26 جمعو , مئي 2017

بگ ٿري جي خاتمي جون ڳالهيون، ڀارت پاران چيمپينز ٽرافي کان بائيڪاٽ

03نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل (آءِ سي سي) طرفان بگ ٿري جي خاتمي جي ڪوششن تي ڀارتي ڪرڪرٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) سخت موقف اختيار ڪندي پنهنجي خلاف ايندڙ فيصلي تي چيمپئنز ٽرافي جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هلندڙ سال آءِ سي سي جي ورڪنگ گروپ طرفان آئيني ۽ مالي معاملن ۾ تبديلين جي سفارش ڪئي وئي جنهن کي آءِ سي سي بورڊ قبول ڪندي تبديلين تي غور ۽ ميمبرن کي شامل ڪرڻ لاءِ اپريل ۾ ٿيڻ واري بورڊ جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو هو. ان سلسلي ۾ اجلاس هلندڙ مهيني 24 اپريل تي ٿيندو جنهن تحت ممڪن آهي ته بگ ٿري جي خاتمي جي منظوري ڏني ويندي. آءِ سي سي 2014ع ۾ ٽن ملڪن ڀارت، آسٽريليا ۽ انگلينڊ تي مشتمل بگ ٿري جو هڪ مضبوط نظام قائم ڪيو هو جنهن کي آءِ سي سي کان گهڻو فائدو حاصل ٿي رهيو هو پر هاڻي ان تي ڪرڪيٽ جي غيرجانبدار حلقن طرفان شديد تنقيد ڪئي وئي ان نظام تحت مالي ۽ انتظامي معاملن جا گهڻا اختيار ڀارت، آسٽريليا ۽ انگلينڊ وٽ هئا ۽ وڌندڙ ٽي وي رائٽس، آءِ پي ايل ۽ ٻين سببن ڪري ان منصوبي جو سڀ کان وڌيڪ فائدو ڀارت کنيو. ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي آءِ سي سي جي ورڪنگ گروپ ان کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر ان صورت ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان بي سي سي آءِ جو ٿيندو جنهن سبب ان هاڻي کان ئي منصوبي خلاف پروپيگنڊا شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان معاملي تي بي سي سي آءِ جو جنرل اجلاس ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انڊيا آءِ سي سي جي نئين آئين جي مخالفت ڪندو جنهن ۾ هندستان جو مالي حصو گهٽ ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

HARIS SOHAIL

حارث سهيل پاڪستان ٽيم کي برمنگهم ۾ جوائن ڪري ورتو

برمنگهم(اسپورٽس نيوز) عمر اڪمل جي ان فٽ ٿيڻ کانپوءِ چئمپينز ٽرافي اسڪواڊ ۾ شامل ٿيڻ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي