22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

عوامي آواز : دنيا تي مالياتي ادارن جي حڪومت مڙهي وئي: سليم اختر | پروگرام : انٽرويو

آف شور ڪمپنيون سرمائيداراڻي نظام جي بدبودار گدلاڻ آهن

ڪميونزم عقيدو ناهي: ع آ ٽي وي پروگرام” انٽرويو“ ۾ اظهار

ڪراچي (رپورٽر) ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ورلڊ بئنڪ، آءِ ايم ايف ۽ يورپي يونين جهڙن ادارن ذريعي دنيا مٿان عالمي مالياتي حڪمراني مڙهي وئي آهي. آف شور ڪمپنيون سرمائيداراڻي نظام جي بدبودار گدلاڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار عوامي آواز جي پروگرام ”انٽرويو“ ۾ ڪميونسٽ اڳواڻ ۽ سينئر سياستدان سليم اختر ميزبان اسد ممتاز رڏ سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته نجڪاري، کاٻي ڌر ۽ ساڄي ڌر جهڙا اصطلاح عالمي مالياتي حڪمرانن طرفان گهڙبل آهن، ڄاڻ جا ذريعا پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا عالمي مالياتي حڪمرانن جي سياسي پارٽين جا ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، انهن ذريعي غورو فڪر خيالن جو وڌڻ ويجهڻ هر سوچ تي پابندي مڙهي وئي آهي. هن ٻي عالمي جنگ کانپوءِ دنيا جي وڏي صنعتن ڪارخانن تي وچين طبقن جي بئنڪن ۾ رکيل پئسن ذريعي فائنانس ڪيو ويو. 1917ع واري انقلاب استحصالي سماج طرف سفر ڪيو، مارڪسز ۽ لينزم کي عقيدو سمجهڻ غلط آهي. موجوده قيادت ڪميونسٽ پارٽي کي اين جي او ٺاهي ڇڏيو آهي. سنڌ جي ڌرتي تي روسي انقلاب کان سوين سال اڳ مزدورن هارين جي حقن لاءِ شاهه عنايت شهيد تحريڪ هلائي هئي هُو ان وقت جي استحصالي نظام خلاف هو، سنڌ جي حڪمراني سنڌ جي سپوتن وٽ نه پر ٻاهران لڏي آيلن وٽ آهي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي مذهب کان هٽي ڪري هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. هن چيو ته ڪيتريون ئي فيمليون خاندان جيئن آدم جي سهگل گروپ دائود گروپ نواز شريف وارا شخصي ضمانت تحت دنيا جي ڪهڙي به ملڪ ۾ ڪروڙين رپيا وٺي سگهن ٿا، اهو سبب آهي 1995ع ۾ نواز شريف کي ڦاسي نه ڏني وئي پر ذوالفقار ڀٽو سرمائيدار نه هو. انهيءَ ڪري ڦاسي چاڙهيو ويو. سموري دنيا جي سياست تي عالمي مالياتي حڪمران بئنڪن ذريعي حڪومت ڪن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

News: Garhi Khario: Flooding in the Ninth Pool, Ninger's Body Arrival at Home

ڳڙهي خيرو: پير ترڪڻ سبب نينگر تلاءَ ۾ ٻڏي فوت ، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام

ڳڙهي خيرو ويجهو راند کيڏندي پير ترڪڻ سبب نينگر تلاءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے