20 خميس , سيپٽمبر 2018

پنهنجي چپن کي خشڪي کان بچائڻ جو طريقو

57cf1ac8-2e1b-4033-9ee1-46ae0c0ccbd0ڪراچي(ع آ نيوز)پاڻي جي گهٽتائي، سگريٽ پيئڻ، غذائي کوٽ ۽ مخصوص دوائن جي استعمال سان چپ خشڪ ٿي ويندا آهن. خاص ڪري سياري جي موسم ۾ اهو مسئلو اڪثر ٿيندو آهي. پنهنجي چپن کي خشڪي کان بچائڻ لاءِ چپن تي ماکي هڻي ان جي مٿان ويزلين لڳايو ۽ 10 کان 15 منٽن تائين لڳائي ڇڏيو. ٿوري دير کان پوءِ پسيل ڪپهه سان صاف ڪيو ۽ ساڳيو عمل هڪ هفتي تائين جاري رکو. يا ٻيو طريقو اهو به آهي ته 2 چمچا کنڊ ۾ چند قطرا زيتون جو تيل ملايو ۽ اڌ چمچو ماکي ملائي تقريبن پنجن منٽن تائين ڇڏي ڏيو. ان کان پوءِ پنهنجن چپن تي سٺي طرح لڳايو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽماٽو اسڪن ڪيئر لاءِ به بهترين ميوو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٽماٽو روز مرهه جي غذا جو اهم جز آهي ۽ کائڻ جي ذائقي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے