22 آچر , آڪٽوبر 2017

عمران خان جي تصوير گڏ کڻي سمهندي آهيان، ساڻس شادي ٿي وڃي ته زندگي ۾ بهار اچي ويندي: عيني خان

ANNIE KHANپشاور(شوبز نيوز) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان پشاور جي مقامي اداڪارا ۽ ڳائڻي عيني خان شادي جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي. عمران خان سان شادي ٿي وڃي ته زندگي ۾ بهار اچي وڃي. عمران خان جي تصويرن ۽ بيٽ بال کي گڏ کڻي سمهندي آهيان. هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان سان بي پناهه محبت ڪندي آهيان ۽ ان سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿي جيڪڏهن عمران خان شادي لاءِ ها ڪري ته منهنجي زندگي ۾ بهار اچي ويندي. ان چيو ته عمران خان سان ايتري محبت ڪندي آهيان جو رات جو سمهڻ وقت خان صاحب جي تصوير ۽ بيٽ بال پاڻ سان گڏ کڻي سمهندي آهيان ۽ پنهنجي ڪمري کي عمران خان جي تصويرن سان سجايو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فلم ”ڊر“ مان گهڻا سوال ڪرڻ سبب ڪڍيو ويو هو: عامر خان

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ اسٽار شاهه رخ خان جي ڪامياب فلم ”ڊر“ ته سڀني کي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي