27 خميس , اپريل 2017

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج خلا ف شاگردن جو احتجاج  ڇهين ڏينهن به جاري

Kashmirسري نگر (ويب ڊيسڪ): والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن خلاف ڪشميري شاگردن جو احتجاج ڇهين ڏينهن به جاري آهي ۽ پوري وادي ۾ شاگرد مظاهرا ڪري رهيا آهن، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن خلاف ڪشميرين جي جدوجهد هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ تيز ٿيندي ٿي وڃي ۽ احتجاج جو دائرو نوجوانن سان ڀريل اسڪول، ڪاليجن جي ٻارن تائين پکڙجي ويو آهي، قابض فوج هٿان نوجوان جي قتل خلاف وادي ۾ شاگرد جو احتجاج اڄ ڇهين ڏينهن به جاري آهي،  وادي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ شاگردن پاران ريليون ڪڍيون پيون وڃن‏، جن ۾ ڪشميري نوجوانن کان سواءِ عورتون ۽ بزرگ ڪشميري به وڏي انگ ۾ حصو وٺي رهيا آهن، شاگردن جي احتجاج سبب وادي ۾ ڪاليج، يونيورسٽين ۽ اسڪولن تدريسي عمل معطل ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي پاسي چيئرمين آل پارٽيز حريت ڪانفرنس علي گيلاني ڀارتي حڪومت کي ڪشميري نوجوانن جي خواهشن جو احترام ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Asia Andrabi

ڀارتي فوج حريت اڳواڻ آسيا اندرابي کي گرفتار ڪري ورتو

سرينگر(ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾  قابض ڀارتي فوج طرفان معصوم ڪشميرين تي ظلم شدت اختيار …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي