23 ڇنڇر , سيپٽمبر 2017

سمورين سياسي جماعتن کي ريليءَ ۾ شرڪت جي دعوت ڏيان ٿو: فاروق ستار

Farooq sattarڪراچي (ويب ڊيسڪ): ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته جماعت اسلامي، پي ٽي آءِ، پي ايس پي سمورين جماعتن کي ريلي ۾ شرڪت جي دعوت آهي، پي ايس پي اڳواڻن ايم ڪيو ايم جي ريلي جي حمايت ڪئي آهي، ڪراچي جي عوام کي پنهنجي اختيارن لاءِ پاڻ ٻاهر نڪرڻو پوندو، هن چيو ته مختلف هنڌن تي ايم ڪيو ايم اڳواڻن اجلاس شروع ڪري ڇڏيا آهن، ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته سنڌ جو شهري عوام 23 اپريل تي ايم ڪيو ايم جي ريلي ۾ لازمي شريڪ ٿئي، ريليءَ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، هن چيو ته وائيٽ پيپر ۾ پ پ جو ڪارو چهرو سامهون آندو، سرڪلر ريلوي، ڪي فور، ترقياتي منصوبن کي ردي جي ٽوڪري ۾ وڌو ويو هيو، لاهور م ميٽرو ٽرين ۽ ڪراچي ۾ هڪ سرڪاري بس ناهي، اڄ به ڪراچي جو 80 سيڪڙو ووٽ ايم ڪيو ايم سان گڏ آهي، اسان عوام کي مايوس نه ڪنداسين، هن چيو ته ضرورت پئي ته جلد وزيراعليٰ هائوس جو گهيرو به ڪنداسين، اسان ريليءَ جي اجازت گهري آهي، اسان تشدد جو رستو هرگز اختيار نه ڪنداسين، هن چيو ته ريليءَ ۾ عوام کان اڳتي جي حڪمت عملي بابت راءِ به وٺنداسين، سياست ۾ دشمني جا قائل نه آهيون، فاروق ستار چيو ته سمورين سياسي جماعتن کي ريليءَ ۾ شرڪت جي دعوت ڏيان ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف کي سياست مان بي دخل ڪرڻ جي سازش ٻيهر ناڪام ٿي وئي: سعد رفيق

لاهور (ويب ڊيسڪ): وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته نواز شريف کي سياست …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي