23 اڱارو , مئي 2017

اسپاٽ فڪسنگ ڪيس: ناصر جمشيد معطلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو

NASIRلاهور(اسپورٽس نيوز) ناصر جمشيد پي سي بي جي نوٽيس آف ڊيمانڊ تي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. ان تي پي سي بي اينٽي ڪرپشن يونٽ طرفان تحقيق ۾ عدم تعاون ۽ دير ڪرڻ جو الزام هنيو ويو آحي. ناصر جمشيد پنهنجي وڪيل ذريعي جواب جمع ڪرايو آهي جنهن ۾ ان پي سي بي طرفان پنهنجي عارضي معطلي کي چئلينج ڪندي چيو آهي ته معطلي سان ڪيريئر متاثر ٿي رهيو آهي. جواب ۾ هن جي وڪيل وڌيڪ چيو آهي ته پي سي بي جي حڪم تي برطانيا جي نيشنل ڪرائمز ايجنسي پهريان ئي تحقيق ڪري رهي آهي، پي سي بي جي انڪوائري سان اين سي اي جي انڪوائري متاثر ٿيندي. ان لاءِ اين سي اي جي تحقيق کانپوءِ پي سي بي تحقيق ڪري ته بهتر ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

sweden win

آئس هاڪي ورلڊ چيمپيئن شپ جو ٽائيٽل سويڊن کٽي ورتو

برلن (اسپورٽس نيوز) سويڊن جي ٽيم آئس هاڪي ورلڊ چيمپيئن شپ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي