23 اربع , آگسٽ 2017

ڪي پي ڪي اسيمبلي ۾ وزير اعظم خلاف ٺهراءُ منظور، مخالف ڌر جي نعريبازي

KPK Assembluپشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه اسيمبلي ٻيهر مڇي مارڪيٽ بڻجي وئي، وزير اعظم نواز شريف جي استعيفيٰ جو ٺهراءُ آڻڻ تي مخالف ڌر سخت احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي جنهن بعد اسپيڪر اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. اجلاس دوران وزير اعظم جي استعيفيٰ واري ٺهراءَ کي به منظور ڪيو ويو. خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ احتساب ڪميشن ايڪٽ ۾ ترميمي بل پيش ڪيو ويو جنهن تي مخالف ڌر احتجاج ڪيو. مخالف ڌر جو چوڻ هو ته حڪومت احتساب ڪميشن ايڪٽ جي حوالي سان اعتماد ۾ ناهي ورتو. حڪمران پارٽي جي ايم پي اي ڊاڪٽر علي حيدر وزير اعظم نواز شريف جي استعيفيٰ بابت ٺهراءُ آڻڻ پئي چاهيو جڏهن ته مخالف ڌر ڪي پي ڪي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ ۽ اسپيڪر جي استعيفيٰ جي لاءِ ٺهراءُ آڻڻ چاهيو جنهن تي شور شروع ٿيو ۽ ان دوران تحريڪ انصاف جي ميمبر ڊاڪٽر علي حدر وزير اعظم جي استعيفيٰ جي لاءِ ٺهراءُ پيش ڪري منظور ڪرايو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي رانديگرن کي تحفظ ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: وفاقي گهرو وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي