25 اڱارو , جولاءِ 2017

نواز شريف ادارن، جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي بچائڻ لاءِ استعيفيٰ ڏئي: خورشيد شاهه

Khurshed shahاسلام آباد (ويب ڊيسڪ): قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته نواز شريف ادارن، جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي بچائڻ لاءِ استعيفيٰ ڏئي ۽ هاڻي اهو ان تي آهي ته اهو ادارن کي بچائڻ چاهي ٿو يا اقتدار جي جنگ وڙهڻ چاهي ٿو، پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته جڏهن پارليامينٽ تي خراب وقت آيو، پارليامينٽ ۽ جمهوريت ڪمزور ٿي رهيا هئا ۽ حڪمران استعيفيٰ ڏئي رهيا هئا ته پيپلز پارٽي نواز شريف کي چيو ته استعيفيٰ ڏيڻ جي ضرورت ناهي، ڇو ته ان سان پارليامينٽ ۽ جمهوريت ڪمزور ٿيندي، اسان کي هميشه فرينڊلي اپوزيشن جو طعنو ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته اسان نواز شريف کي بچائي رهيا آهيون پر وقت ثابت ڪيو ته اسان هميشه جمهوريت ۽ ادارن جو ساٿ ڏنو، ادارا رياست ۽ پاڪستان جي عوام جي طاقت آهن، سندس چوڻ هو ته ڪالهه اداري کلي ڪري فيصلو ڏنو آهي پر افسوس جيڪڏهن ڪو ڳالهه نٿو سمجهي، يا طاقت جي زور تي نٿو مڃي ته پوءِ اسان جي مجبوري آهي ۽ اسان کي احتجاج ڪرڻو پئجي رهيو آهي، ڪالهه سپريم ڪورٽ جي 2 ججز واضح فيصلو ڏنو پر باقي ججز اهو نه چيو ته ان ڳالهه سان متفق ناهيون پر انهن رڳو جي آءِ ٽي بڻائڻ جو چيو، جي آءِ ٽي اسان جي لاءِ شرم جي ڳالهه آهي، 19 گريڊ جي آفيسر کي چيو ويو آهي ته جنهن کان تون پگهار کڻندو آهين، ان جي جاچ ڪر، اها ڪهڙي جاچ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

لاهور ڌماڪي سبب سوڳ، شهيدن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، ڪيس داخل

لاهور( ويب ڊيسڪ ) لاهور ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جي تدفين جو سلسلو جاري …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي