28 اربع , جون 2017

سنڌ ۾ 1967ع کان ٽي وي جو دور شروع ٿيو: ظهير خان

ڪراچي (رپورٽر) پي ٽي وي جي اڳوڻي جنرل مئنيجر ظهير خان عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام سنڌ منظر ۾ ميزبان مقتدا منصور سان ڳالهائيندي چيو  ته ڍاڪا ۽ لاهور ۾ 1964ع ۾ ٽيلي ويزن جو افتتاح تعليمي پروگرامن کان ڪيو ويو هو، جڏهن ايوب خان جي زماني ۾ الطاف گوهر سيڪريٽري اطلاعات بڻيو ته هن ايوب کي ٽي وي جي افاديت متعلق ٻڌائيندي ٽي وي تي وڌائڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ 1967ع ۾ ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ ٽيلي ويزن به کليا. هن چيو ته ممتاز مرزا مرحوم جي اچڻ کانپوءِ سنڌي ڊرامن ۾ هڪ نواڻ آئي. ڪجهه سنڌي ڊراما ته ايترا اعليٰ معيار جا هئا، جو انهن کي اردو ۾ به هلايو ويو. جنگل ۽ ديوارين انهن ۾ شامل آهن. پي ٽي وي تان تمام وڏا سنڌي ڊراما نشر ٿيا. جنهن ۾ ڪيترائي بهترين سنڌي اداڪار اڳتي آيا. هن چيو ته هن هميشه علائقائي ڊرامن کي قومي ڊرامن جيتري اهميت ڏني. افشان ڊرامو هڪ ناول تان ورتل هو، جنهن ۾ هڪ گڏيل ڪٽنب جي ڪهاڻي ڏيکاري وئي. فاطمه ثريا بجيا انهي ۾ نوان رنگ ڀريا. هن چيو ته ٽيلي ويزن ڪلاسيڪي ۽نيم ڪلاسيڪي ۽ پوپ موسيقي کي هٿي ڏني. پٽيالا گهراڻو ۽ استادن ۽ خانن واري گهراڻي تي پي ٽي وي تمام اڳتي وڌايو. منصور بلوچ جي ٽي وي ڊرامن ۾ ايتري ته مقبوليت ماڻي جو هن کي سنڌ جو دليپ ڪمار سڏيو ويو.. منهنجي نظر ۾ شيڪسپيئر کان وڌيڪ رابندر ناٿ ٽئگور آهي، جنهن نج عوامي مسئلن تي لکيو. شيڪسپيئر رومن ٿيٽر کان متاثر ٿي ڊراما لکيا. سبحاني بايونس مرزا غالب جي ڪردار کي امر ڪري ڇڏيو. هن جي اداڪاري نصير الدين شاهه واري ڪيل غالب جي ڪردار کان تمام گهڻي بهتر آهي. لهري اسڪرپٽ پڙهي پنهنجا ڊائلاگ پاڻ ٺاهيندو هو ۽ اهي فلمن ۾ تمام گهڻا مقبول ٿيا. ڊرامو معاشري جي آگاهي ۽ سڌاري لاءِ آهي. خراب ڪرڻ لاءِ نه اسان جي دور ۾ زبان ۽ بيان تي وڏو ڌيان ڏنو ويندو هو. هاڻي هر پروگرام ۾ زبان بيان جون غلطيون ڪيون وڃن ٿيون. هاڻي ٽي وي صرف شاپنگ مال وانگر چمڪ ڌمڪ آهي. معيار نالي جي ڪا شئي ڪونهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز: نيوز بليٽن ڇهون

*ايئرچيف مارشل سهيل امان پاران احمدپور شرقيه سانحي جي زخمين جي عيادت *وزيراعظم جا پٽ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي