28 اربع , جون 2017

عوامي آواز : خراب حڪمراني وڏو مسئلو آهي، وڏيرا مرضي سان پاڻي استعمال پيا ڪن: جلال شاهه | پروگرام : اڄ جو سوال

حڪمران پاڻي کپائيندا ته عوام کي ڪيئن ملندو، آدمشماري ۾ هر شهري جو ڳڻجڻ وقت جي ضرورت آهي

ٻاهران آيلن کي حڪمران ڳڻائڻ چاهن ٿا، آدمشماري ۾ سندن ڳڻپ ڌار خاني ۾ ٿيڻ گهرجي: عبدالخالق جوڻيجو

پ پ متحده جي چوڻ تي 2010ع ۾ آيل سنڌين کي ڪراچي مان ڪڍي ڇڏيو: جسم سربراهه جون عوامي آواز ٽي وي پروگرام ”اڄ جو سوال “ ۾ ڳالهيون

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سربراهه جلال محمود شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ وڏو مسئلو خراب حڪمراني آهي. حڪمران پاڻي کپائيندا ته عوام کي ڪيئن ملندو. اهڙو اظهار هن  عوامي آواز ٽي وي پروگرام ”اڄ جو سوال“ ۾ فون تي ڳالهائيندي ڪيو. ميزبان ذوالفقار واهوچو سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو آدمشماري جو آهي، ڳوٺ ڳوٺ وسندي وسندي پهچي ماڻهن کي پاڻ ڳڻائڻ لاءِ چئي رهيا آهيون. پهرين مرحلي جي آدمشماري مان گهڻي ڀاڱي مطمئن آهيون، ڪجهه خرابيون به ٿيون آهن، گهوٽڪي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن نقشا درست ناهن ٺاهيا. ڪيترا علائقا رهجي ويا آهن، هن چيو ته هڪ ته پنجاب وارا پاڻي گهٽ ڇڏن ٿا ٻيو سنڌ جا وڏيرا جاگيردار مرضي سان پاڻي استعمال ڪن ٿا.  هن چيو ته سياسي جماعت جو ڪم آواز اٿارڻ آهي، عوام ساٿ ڏيندو ته حڪومت مجبور ٿي پوندي. مايوس ٿيڻ وارا ناهيون. پروگرام ۾ ڳالهائيندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين ۽ قانوندان  عبدالخالق جوڻيجو چيو ته سنڌ کي آدمشماري ۾ وڏو خطرو سياسي فيصلن مان آهي. حڪمران ٻاهران آيل ماڻهو سنڌ تي مڙهن ٿا، سنڌ کان ٻاهران آيل ماڻهن جي ڳڻپ جدا خاني ۾ ٿيڻ گهرجي. ٻاهران آيلن کي ووٽ ۽ پراپرٽي جو حق نه هئڻ گهرجي.  سالن کان رهندڙن کي سنڌي ڳڻيو وڃڻ گهرجي، ٻولي جيڪا به لکرائي هن چيو ته سياستدان ايندڙ اليڪشن لاءِ جڏهن ته مدبر ايندڙ نسلن لاءِ سوچيندو آهي جيڪي هندو پاڪستان ٺهڻ وقت لڏي ويا اگر سنڌ موٽي اچن ته انهن کي سنڌ جو رهاڪو هئڻ جو حق ملڻ گهرجي جي 1948 کان وٺي فلسطين جا ماڻهو مختلف ملڪن ۾ رهن ٿا پر جڏهن به فلسطين آزاد ٿيندو موٽي اچي فلسطيني سڏائيندا. ڪراچي ۾ سنڌين کي آباد نه ٿيڻ ڏيڻ جي ذميوار پيپلزپارٽي آهي. 2010ع ۾ لکين آيل ماڻهن کي پ پ وارن ايم ڪيو ايم جو چوڻ تي ڀڄائي ڪڍيو، پيپلزپارٽي وارن جي سرپرستي ۾ ئي گلگتي ۽ پٺاڻن کي ڳوٺ ٺاهي آباد ڪيو ويو. ڪراچي ۾ ڌاريو ماڻهو سنڌين کان وڌيڪ آهي. گجراتي، ڪڇي، مارواڙي، بوهري، سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو آهن. اها قومپرستن جي ناڪامي آهي انهن کي پاڻ سان ڳنڍي نه سگهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز|نيوز بليٽن پهريون

 ڪيترن ئي شهرن ۾ وسڪارو،گرمي جو زور ٽٽي ويو  سنڌ جي اڪثر  شهرن ۾ وسڪاري …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي