23 اربع , مئي 2018

سپريم ڪورٽ کي ڪنهن چونڊيل ميمبر کي عهدي تان هٽائڻ جو اختيار ناهي: راجا ظفرالحق

Raja Zafarul haqاسلام آباد (ويب ڊيسڪ): سينيٽ ۾ قائد ايوان راجا ظفرالحق جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي اڪثريتي ججز جو اعتراف آهي ته عدالت عظميٰ کي به پاڪستاني آئين جي آرٽيڪل 3/184 تحت اهو اختيار حاصل ناهي ته اها ڪنهن چونڊيل شخص کي ان جي عهدي تان برطرف ڪري يا ڪنهن جي رڪنيت معطل ڪري، قومي اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ (ن) اڳواڻ ۽ سينيٽ ۾ قائد ايوان راجا ظفرالحق جو چوڻ هو ته سينيٽ ۾ اڪثريتي اپوزيشن پنهنجي ئي چونڊيل سينيٽ چيئرمين جي ڳالهه ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ان جي حڪمن کي هوا ۾ اڏاري ڇڏيو، جنهن تي سينيٽ چيئرمين کي مجبور ٿي اجلاس ملتوي ڪرڻو پيو، سندس چوڻ هو ته اپوزيشن جو عدم برداشت وارو رويو اڄ جي ڳالهه ناهي ۽ نه ئي ان جو تعلق سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان آهي پر 2013 جي عام چونڊن ۾ به انهن جو اهو رويو انهن جي ڪاميابيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ ۽ انهن جي شڪست جو سبب بڻيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت جي بنا سبب فائرنگ، هڪ شهري شهيد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) جنگي جنون ۾ مبتلا ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ورڪنگ بائونڊري تي بنا سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے