22 منگل , مئی 2018

پاڪستان 30 لک کان وڌيڪ مهاجرن جو بار برداشت ڪندو رهيو آهي: اسحاق ڊار

Ishaq darواشنگٽن (ويب ڊيسڪ): ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان 30 لک کان وڌيڪ مهاجرن جو بار برداشت ڪندو رهيو آهي، هن چيو ته خطي ۾ امن ۽ پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻن لاڳاپن جي پاليسي تي عمل ڪري رهيا آهيون، پاڪستان نئين آمريڪي انتظاميا سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڏهاڪن تي مشتمل ڀائيواري آهي، ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته آپريشن بعد 75 سيڪڙو ماڻهو واپس وڃي چڪا آهن، فاٽا آپريشن سبب 13 لک ماڻهن لڏپلاڻ ڪئي، هن چيو ته آمريڪا سان دفاع ۽ معيشت سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، پاڪستان ۾ سرمائيدارن کي مڪمل تحفظ حاصل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف رڳو ٻن سوالن جا جواب ڏئي ڇڏي ته ڪيس حل ٿي ويندو: تحريڪ انصاف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو آهي ته نواز شريف رڳو ٻن سوالن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے