22 پیر , جنوری 2018

فڪسنگ اسڪينڊل: خالد لطيف ٽربيونل اڳيان پيش نه ٿيو، ٦ مهينن تائين پابندي جا امڪان

01لاهور(اسپورٽس نيوز) ميچ فڪسنگ اسڪينڊل ۾ مبينا طور ملوث ٿيل رانديگر خالد لطيف پي سي بي ٽربيونل اڳيان پيش نه ٿي سگهيو، جنهن ڪري سندس مٿان ٦ مهينن تائين پابندي لڳائڻ جا امڪان وڌي ويا آهن، رانديگر پي سي بي سان تعاون نه ڪيو ته وڌيڪ ڪارروائي ڪرڻ جا پڻ امڪان آهن، پي سي بي جو قانوني ڊپارٽمينٽ خالد لطيف جي اهڙي رويي جو جائزو وٺي رهيو آهي، ياد رهي ته پي ايس ايل جي دوران مبينا طور تي ميچ فڪسنگ اسڪينڊل ۾ ملوث رانديگرن ۾ خالد لطيف، شرجيل خان، ناصر جمشيد ۽ شاهه زيب حسن شامل هئا، جن کي پي سي بي معطل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته محمد عرفان تي ڏوهه ثابت ٿيڻ کان پوءِ ٦ مهينن تائين پابندي لڳائي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

انجري جو شڪار شعيب ملڪ جو وطن واپسي جو امڪان

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) انجري جو شڪار آل رائونڊر شعيب ملڪ کي نيوزي لينڊ مان وطن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے