28 اربع , جون 2017

اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل ۾ شاهه زيب تي فرم جرم لاڳو

01لاهور(ويب ڊيسڪ) اينٽي ڪرپشن ٽربيونل اسپاٽ فڪسنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران شاهزيب حسن تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي خلاف ورزي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان قائم ڪيل اينٽي ڪرپشن ٽربيونل پريس رليز ۾ ٻڌايو ته نيشڻل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ اينٽي ڪرپشن ٽربيونل اسپاٽ فڪسنگ ڪيس جي شروعاتي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ شاهه زيب حسن تي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) دوران بڪيز سان رابطو ڪرڻ بابت پي سي بي کي آگاهه نه ڪرڻ تي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ ڪي جي خلاف ورزي قرار ڏنو ويو ۽ ان ڏوهه ۾ ان مٿان فرد جرم لاڳو ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران ڪميٽي جي چيئرمين جسٽس اصغر حيدر، ڪميٽي جي ميمبرن ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ توقير ضيا ۽ وسيم باري به موجود هو جڏهن ته اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ ملوث شاهه زيب حسن ۽ ان جي وڪيل بيرسٽر ملڪ ڪاش رجوانه پيش ٿيو. ان کان علاوه پي سي بي ويجيلينس ۽ سيڪيورٽي ڊپارٽمينٽ جي سربراهه ڪرنل ريٽائرڊ محمد اعظم خان به ان موقعي تي موجود هو. ٽربيونل ٻنهي ڌرين کان مشوري کانپوءِ اينٽي ڪرپشن ڪوڊ تحٽ ڪيس جي وقت ۽ طريقيڪار تي رضامند ٿيو آهي. جڏهن ته پي سي بي شروعاتي تفصيل ۽ شاهدن سان گڏ موجود دعوائن کي 4 مئي 2017ع تي ٽربيونل ۾ جمعا ڪرايو ويو. پريس رليز مطابق شاهه حسن کي 18 مئي 2017ع تائين پنهنجا جواب داخل ڪرائڻ جو موقعو ڏنو ويندو جنهن کانپوءِ پي سي بي کي 25 مئي تائين پنهنجي صوابديد تي جواب جمع ڪرائڻ جي اجازت هوندي. پريس رليز ۾ اهو به چيو ويو ته پي سي بي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ ڪي تحت ڪيس جي ٻڌڻي کي خفيه رکڻ جي ضرورت آهي ۽ ٻنهي ڌرين طرفان ان ڪيس يا ان ڪارروائي تي ڪنهن به قسم جو تبصرو نه ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اي بي ڊي ويليئرز جو ڊگهو ڇڪو، بال درياهه ۾ وڃي پيو

ٽائونٽن(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ خلاف ٻي ٽوئنٽي 20 ميچ ۾ ڏکڻ آفريقي ڪپتان اي بي ڊيويليئرز …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي