22 آچر , آڪٽوبر 2017

شرٽ تحفو: آفريدي جو ويرات ڪوهلي نالي پيغام

06ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي کي ويرات ڪوهلي تحفي ۾ شرٽ پيش ڪري وڏي دل هئڻ جو مظاهرو ڪيو هو ان تي شاهد آفريدي ويرات ڪوهلي ۽ ان جي ٽيم جا ٿورا مڃيا آهن. سماجي رابطن جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي پيغام ۾ آل رائونڊر شاهد آفريدي چيو آهي ته بهترين الوداعي تحفي تي مان اوهان جو ۽ پوري ڀارتي ٽيم جو شڪر گذار آهيان. اميد آهي ته اوهان سان جلد ملاقات ٿيندي. ياد رهي ته ويرات ڪوهلي رٽائر ٿيڻ واري پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان لاءِ نيڪ تمنائن جو ظهار ڪندي پنهنجي شرٽ تحفي ۾ پيش ڪئي هئي جنهن تي ڀارتي ٽيم جي رانديگرن جون صحيون موجود هيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل ٿري ۾ چيني ڪرڪيٽر به کيڏندا

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپرليگ لاءِ پشاور زلمي چيني ڪرڪيٽر جيان لي ۽ يوفي زانگ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي