22 اڱارو , آگسٽ 2017

ويرات ڪوهلي ۽ اشيش نهرا ڪنجوس آهن، مرلي ڌرن ڊيڄاريندڙ بالر هو: يووراج سنگهه

0ممبئي(اسپورٽس نيوز) هڪ انٽرويو ۾ ڀارتي بيٽسمين يووراج سنگهه چيو آهي ته ٽيم ۾ ڪيترائي رانديگر ڪنجوس آهن ۽ انهن ۾ سينيئرن جو تعداد وڌيڪ آهي، کائڻ يا گهمڻ لاءِ وڃون ته ڪوبه هڪ رقم ادا ڪندو آهي پر ڪيترائي ڪرڪيٽر بحث ڪرڻ ۾ لڳي ويندا آهن ته هتي تون پئسا ڏي ته ٻي جڳهه تي مان ڏئي ڇڏيندس. يووراج سنگهه جو چوڻ هو ته سينيئرن جا نالا وٺڻ مناسب نٿو سمجهان پر هڪ مثال ڏيان ٿو ته ويرات ڪوهلي سڀ کان وڏو ڪنجوس آحي، جڏهن به ڪٿي ٻاهر ماني کائڻ ويندا آهيون ته بل مان ئي ادا ڪندو آهيان، اشيش نهرا به ڪڏهن ڪڏهن ڪنجوسي تي لهي ايندو آهي، شادي کانپوءِ مان مان ان کي اڪثر ايئن چوندي ٻڌو آهي ته منهنجي گهر واري ۽ ٻار موجود آهن ۽ انهن جون ضرورتون به پوريون ڪرڻيون آهن ايڏي وڏي رقم نٿو خرچ ڪري سگهان. ان کان علاوه يووراج سنگهه مرلي ڌرن کي خوفناڪ بالر قرار ڏيندي چيو ته ان جي رنگ ۽ اکين سان گڏ بالنگ به ڊيڄاريندڙ هئي، ان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو ته مان سندس ٿورا مڃيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سياست ڪري مونکي ختم نه ڪيو وڃي، مڪي آرٿر ڊمي ٽيسٽ وٺي ان فٽ قرار ڏنو: عمر اڪمل

لاهور(اسپورٽس نيوز) مڪي آرٿر ۽ عمر اڪمل وچ ۾ تڪرار ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي