادو جيڪڏهن ڪنهن شخص کي گهڻا ڌڪ لڳن ۽ اهي ڦٽ ٿي وڃن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے