27 خميس , اپريل 2017

جج صاحب ٺيڪ چيو ”فيصلو وڏو عرصو ياد رهندو“: اعتزاز احسن

Aitzazاسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته جج صاحب ٺيڪ چيو هيو ته پاناما ڪيس جو فيصلو به وڏي عرصي تائين ياد رهندو، اهو فيصلو مولوي تميزالدين ڪيس وانگر وڏي عرصي تائين ياد رکيو ويندو، پارليامينٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته تميزالدين ڪيس ۾ جسٽس منير جو فيصلو به اڄ تائين ياد آهي، ان وقت به جسٽس منير ۽ ڪارنيليئس ڌار ڌار بيٺا هئا، اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته شريف خاندان لاءِ سپريم ڪورٽ جي روايت هميشه نرم رهي آهي، لنڊن ملڪيتن جي مرڪزي ڪردار مريم نواز کي ڇڏي ڏنو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Nawaz & Mehmoo

وفاقي حڪومت بلوچستان جي مسئلن تي ڌيان ڏئي رهي آهي: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي مسئلن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي