19 ڇنڇر , آگسٽ 2017

منهنجي ۽ شاهه رخ جي سوچ ملندڙ جلندڙ آهي: انوشڪا شرما

anoshka and shahrukhممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما ڪنگ خان جي بيحد ديواني آهي ۽ ڀارتي فلم انڊسٽري جي سپراسٽار کي هو پنهنجو بهترين ساٿي اداڪار به سمجهندي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪنگ خان سان گڏ پنهنجي فني ڪيريئر جو آغاز ڪندڙ بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنگ خان سان گڏ هدايتڪار امتياز علي جي فلم ۾ جلوه گر ٿيندي، اداڪارا کان جڏهن شاهه رخ خان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي حوالي سان پڇيو ويو ته سندس چوڻ هو شاهه رخ سندس نظر ۾ بهترين ساٿي اداڪار آهي ۽ اسان جي سوچ به هڪ ٻئي سان گهڻي ملندي جهلندي آهي، هن چيو ته شاهه رخ مطالعي جي شوق سبب هر موضوع تي ڳالهائي سگهي ٿو ۽ ان ڪري اسان ٻئي پاڻ ۾ ڪيترن ئي موضوعن تي ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪندا آهيون، جڏهن ته ٻين اداڪارن جي اهڙي عادت ناهي، اداڪارا چيو ته ڪنگ خان سان گڏ گپ شپ تمام سٺي لڳندي آهي ۽ ڪم دوران ان جو جوش عروج تي هوندو آهي، جيڪو هر ڪنهن کي متاثر ڪندوآهي، جڏهن ته امتياز علي جي فلم جي شوٽنگ دوران به سپر اسٽار سان گڏ ڪم ڪري ڏاڍو سٺو لڳو، اداڪارا جي ڪنگ خان سان گڏ هي ٽين فلم آهي، جيئن ته ان کان اڳ ”رب ني بنادي جوڙي“ ۽ ”جب تڪ هي جان“ ۾ به شاهه رخ سان گڏ ڪم ڪري چڪي آهي. واضح رهي ته هدايتڪار امتياز علي جي فلم ۾ شاهه رخ خان ۽ انوشڪا شرما مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندا ۽ فلم 11 آگسٽ تي سئنيما گهرن جي زينت بڻجندي، جڏهن ته فلم پهرين ئي ڊسٽري بيوشن رائٽس جي ڀيٽ ۾ 125 ڪروڙ ڪمائي چڪي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغاني ڳائڻي آريانا کي سوشل ميڊيا تي خودڪش ڌماڪي سان اڏائڻ جون ڌمڪيون

ڪابل(شوبز نيوز) ناليواري افغاني ڳائڻي آريانا سيد جي افغانستان جي جشن آزادي جي موقعي تي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي