25 اڱارو , اپريل 2017

يونس خان کي سندس ٽيم لاءِ سچائي ۽ بهترين راند سبب يونيڪ خان جو نالو ڏيڻ گهرجي: شعيب اختر

shoaib.اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر ۽ راولپنڊي ايڪسپريس شعيب اختر چيو آهي ته ملڪي ڪرڪيٽ، ٽيم لاءِ سچائي، ديانتداري ۽ بهترين راند تي منهنجي مطابق يونس خان کي يونيڪ خان جو نالو ڏيڻ گهرجي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اڳوڻي فاسٽ بالر چيو ته يونس خان ملڪي ڪرڪيٽ لاءِ ڪيتريون ئي خدمتون ڪيون جن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، يونس خان هميشه شاندار راند پيش ڪري انٽرنيشنل سطح تي مول ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو ۽ اسان سڀني کي ان جي ڪارنامن تي فخر آهي. شعيب اختر يونس خان جي عظمت کي سلام پيش ڪيو ۽ چيو ته عظيم بيٽسمين کي هڪ بهترين شخصيت ۽ سٺي اخلاق تي هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته يونس خان نوجوان رانديگرن لاءِ رول ماڊل آهي انهن کي گهرجي ته اهي به ان جي نقش قدم تي هلندي سٺي راند پيش ڪري بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جو نالو روشن ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistan's batsman Younis Khan kisses his helmet after reaching his 10,000th run in Test matches, on day three of the first Test match between West Indies and Pakistan at the Sabina Park in Kingston, Jamaica, on April 23, 2017. 
Khan is the first Pakistani batsman to reach the 10,000th Test run landmark.  / AFP PHOTO / Jewel SAMAD

يونس خان پاڪستان جو 10 هزار رنسون ٺاهيندڙ پهريون ۽ دنيا جو 13 هون بيٽسمين بڻجي ويو

ڪنگسٽن(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي بهترين بيٽسمين يونس خان ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي