22 منگل , مئی 2018

وزيراعظم تي الزام لڳائڻ وارن کي سپريم ڪورٽ کان جواب ملي ويو: مريم اورنگزيب

Maryamاسلام آباد (ويب ڊيسڪ): مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان وزيراعظم خلاف الزام کڻي سپريم ڪورٽ ويو هيو، پر گذريل ڏينهن عدالت مان جواب ملي ويو ۽ نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر سرخرو ٿيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته نواز شريف ايندڙ نسلن کي سي پيڪ جو تحفو ڏنو ۽ ان منصوبي کي دنيا خطي لاءِ گيم چينجر جو نالو ڏئي رهي آهي، جڏهن ته پاڪستاني صنعت تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، پاڪستان هن وقت عالمي سرمائيدارن لاءِ پرڪشش ملڪ بڻجي چڪو آهي، هن چيو ته پوڻن چئن سالن ۾ بجلي جا جيترا پراجيڪٽ لڳا، اوترا ماضي ۾ ڪڏهن به ناهن لڳا ۽ اڄ صنعتي زون ۾ زيرو لوڊشيڊنگ آهي، ملڪ ۾ خوشحالي ۽ ترقي آئي ته پاڪستان جو دشمن بيچين ٿي ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف رڳو ٻن سوالن جا جواب ڏئي ڇڏي ته ڪيس حل ٿي ويندو: تحريڪ انصاف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو آهي ته نواز شريف رڳو ٻن سوالن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے