23 جمعہ , فروری 2018

پيرس فائرنگ واقعي جي داعش ذميواري قبولي ورتي

Parisپيرس (ويب ڊيسڪ): پيرس جي مشهور شاهراهه ليزي تي فائرنگ سان 2 پوليس اهلڪار مارجي ويا، فرانسيسي صدر فرانسوار اولاند ان واقعي کي دهشتگردي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، دهشتگرد تنظيم داعش واقعي جي ذميواري قبولي ورتي آهي، خوشبوئن جو شهر پيرس هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جو نشانو بڻجي ويو، گذريل رات پيرس جي مشهور شاهراهه شانز ليزي تي فائرنگ ۾ 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا، جن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، ڪارروائي ۾ حملو ڪندڙ به مارجي  ويو، پراسيڪيوٽر موجب حملو ڪندڙ جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، پر اڃا سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي وئي، جڏهن ته شاهراهه تي واقع دڪان ۽ ريسٽورنٽ به بند ڪرائي ڇڏيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحافيءَ ٻار کي جنم ڏيندي ريڊيو شو جي ميزباني ڪئي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾هڪ ريڊيو پروگرام جي ميزبان پنهنجي شو دوران ٻار کي جنم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے