23 اربع , آگسٽ 2017

عوامي آواز : پورهيتن جا حق غصب ٿيل آهن : ڪرامت علي | پروگرام : سنڌ منظر

پورهيتن جا حق غصب ٿيل آهن : ڪرامت علي

روس ۾انقلاب کانپوءِ مزدور طاقتور ٿيو

ملڪ ۾مزدور جي پگهار 14 هزار ۽ ڪم جو عرصو وڌيڪ آهي: سنڌ منظر پروگرام ۾ اظهار

ڪراچي (رپورٽر) مزدورن جي عالمي ڏينهن بابت عوامي آواز جي پروگرام سنڌ منظر ۾مزدور  يونين جي اڳواڻ ڪرامت علي چيو ته ارڙهين صديءَ  دوران مزدورن جي حالت تمام خراب هئي مزدور کان ارڙهن  ڪلاڪ ڪم ورتو ويندو هو، انهيءَ دور ۾ مزدور جي سراسري عمر 26 سال هئي ڪارخانن ۾ چمني  جي صفائي ٻارن کان ڪرائي ويندي هئي، انهن کي ٻوري ٻڌي ۾ چمني ۾ لاٿو ويندو هو، جنهن ۾ ڪيترا ٻار سڙي مري ويندا هئا، مزدور جي اجرت نه هئڻ برابر  هوندي هئي، جنهن کي  ڪارل مارڪس اجرت واري غلامي جو  نالو ڏنو هو.هن چيو ته  پهرين مئي 1886ع ۾ ۽ ان کانپوءِ  هڪ ڀرپور تحريڪ شروع ٿي جنهن ۾ مزدوري جو وقت اٺ ڪلاڪ، مناسب اجرت تحفظ عزت ۽ مختلف حقن جي گهر ڪئي وئي بين الاقوامي مزدور آرگنائيزيشن جي دٻاءُ  تحت ۽ روس ۾ انقلاب کان مزدور  طاقتور ٿيو ۽ پوري يورپ ۽  آمريڪا ۾ مزدورن کي حق ملڻ شروع  ٿيو ، تعليم رهائش جا حق  ٻي جنگ عظيم کانپوءِ  مليا پهريون مزدور جي حالت جيل جي قيدي واري هئي ورلڊ فيڊريشن آف ٽريڊ يونين 1945ع ۾ ٺهي پر  سرد جنگ کانپوءِ  قومي آزادي واري تحريڪ ۽ سوشلسٽ تحريڪن کي ڪاميابي ملي جنهن  کانپوءِ  سرمائي دار دنيا پريشان ٿي وئي سرد جنگ واري زماني ۾ اينٽي ڪميونسٽ اتحاد ليسٽو ۽ سينٽو وغيره ٺهيا، ڪيترن آرگنائيزيشن تي پابندي مڙهي وئي پاڪستان واحد ملڪ آهي جتي غلامي واري دور ۾ مزدرون  جا حق وڌيڪ  هئا ۽ آزادي کانپوءِ گهٽجي  ويا قائد اعظم آل انڊيا  پوسٽل سروس يونين جو صدر هو،  1925ع ۾ صدر ٿيو ۽ قانون ويڙهه وڙهي هئي تنظيم سازي  لاءِ جنهن کانپوءِ  تمام سرڪار ملازمن لاءِ  تنظيم سازي لاءِ جنهن  کانپوءِ  تمام سرڪار  ملازمن  لاءِ تنظيم سازي ۽ يونين جو حق مليو اڄ  پاڪستان ۾ مزدور جي پگهار چوڏهن هزار رپيا آهي ڪم جو عرصو به وڌيڪ   آهي ۽ مزدور يونين  نه هجڻ بابر آهي، مزدرون جا حق غصب ٿيل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز نيوز|چانڊڪا جو ايم ايس ڊاڪٽر عنايت ڪانڌڙو بدلي، ڊاڪٽر محبوب شاهه کي نئون ايم ايس مقرر

چانڊڪا جي ايم ايس ڊاڪٽر عنايت ڪانڌڙي کي بدلي ڪيو ويو آهي سندس جاءِ تي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي