19 خميس , آڪٽوبر 2017

عوامي آواز رپورٽ | جوهي : آدم شماري بابت جاڳرتا مهم جو سلسلو تيز

ڇهين گهرشماري جو  ٻيو مرحلو 25 اپريل کان شروع ٿي رهيو آهي جنهن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سنڌ دوست ڌرين جون ڪوششون به جاري آهن.

جوهي ۾ عبدالمجيد جمالي جي اڳواڻي ۾ ڪائونسلرز شهر جي سڃاڻ ڌرين جوهي شهر جي مختلف بازارن م دڪانن. ريڙهي وارن جيل جي قيدين. سرڪاري آفيسن. پورهيتن هوٽلن م موجود مسافرن بس ۽ وين اڏن. فقيرن معذورن. عورتن. اسڪولي شاگردن پوليس کاتي جي اهلڪارن ۾ جاڳرتا پمفليٽ هينڊ بل تقسيم ڪري رهواسين کي آدم شماري مهم م ڀرپور نموني حصو وٺڻ بابت آگاهي ڏني

 ان موقعي تي ميونسپل ڪميٽي جوهي جي چيئرمين عبدالمجيد جمالي. وائيس چيئرمين  غلام حسين ٿهيم. پ پ يوٿ جي اعجاز جمالي. پ پ جي اڳوڻي سٽي صدر جان محمد پهوڙ عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته گهر شماري سنڌ جي رهواسين جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي هتي رهندڙ سمورين ماڻهن کي هن مهم وسيلي اهو ٻڌايو پيو وڃي ته هو هر صورت م گهرشماري آدمشماري ڪرائين ان موقعي تي عوام کي اها اپيل پڻ ڪئي وئي ته ٻولي واري خاني ۾مادري زبان سنڌي لکرائي وڃي .

ان موقعي تي جوهي جي شهرين توڙي ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن پاران هو وچن پرجايو ويو ته آدمشماري کي قومي فرض سمجهي ان ۾ ڀرپور نموني سان حصو ورتو ويندو

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز بريڪنگ نيوز | ايون فيلڊ ريفرينس ۾ ميان نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (رٽائرڊ ) صفدر تي فرد جرم لاڳو

ايون فيلڊ ريفرينس ۾ ميان نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (رٽائرڊ ) صفدر تي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي