27 خميس , اپريل 2017

 بدين ۾ غربت سبب يونيفارم نه وٺندڙ ٻار اسڪول کان ٻاهر، نياڻين جو مستقبل داءَ تي

Badin Chaildبدين(ويب ڊيسڪ) بدين  ۾ استاد اسڪولي يونيفارم جو سبب ڄاڻائي پورهيت جي نياڻين کي اسڪول مان نيڪالي ڏئي ڇڏي جنهن بعد غريب پورهيت پنهنجين نياڻين سميت احتجاج ڪيو. نياڻي جي والد احتجاج ڪندي چيو ته نياڻين جو مستقبل اونداهون ٿيڻ کان بچايو وڃي.  وارڊ نمبر 3 کوسڪي روڊ ڀر سان رھندڙ پورھيت جاني ملاح پنھنجن ٽن نياڻين فضا، زينب ۽ شگفتا سميت احتجاج ڪندي چيو آهي ته سندس نياڻيون غريب آباد پرائمري اسڪول ۾ ٽين درجي ۾ پڙھن ٿيون  هن ٻڌايوته  ھيڊ ماستر عبدالمبين ملاح  نياڻين کي اسڪول يونيفارم نه ھجڻ سبب ڄاڻائي  اسڪول مان بيدخل ڪري ڇڏيو آھي  ھن چيو ته پھرين درجي ۾ پڙھندڙ منھنجو معصوم نياڻيون ھن وقت تعليم کان محروم ڪيو ويون آهن. پورهيت سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي واهر جي اپيل ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Nawaz & Mehmoo

وفاقي حڪومت بلوچستان جي مسئلن تي ڌيان ڏئي رهي آهي: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي مسئلن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي