25 آچر , جون 2017

چپ ڪرائڻ جي لاءِ 10 ارب رپين جي آڇ ڪئي وئي: عمران خان

Imran Khanپشاور(ويب ڊيسڪ) پاناما ليڪس جي فيصلي کان پوءِ عمران خان نئون الزام لڳايو آهي، هن چيو آهي ته انهن کي چپ ڪرائڻ جي لاءِ 10 ارب رپين جي پيش ڪش ڪئي وئي. جيڪڏهن هنن کي ايترا پيسا آفر ڪيا ويا ته باقي ادارن کي ڪيترا پيسا آفر ڪيا ويا هوندا. وزير اعليٰ هائوس پشاور ۾ صوبائي اسيمبلي جي ميمبر ۽ مختلف رينجنز جي پارٽي صدرن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته نواز شريف جو جو ايترو وڏو مافيا آهي جو اليڪشن ڪميشن سميت ٻيا ادارا ان جي هٿن ۾ آهن. سپريم ڪورٽ ۾ سڀ شيون سامهون آيون آهن. عمران خان چيو آهي ته مون کي ڇپ ڪرائڻ جي لاءِ 10 ارب رپين جي آفر ڪئي وئي. هن چيو ته جيڪڏهن مون کي ايترا پيسا آفرڪيا آهن ته باقي اران کي اهي ڪيترا پيسا آفر ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته جمعي تي اسلام آباد ۾ ڀرپور شو ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٻن سالن کان چئي رهيو آهيان ته ملڪ ۾ داعش موجود آهي: رحمان ملڪ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته ٻن سالن کان …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي