25 آچر , جون 2017

بلوچستان ۾ شرپسندن جو ايف سي تي بم حملو، 4 اهلڪار شهيد، 3 زخمي

Blast Fileڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ دهشتگردن فرنٽيئر ڪور کي ريموٽ ڪنٽرول بم سان نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 4 ايف سي اهلڪار شهيدن جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا. سيڪيورٽي اختيارين جو چوڻ آهي ته اڻڄاتل شرپسندن فرنٽيئر ڪور جي قافلي کي مند تحصل ۾ نشانو بڻايو ۽ ريموٽ ڪنٽرول بم سان سندس گاڏي تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 4  جوان شهيد ۽ ٽي جوان زخمي ٿي پيا جڏهن ته ڌماڪي سبب سندن گاڏي مڪمل طور تباهه ٿي وئي. ڌماڪي سبب زخمي اهلڪارن کي تربت جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي سندن علاج جاري آهي. ٻئي پاسي بلوچستان جي وڏي وزير ثناءُ الله زهري شرپسندن جي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته شرپسندن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري انجام تائين پهچايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٻن سالن کان چئي رهيو آهيان ته ملڪ ۾ داعش موجود آهي: رحمان ملڪ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته ٻن سالن کان …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي